بربلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بربلي يا بلبل جو مٺڙو آواز

بربلو
About this sound Song 
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: اينيميليا (جاندار)
تقسم: ڪورڊيٽا
درجو: اويس (پکي)
ترتيب: جھرڪين جھڙا پکي(پئسريفورمز)
خاندان: مسيڪاپدي
نسل: لسينيا
جنس: بلبل يا ميگارھئنڪوس
حياتياتي نالو
لسينيا ميگارھئنڪوس

بربلو

بربلو يا بلبل ، انگريزيءَ ۾ نائيٽنگل يا زولاجي جي علم ۾ لسينيا ميگارھئنڪوس ھڪ ننڍڙي پکيءَ جو نالو آهي جنھن جي آواز تيز ۽ ڏاڍو وڻندڙ ھوندو آھي جيڪو يورپ ۽ ڏکڻ اولھ ايشيا جي ٻيلن ۾ ۽ آفريقا جي صحارا واري علائقي ۾ گھڻائي ۾ ٿئي ٿو. اھو ڪيڙا کائندڙ لاڏائو پکي آهي.اھو سنڌ ۾ ڪافي خفتي ماڻھو ان کي وندر خاطر پاليندا هئا. ان کي اردوءَ ۾ بلبل چوندا آھن. ھي پکي شاعرن جو موضوع پڻ رهيو آھي ۽ ھومر کان وٺي ان جو شاعريءَ۾ ذڪر ھلندو پيو اچي. .

نر
لسينيا ميگارھئنڪوس يا بربلي جا انڊا

رچرڊ برٽن سنڌ جي انگريزن واري دور جي ماڻهن جي خفت يا شوق جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ بربلو يا بربل يا بلبل نالي هڪ ننڍڙي پکيءَ کي افغانستان جي ٻٽير جيان وڙهڻ سيکاريندا آهن. اُن ڪم لاءِ نر پکي چونڊيو ويندو آهي. پهريائين ان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن. پوءِ اُن کي اٺ- اٺ، ڏهه- ڏهه ڪلاڪ بُک ڏيندا آهن ته جيئن سڏ تي اچڻ سکي. اُن بعد ڪوڏيءَ کي ٿورواٽو لائي بربل کي شيون جهٽڻ سيکاريندا آهن. انهيءَ وقت اُن کي چورمو يا چٻاڙيل ڀڳڙا کارائيندا آهن. ويڙهائڻ وقت ٻن بربلين جي وچ ۾ ڪا کاڌي جي شيءِ اُڇلائيندا آهن ته هڪ هڪٻئي سان ڳنڍجي وينديون آهن. سندن مالڪ کين آڱر ڏيئي ڀڙڪائيندا آهن. بربل ويڙهو پکي نه ٿيندو آهي. هو فقط چُنهب ڪم آڻيندو آهي. جنهنڪري اُهي ورلي مرندا آهن. بربل جي ويڙهه تي شرطون ورلي رکندا آهن. کٽڻ واري کي فقط هار وارو پکي ملندو آهي. ڇوڪرا انهي رؤنشي جا ڪوڏيا هوندا آهن. هنن مختلف پکين ‎۽ انهن جي وڙهڻ ۽ ٺونگي هڻڻ جي نموني وغيره کي سڃاڻڻ لاءِ ڪيترائي خاص لفظ ۽ محاورا ايجاد ڪيل آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. بقرة
  2. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