خادم جسڪاڻي
خادم جسڪاڻي (انگريزي:Khadim Jiskani) سنڌ پاڪستان۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر آهي.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]خادم حسين جسڪاڻي سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي شھر جوهي ۾ ﷲ بخش جسڪاڻي جي گهر ۾ 20 جولاءِ 1975ع تي جنم ورتو.[2]
تعليم
[سنواريو]خادم جسڪاڻي پرائيمري تعليم کان سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر جوهي مان حاصل ڪئي. انٽر سائنس استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين ۽ اليڪٽرانڪس ۾ ڊپلوما ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد منجهان 1997ع ۾ پاس ڪيائين.[2]
شاعري
[سنواريو]خادم جسڪاڻي شاعري جي شروعات سال 1990ع ۾ ڪئي. سندس شاعري مختلف معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. جن ۾ ڪاوش مئگزين، عبرت مئگزين ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ٽماهي مهراڻ قابل ذڪر آهن.خادم جسڪاڻيءَ جي شاعري شاعرن جي گڏيل ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ پڻ شامل آهي.[3] هن سنڌي شاعريءَ جي مختلف جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.[4][5][6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "سنڌي ادبي سنگت جو مقصد", sindhiadabisangatsindh.com, حاصل ڪيل 06 جنوري 2020۔
- 1 2 "Poets and writers", Aziz Kingrani (انگريزي ٻولي ۾), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 06 جنوري 2020۔
- ↑ "يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari): وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس", يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari), 10 مئي 2019, حاصل ڪيل 06 جنوري 2020۔
- ↑ "امن مشاعري ۽ ايوارڊ تقريب جو اکي", www.sindhiadabisangatsindh.com, حاصل ڪيل 06 جنوري 2020۔
- ↑ "دادو، جوہی، کے این شاہ، نواب شاہ اور شہداکوٹ میں تقاریب", Pakistan Trade Union Defence Campaign (en-US ٻولي ۾), حاصل ڪيل 06 جنوري 2020۔
- ↑ "جوهي ۾ ڪهاڻيڪار سائين بخش رند جي پهرين ورسي، لفظن جي ڀيٽا", Awami Awaz (اردو ٻولي ۾), 24 فيبروري 2020, حاصل ڪيل 09 مارچ 2020۔