آسمان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
آسمان

زمين جي مٿان ظاھري گنبذ، جيڪو فلڪي نظام ۽ ھوا جي گولي جي حادثن جو پس منظر آھي. آسمان جي نيري رنگ سبب ھوا جي گولي ۾ مٽيءَ ۽ ٻاڦ جي ننڍن ننڍن ذرڙن مان روشنيءَ جي لھرن جو گذر ٿئي ٿو. ڪرڻن جون وڏيون لھرون (ڳاڙھيون ۽ پيليون) انھن ذرڙن مان سولائيءَ سان لنگھي وڃن ٿيون، پر ننڍڙيون لھرون منتشر ٿي پکڙجي وڃن ٿيون. اھوئي ڪارڻ آھي جو آسمان ان وقت گھڻو نيرو نظر ايندو آھي، جڏھن ھوا ۾ مٽيءَ جا ذرڙا گھٽ ۽ تمام سنھڙا ھوندا آھن. آڳاٽي زماني ۾ ماڻھو ائين ڀائيندا ھئا ته آسمان دنيا جي ڇت آھي ۽ تارا آسمان ۾ جڙيل بتيون آھن. ته وري ڪن ماڻھن جو خيال ھو ته آسمان جي ٻئي پاسي جنت آھي. انھن ماڻھن جو اھو به خيال ھو ته تارا اصل آسمان ۾ ٺھيل سوراخ آھن، جن مان جنت جي روشني نظر اچي ٿي.

جڏهن سج ۾ هائيڊروجن جا ائٽم هيئليم ٺاهڻ لاء وگهرندا آهن ته ان وقت فوٽان ۽ نيوٽران جا گاما ڪرڻا ٺهي سج جي چوڦير سفر ڪندا آهن جيڪي فوٽان روشني جا ذرڙا هوندا آهن. اها روشني ستن رنگن مان ٺھيل هوندي آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو ڳري ۾ ڳرو رنگ آهي ۽ نيرو هلڪي ۾ هلڪو رنگ آهي جڏهن روشني جون لهرون زميني وايومنڊل تائين پهچن ٿيون ته اتي ان کي ڏاڍن ننڍن ذرڙن جيڪي روشني جي واولينٿ کان ننڍا آهن سان ڇٽاڀيٽي ٿئي ٿو. اسان جي زمين جو وايو منڊل ننڍڙن گئس جي ذرڙن جو ٺهيل آهي، اهي ذرڙا گهڻو ڪري نائٽروجين ۽ آڪسيجن جا آهن. جيئن ته اهي ذرڙا روشني جي واولينٿ جي ڀيٽ ۾ ڌاڍا ننڍا آهن انڪري روشني سان ٽڪرائڻ وقت پوري نموني روشني کي روڪي نه ٿا سگهن، ڳاڙهو رنگ ان مان گذري زمين تائين پهچي ٿو، جڏهن ته نيرو رنگ جيڪو انهن جي ڀيٽ ۾ هلڪو آهي گذري نه ٿو سگهي موٽي هيڏي هوڏي وايومنڊل ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ اڀ اسان کي نيرو نظر اچي ٿو. اهڙا ذرڙا جيڪي روشني جي واولينٿ کان ننڍا هجن ۽ روشني سان ٽڪرائجي ان کي ڇڙوڃڙ ڪن ته ان ڏڦيڙ کي Rayleigh scattering چئبو آهي. پر اهي روشني ته ڪڪرن سان به ٽڪرائي ٿي اهي ڇو اڇا نظر اچن ٿا؟ ان جو جواب هي آهي ته ڪڪرن جي ڦڙن جو قطر 20 مائڪروميٽر يا ان کان وڌيڪ هوندو آهي. اهڙا ذرڙا جيڪي وڏي سائيز وارا هجن ته انهن سان روشني جڏهن ٽڪرائيندي آهي ته اهي اڇي روشني اهي هر پاسي پکيڙي ڇڏيندا آهن، جنهن جي ڪري ڪڪر اسان کي آسماني نه پر اڇا نظر ايندا آهن. اهڙن ذرڙن ۽ روشني جي ٽڪراء ۽ نيتيجي ۾ روشني جي ان ڦوٽ کي Mie scattering چئبو آهي. [1]


حضرت مسيح واري دؤر ۾ انسانن جو اھو پختو خيال ھو ته آسمان ۾ جنڊ جي پڙن وانگر ست پڙ آھن، جن ۾ تارا جڙيل آھن. سج ۽ چنڊ پڻ آسمانن ۾ جڙيل آھن. انھيءَ ڪري ئي ستن آسمانن وارو تصور انسان جي ذھن ۽ علم ادب ۾ موجود آھي. ماڻھن سمجھيو ته جيڪڏھن آسمان ست آھن ته لازمي طرح زمينون به ست ھونديون، اھڙيءَ طرح ستن آسمانن ۽ ستن زمينن جي تصور وجود ورتو.[2]

جنهن به شيءِ کي روشنيءَ جا ڪرڻا لڳي موٽي اچي اسان جي اک تائين پهچندا، ان کي ڏسي سگهنداسون. پراهين پنڌ واري شيءِ جيترو اسان کان پري هوندي، اوترو ننڍي نظر ايندي. جيڪڏهن روشنيءَ ڪرڻا رنڊائي موٽائڻ، اولڙو ڪرڻ واري شيءِ وچ تي نه هوندي ته نظرون پولار ۾ پيهي ڪٿي نه ڪٿي کٽي وينديون، اسان کي ڪجهه به نظر نه ايندو ۽ اهو هنڌ اونداهو يا ڪارو نظر ايندو.

جيڪڏهن اونداهي ڏاڍي ڊگهي ڪمري ۾ وچ تي اڌ-ڍڪيو بلب رکيو هجي، ان جو روشن پاسو اوهان طرف هجي ته ان جي اونداهي پاسي اوهان کي ڪارهه کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو، پر جيڪڏهن بلب اڌ-ڍڪيو نه هجي ته پوءِ اوهان کي هلڪو ڌنڌ پيو محسوس ٿيندو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بلب جي تيز روشني اک جي ماڻڪيءَ کي سسائي ڇڏي ٿي ۽ جڏهن ماڻڪي سسيل هجي ۽ روشني گهٽ ته صاف نظر نه ايندو. وشال، اڻکٽ ڪائنات ۾ سج اسان جي ويجهو ۽ ڏاڍو روشن آهي، ان ڪري اسان جي نظر جتي کٽي ٿي اتي آسمان نظر اچي ٿو ۽ اسان ان کي اڀ يا آسمان سمجهون ٿا. آسمان جي هيءَ سڄي حقيقت اسان سائنس جي نعمتن جي ڪري ڄاڻون ٿا. آڳاٽو قديم انسان ڪا اڄ جهڙي سائنسي ڄاڻ نه رکندو هو، ان ڪري هو ان کي دونهاٽيل، جهڙالي ۽ ٺوس ڇت سمجهي ويٺو ۽ اهڙيءَ طرح اڀ بابت لوڪ ڪٿائون ۽ ڏند ڪٿا انساني تاريخ جو حصو بڻجي ويون. اڄوڪي سائنس ڏسڻ جا اهڙا ته اوزار ٺاهي ورتا آهن جو لکين نوري سالن جي پنڌ تي نگاهه وجهي سگهجي ٿي. [3] [4]

حوالا[سنواريو]

  1. سائنس جي دنيا؛ آسمان نيرو ڇو آهي؟ ليکڪ:ن ظام الدين اوليويا
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%B3%D9%85%D8%A7%D9%86
  3. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=208
  4. ڪتاب:شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو