روحانيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

روحانيت __(Spiritualism):


روحانيت هڪ عقيدو آهي ته مري ويل ماڻهن جا روح زنده آهن ۽ اهي روحاني دنيا (جنت) ۾ رهن ٿا ۽ اهي زنده ماڻهن کي ڏسن ٿا ۽ رابطو به ڪري سگهن ٿا. اڻويهين صديءَ ۾ ايلن ڪارڊڪ (1804-1869ع) ۽ ٻين يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن عقيدي کي گهڻو ڦهلايو ويو. هن نظرئي مطابق انسان ان حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اندروني يا باطني راهه ذريعي پنهنجي وجود جي جوهر کي ڄاڻي سگهي ٿو. اهڙي باطني قوت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس مراقبو (Meditation)، عبادت ۽ غور ۽ فڪر (Contemplation) ڪرڻا پوندا آهن، جنهن کان پوءِ هو پاڻ سڃاڻڻ ذريعي ٻين انسانن يعني انسانيت، فطرت ۽ ڪائنات سا الاهي دنيا (Divine Realm) سان جڙندو آهي. صوفي مت سان روحانيت جو ويجهو تعلق آهي، ڇو جو روحانيت اهڙو عمل آهي، جيڪو مادي دنيا جي خواهشن کان پاڪ هجي ٿو، جنهن ۾ روحاني تقاضائون پوريون ٿين ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي