ڪويل
ڏيک
ڪويل يا نيل ڪويل (ٻيا نالا: هندي - نيل ڪويل، بنگالي - اپرا جتا، مرهٽي - وشوڪرانتا، گجراتي - گرني، سنسڪرت - آسڦوتا، انگريزي - Indian Mazereyum) هڪ خوبصورت ول آهي، جا وڻن ۽ ديوارن تي چڙهي ٿي. سندس پن ننڍڙا گول ٿين ٿا. مٽرن وانگي ڦريون ڪندي آهي. هن جاٻہ قسم ٿين ٿا. هڪڙي جا گل نيرا ۽ ٻي جا اڇا ٿيندا آهن. دوا ۾ سندس پاڙ ۽ ٻج ڪتب اچن ٿا. ھن جي پيدائش مالابار ۽ بنگال ۾ ٿئي ٿي.
طب
[سنواريو]هن جي ٻجن جو سفوف جلاب جو ڪم ڏئي ٿو، جنهن جو تاثير جلابي جئان ٿيندو آهي. عام طرح ويد سنڍ وغيره سان جلندر ۽ تري جي بيماريءَ ۾ استعمال ڪرائيندا آهن. (غير سمي)[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.