بوسينيا ۽ ھرزگوينيہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Flag of بوسيني
Coat of arms of بوسيني
جهنڊو قومي نشان
مڪانيت  بوسينيا ۽ ھرزگوينيہ  (green) نقشو Europe  (dark grey)
مڪانيت  بوسينيا ۽ ھرزگوينيہ  (green)

نقشو Europe  (dark grey)

گادي جو هنڌ
۽ سڀ کان وڏو شهر
سرجيوو
دفتري ٻوليون اڃان ڪابہ نہ
National languages
مقامي آبادي
حڪومت

فيڊرل پارلياماني


آئيني ريپبلڪ
ويلنٽن انزڪو
باقر عزت بيگووچ
• پريزيڊنسي جا رڪن

ملادن آئيونچ


دراگن ڪووچ
• پرائيم منسٽر
ڊينس زويزدڪچ
قانون ساز ادارو پارليامينٽري اسيمبلي
ھائوس آف پيپلز
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
قيام
• بينيٽ آف بوسينيا
c. 1154
• بوسينيا جي بادشاھت
c. 1377
• خلافت عثمانيه بوسينيا فتح ڪيو
c. 1463
• آسٽروھنگيرين راڄ
1878
• آسٽرو ھنگري کان علحدگي
29 October 1918
• يوگوسلاويا جو جنم
4 December 1918
• قومي ڏينھن
25 November 1943
• سوشلسٽ يوگوسلاويا کان آزادي
1 March 1992
• عمل ٿيو [1]
6 April 1992
14 December 1995
پکيڙ
• جملي
51٬129 km2 (19٬741 sq mi) (125th)
• آبي (%)
1.4%
آبادي
• 2013 مردم شماري
3,531,159[2]
•  گھاٽائي
68.97 /km2 (178.6 /sq mi)
ڪل قومي پيداوار (مساوي قوت خريد) 2018 اندازو
• ڪل
$45.858 billion[3]]])
• في سيڪڙو
$12,986[3]
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 اندازو
• ڪل
$18.560 billion[4]
• في سيڪڙو
$5,256[4]]])
جيني (2011) 33.8[5]
وچولو · 18th
شرح انساني ترقي (2016) Increase2.svg 0.750[6]
اعلی · 81st
ڪرنسي ڪنورٽبل مارڪ (BAM)
معياري وقت CET (متناسق عالمی وقت+1)
CEST (متناسق عالمي وقت+2)
تاریخ جو نمونو dd. mm. yyyy. (CE)
ڊرائيونگ جو پاسو right
ڪالنگ ڪوڊ +387
انٽرنيٽ ڊومين .ba
  1. Current presidency member (Croat)


'بوسينيا ۽ ھرزگوينہ: Bosnia and Herzegovina: ،مختصر صورت ۾ B&H: عام اچار Bosnia بوسنيا: ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو بلقان اپٻيٽ ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر سرجيوو Sarajevo آهي.

تعارف[سنواريو]

بوسينيا ۽ ھرزگوينہ پنھنجي خودمختياري جو اعلان آڪٽوبر 1991 ۾ ڪيو. ۽ کيس اڳوڻي يوگوسلاويا کان آزادي 3 مارچ 1992 ۾ ريفرينڊم ذريعي حاصل ٿيس جنھن جو سربن بائيڪاٽ ڪيو.

سرجيوو ۾ بوسينيا ھرزگوينہ جي پارليامينٽ 1992 جي ٽئينڪ جي بمباري کانپوءِ سڙي رھي آھي
يوگوسلاويا جو خاتمو

بوسينيا م رھندڙ سربن کي انھن جي پاڙيسري ملڪن سربيا ۽ مونٽي نيگرو جي مدد سان ھٿياربند مزاحمت شروع ڪئي . اھي نسلي تقسيم ذريعي عظيم سربيا جو حصو بڻجڻ چاھين پيا. مارچ 1994 ۾ بوسينيائين ۽ ڪروٽن پاڻ ۾ جنگبندي ڪري معاھدي ذريعي بوسينيا ۽ ھرزگوينہ نالي سان وفاق جوڙيو. 21 نومبر 1995 ۾ ڊيٽن (Dayton) ، اوھيو (Ohio) ۾ جنگ ڪندڙ ڌرين ھڪ معاھدي ذريعي نسلي لڙائي جو خاتمو آندو ۽ 14 ڊسمبر 1995 تي پيرس ۾ ھڪ معاھدي تي صحيحون ڪيون ويون. ڊيٽن اڪارڊ بوسينيا ۽ ھرزگوينہ جون بين الاقوامي سرحدون بحال ڪيون ۽ گھڻ نسلي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.[8]

ڊيٽن ايگريمنٽ کانپوءِ بوسينيا۽ ھرزگوينہ

تاريخ[سنواريو]

بوسينيا قرون وسطي يا وچولي دؤر ۾ جڏھن بينيٽ ۽ پوءِ ڪنگڊم ٺھي

[ ھن ملڪ کي ستين صدي عيسويءَ ۾ سلاوز نسل جي ماڻهن آباد ڪيو. ٻارھين ۽ چوڏھين صديءَ دوران ھن ملڪ جي حيثيت ھڪ پرنسيپلٽي واري ھئي جنھن دؤر ۾ بلغاريه کان عيسائي ھتي اچي آباد ٿيا. 1463 ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھيو.

