سُڳنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(خوشبو کان چوريل)

سُڳنڌ , خوشبو جو استعمال ڪنھن بہ تھذيب جي دلڪشي ۽ شائستگي جو پيمانو ھوندو آھي. خوشبو انساني جذبات تي بہ اثرانداز ٿيندي آھي. سٺي خوشبو ۾ مسرت ۽ خوشي جا احساس پيدا ٿيندا آهن. تھذيبي ترقي سماجاندر خوشبوءِ جي استعمال ۾ واڌارو ڪيو. ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو تہ "خوشبوءِ جي بابت ھڪ 550 ق.م. جو مسودو مصر مان ھٿ آيو آھي جنھن مان خبر پئي ٿي ته مصر جا ماڻهو مختلف ٻوٽن، جڙي ٻوٽين ۽ ميون مان عرق ڪڍي خوشبوئون تيار ڪندا ھئا جن جو استعمال مذھبي رسمن ۾ بہ ٿيندو ھو ۽ سماج جا مختلف طبقا بہ ان جا شوقين ھوندا ھئا."[1]روم ۾ به خوشبو جا تمام گھڻا دڪان ھيا.ھندوستان ۾ گلن جي ڪثرت ھوندي ھئي ان ڪري آھن مان خوشبو جي تياري زياده ٿيندي ھئي۽ خوشبوئن لاء گلن جا ھار پائڻ جو به رواج ھيو.ھندوستان ۾ مھمان جي آجيان به گلن جي ورکا سان ٿيندي هئي. ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو تہ ايران ۾ گلاب جو گل خوشبو جي تياري ۾ ڪثرت سان استعمال ٿيندو ھو ان ڪري گلاب جي پوک اتي گھڻي ٿيندي ھئي خاص طور تي ايران جي فارس وارو علائقو ان پوک جو مرڪز ھو. شيراز جي گلاب جو عرق تمام گھڻو مشھور ھو. عباسي خلافت ۾ رڳو بغداد ۾ خوشبو جا 50 دڪان ھئا. يارھين ۽ تيرھين صديءَ جي صليبي جنگن ۾ شرڪت ڪندڙ يورپين عربن جي خوشبو تيار ڪرڻ واري دف نوازان کي پاڻ سان يورپ کڻي ويا. وچئين دور جي يورپ جي ماڻھن ۾ و جي نج جي عادت گھٽ ھجڻ ڪري جسم م بدبو رھندي ھئي ان ڪري انھن ۾ خوشبو جي استعمال ۾ اضافو ٿي ويو.[2]ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو تہ يھوديت ۾ خوشبو عورتن لاءِ منع ڪئي وئي ھئي ۽ ان جي استعمال ڪندڙ عورتن جي ڀيٽ طوائفن سان ڪئي وئي ھئي.يھودي ان خيال جا ھئا تہ خوشبو جو استعمال عورت جو ڪردار خراب ڪري ٿو ۽ اھا طوائفن جا انداز اختيار ڪري ٿي. انگلينڊ م جڏھن پيوريٽن (Puritans) جي حڪومت ھئي تہ انھن عورتن جي خوشبو جي استعمال تي پابندي لڳائي ، انھن جو خيال ھو تہ خوشبو جي استعمال سان عورتون مردن تي اثرانداز ٿين ٿيون ۽ کين گناھ طرف مائل ڪن ٿيون. مسلمانن ۾ به اھڙا اعتراض ٿيا تہ عورتون خوشبو لڳائي پبلڪ وارن ھن«ن تي نہ وڃن ڇوتہ ائين آھي مردن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ ٿيون. مگر ڊاڪٽر مبارڪ علي مطابق مذھبي ۽ سماجي پابندين سان عورتن تي ان سختي جو نتيجو اھو نڪتو تہ اڄوڪي دؤر ۾ خوشبو جو سڀ کان وڌيڪَ استعمال عورتون ڪن ٿيون.[3] فرانسس ڪينرٽ (Francos Kennert) پنھنجي ڪتاب خوشبو جي تاريخ ۾ لکيو آهي تہ ھڪ دفعي سڪندراعظم مندر ۾ پوڄا ڪندي ديوتا جي سامھون خوشبو وارو کوئنر (frankincense) گھڻي مقدار ۾ ساڙي ڇڏيو تہ سندس استاد کيس چيو تہ ايڏو سارو خوشبو وارو کوئنر ساڙي تون فصول خرچي ڪئي آهي ايئن تون تڏھن ڪرين سگھين ٿو جڏھن تو ان سرزمين کي فتح ڪرين جتي اھو کئونر ملندو آهي.چوڻ ۾ اچي ٿو تہ جڏهن سڪندراعظم عريبيہ فتح ڪيو ته ھن خوشبو واري کئونر (frankincense) جو جھاز ڀرائي پنھنجي ان استاد ڏي اھو نياپو ڏئي اماڻيو تہ ديوتا جي نذر ڪري ۽ ان جي مقدار جي پرواهه نہ ڪري.[4]سامي يا ابراھيمي مذھبن کان اڳ وارن مذھبن ۾ مندرن ۾ مذھبي رسمن ۾ خوشبو لڳائڻ يا دونھين ذريعي خوشبو ڪرڻ جو رواج عام ھيو. ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو تہ سامي مزھب جڏھن پيدا ٿيا تہ انھن عبادتگاهن ۾ خوشبو جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي ڇوتہ ان رسم جو تعلق ان مذھبن سان ھو جيڪي ڪافرانہ ۽ مشرڪانہ ھيا.ھاڻي انھن جي عبادتگاهن ۾ بت نہ ھيا جن لاءِ خوشبو ڪئي وڃي.يھوديت ۽ عيسائيت بت پرستي ۽ خوشبو جي استعمال کي برو سمجھيو.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز، لاہور ص34
  2. کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز، لاہور ص35،36
  3. کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز، لاہور ص36 ۽ 37
  4. کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز، لاہور ص40
  5. کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز، لاہور ص40