جديديت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
يوجين ڊيلاڪرا Eugène Delacroxجي پينٽنگ__آزاديء طرف ماڻھن جو قدم

جديديت __(Modernism):

جديديت، اهڙيتحريڪ آهي، جنهن 20 صديءَ کان اڳ واري موسيقي، پينٽنگ، ادب،آرڪيٽيڪچر خلافزلزلو برپا ڪري ڏنو. ان زلزلي جو مرڪز تهويانا هو، پر ان جا اثرفرانس، جرمني ۽برطانيہ ۾ به ٿيا ۽ ان اثر تحت ،Futurism, Dadaism ۽ Cubism جون تحريڪون آيون، ڊاڊا ازم جي تحريڪ ‘Anti Art’ (آرٽ مخالف) تحريڪ هئي. جديديت واري زور شور وارو زمانو 1910ع کان 1930ع وارو هو، جنهن جا وڏا پادري اديب هئا: ٽي ايس. ايليٽ (1888-1965ع)، جيمس جو ائس (1882-1941ع)، ازرا پائونڊ (1885-1972ع)، وينڌم لويس (1882-1957ع) ، ورجينيا وولف (1882-1941ع)،اسٽينونس، ڪافڪا (1883-1924ع)، رلڪي (1875-1926ع) وغيره. سنڌيءَ ۾ جديديت جي لاڙي هيٺ لکڻ وارن ۾ مدد علي سنڌي، مشتاق شورو ۽ ماڻڪ جا نالا شامل آهن.[1]

جديديت جون ڪجهه خاصيتون[سنواريو]

داخليت ۽ اثريت (Impressionism and Subjectivity) جديديت تحت سرجندڙ ادب ۾ ماڻهوءَ جي اندر جي وارتا کي اڪيلي گفتگو يا يڪ ڪلامي (Monologue) يا خود ڪلامي (Soliloquies) جي ذريعي پيش ڪرڻ ۽ ڪهاڻيءَ کي ڪردار جو محتاج بنائڻ به شامل هو، نه ته قديم يا ڪلاسڪ ادب ۾ رڳو فرضي ڪهاڻين تي زور هوندو هو. ماڻهوءَ جي فطرت ۽ ان جي داخلي ڪيفيتن، احساسن ۽ وارتائن بجاءِ جديديت ۾ اهو لاڙو متعارف ٿيو، جنهن تحت ماڻهوءَ جي اندر جا مسئلا بيان ڪيا ويا، جن ۾ Stream of Consciousness (شعور جي وهڪري) تحت ورجينيا وولف ۽ جيمس جوائس سرفهرست آهن. صنفن جا دائرا ٽوڙيا ويا. مثال طور شاعريءَ ۾ نثري نظم ۽ ناول کي شاعريءَ ۾ پيش ڪرڻ. ٽوٽڪن وارو ادب بنا ترتيب جي متعارف ڪرائڻ اهڙو لاڙو جنهن مطابق Reflexivity هجي ته جيئن شعر، ناول، ڊرامو پنهنجي فطرت مطابق معاملا (Issues) اڀاري سگهي. مطلب ته جديدت ادب ۾ نوان گس ڏنا، نوان تجربا ڪيا ۽ ڪلاسڪ ادب جي دائرن کي ٽوڙيو جنهن ۾ اصولن تحت ادب سرجندو هو.[1]

جديديت پڄاڻان يا بعد جديديت[سنواريو]

(Post Mordernism):جديديت پڄاڻان ( Post Modernism) کي جديديت ( Modernism) جو ابتڙ يا ان جو تسلسل يا ان جو عمل يا ان جو رد عمل چئي سگهجي ٿو. هڪڙي حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته Post معنى ان کانپوءِ اچڻ يا ان جو تسلسل يعني ”جديديت“ کي رد ڪد ڏيئي ان جي ابتڙ ڳالهه ڪرڻ. پوسٽ ماڊرنزم جو لفظ زندگيءَ سان واسطيدار هر کيتر سان جڙيل آهي، پوءِ ادب هجي، فنون لطيفہ هجي، فئشن، هجي، فلم، ناٽڪ، موسيقي، سماجي وهنوار هجي يا ٽيڪنالاجي هجي. پوسٽ ماڊرنزم بنيادي طور تي هڪ لاڙو آهي. جديديت وارو ادب يا فن جديديت واري اثر هيٺ سرجيل تخليق کي چيو ويندو آهي، جيڪا هڪ هلچل يا تحريڪ هئي، جيڪا يورپ ۾ روشن خيالي (Enlightenment) جي نالي سان 18 صديءَ ۾ شروع ٿي .جڏهن ته ’بعد جديديت‘، جديديت جو تسلسل آهي. پر ان جا اصول ۽ متا مختلف آهن. جديديت پڄاڻان جي ادبي نظرئي کي ٺاهڻ ۾ سو سيئر، فوڪو، دريدا، لاڪان، پال دي مان، رولان بارٿ، جوليا ڪريٽيو ۽ ٻين جي فڪر ۽ نظرين جو وڏو ڪردار آهي. ’جديديت پڄاڻان‘، دراصل ’ساختيات ۽ رد ساختيات‘ (Structuralism and Post Structuralism) جي نظرين کان بنيادي استفادو حاصل ڪيو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي