احساس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Sixteen faces expressing the human passions-coloured engraving by J. Pass, 1821, after Charles Le Brun

احساس (Sensation)

ادب[سنواريو]

رومانوي شاعريءَ (Romantic Poetry) جي بنيادي جزن ۾ تخيل ۽ احساسن (Emotions) کي وڏي حيثيت حاصل رهي آهي. شاعر پنهنجن احساسن کي شاعريءَ جو روپ ڏئي ٿو. ٻئي طرف وري ادب پڙهڻ، شاعري ۽ موسيقي ٻڌڻ سان فوري طور طبيعت ۾ جيڪا ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، ان کي به احساس چئبو آهي. مثال طور المياتي ڊرامي (Tragedy Drama) سان ڊب ۽ رحم جا احساس پيدا ٿيندا آهن. مزاحيا ڊرامي مان خوشي ۽ تسڪين جو احساس ٿيندو آهي ۽ ساڳي نموني جذبن ۽ حساسن جي اثرائتي بيان سان شاعري روح جي غذا ٿي پوندي آهي.[1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. احساس | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]