1878 ۾ جڏھن آسٽرو ھنگيرين فوج ملڪ ۾ گھري پئي

1878 ۾ ھي علائقو ڪانگريس آف برلن جي فيصلي تحت آسٽرو ھنگري واري حڪومت جي انتظام ۾ آيو.اھو فيصلو عثماني ترڪن قبول نه ڪيو. 19 فيبروري کان پھرين مارچ 1992 ۾ ھڪ ريفرينڊم ڪرايو ويو جيڪو آزاديءَ لاءِ ھيو جنھن ۾ 63 سيڪڙو ماڻھن حصو ورتو. سربن بائيڪاٽ ڪيو 99 سيڪڙو ماڻھن آزادي جي حمايت ڪئي.مارچ 1992 ۾ معاھدو عمل۾آيو ته مسلمان، ارب ۽ ڪروٽ ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي بوسينيا جي مرڪزي ڪنٽرول ۾ رھن. 5 اپريل 1992 ۾ بوسينيا آزادي جو اعلان ڪيو جنھن کي آمريڪا تسليم ڪيو جنھن بعد ٻن ارب ميمبرن بوسينيا جي مرڪزي حڪومت مان استعفي ڏني. جنھن کانپوءِ خانہ جنگي شروع ٿي وئي جنھن م مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيو. 29 جون تي سڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلي تحت جن ء انساني جسمن جي نقصان کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جون فوجون داخل ٿي ويون ۽ سرجيوو تي گڏيل قومن جو ڪنٽرول ٿيو ۽ پوء گڏيل قومن 13 آگسٽ 1992 م طاقت جي استعمال جو فيصلو ڪيو ۽ 10 جنوري 1994 ۾ ناٽو جي الٽيميٽيم بعد بوسينيائي ۽ سرب فوجين کي شھن مان ٻاھر ڪڍي جنگبندي ڪرائي وئي.1994 ۾ مسلمانن ۽ ڪروٽن جي وچ ۾ ويڙھ شروع ٿي وئي.


Gazi Husrev-beg Mosque in Sarajevo dating from 1531


Dome and towers on the Academy of Arts in Sarajevo, designed by the Czech-born architect Karel Pařík
Assassination of Archduke Franz Ferdinand of Austria and Sophie, Duchess of Hohenberg in Sarajevo, illustrated in the Italian newspaper Domenica del Corriere, 12 July 1914 by Achille Beltrame

}

The railway bridge over the Neretva river in Jablanica, twice destroyed during the Battle of the Neretva
Eternal flame memorial to the military and civilian World War II victims
Bosnia and Herzegovina's flag while in the Socialist Federative Republic of Yugoslavia
Tuzla government building burning after anti-government clashes on 7 February 2014

جاگرافي[سنواريو]

View towards Neum, Bosnia and Herzegovina's 20 km (12 mi) of coastline access to the Adriatic Sea, summer 2010

ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ ھن ملڪ جو محل وقوع: 44 00 N, 18 00 E آھي. سندس پکيڙ 51,197 sq km جنھن ۾ 51,187 sq km خشڪي ۽ 10 sq ڪ م پاڻي آھي.پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن۾ ان جو نمبر 129 آھي. ھن جي زميني سرحد 1,543 km آھي جن مان ڪروشيا سان 956 km, مانٽينيگرو سان 242 km ۽ سربيا سان 345 km. سامونڊي سرحد 20 ڪلوميٽر اٿس.ھن جي سراسري اوچائي mean) elevation) اڌ ڪلوميٽر يا 500 m آهي.سڀ کان ھيٺاھون مقام آڊرياٽڪ سمند آھي ۽ سڀ کان اوچو ميگلڪ آهي جنھن جي اوچائي2,386 m آھي.[9]

Topographic map of Bosnia and Herzegovina
Bosna river, Ilidža

معيشت[سنواريو]

ھن ملڪ جي قدرتي وسيلن ۾ ڪوئلو، ڪچو لوھ، باڪسائيٽ، ٽامو، شيھو، جست، ڪرومائيٽ، ڪوبالٽ، مينگنيز، نڪل، جپسم، لوڻ، عمارتي ڪاٺ شامل آهن. ملڪ جو 42.2 سيڪڙو زمين زراعت سان لاڳاپيل آهي جنھن مان وري 19.7 آبپاشي واري آھي جنھن جو 2 سيڪڙو تي مستقل فصل ٿيندا آهن . 20.5 سيڪڙو چراگاھون آھن ۽ 42.8 ٻيلا اٿس. بوسينيا جي پرچييزنگ پاورظ پيئرٽي واري جي ڊي پي 2017 ۾ :$43.85 بلين، آفيشل ايڪسچينج ريٽ مطابق جي ڊي پي $17.46 بلين ڊالر، ۽ جي ڊي پي واڌ واري شرح2017 ۾ 2.5 سيڪڙو ھئي.ساڳي سال في ڪس جو ڊي پي شرح $11,400 في ماڻهو ھيو.ھتان جي ليبر فورس 1.51 ملين آھي. 2017 ۾ افراط زر 1.8 ھئي ۽ ايڪسپورٽ 4.803 بلين ڊالر ھئي. ملڪ جي بجلي جي پيداوار 14.97 بلين ڪلوواٽ آهي.[10]

نالو ۽ مطلب[سنواريو]

بوسينيا جي اتر وارو وڏو پاسو بوسنا نديءَ جي ڪري ان نالي سان منصوب ٿيو.باوي ڏکڻ وارو پاسو ھرزگوينہ جرمن ٻوليءَ جي لفظ ھرزوگ "herzog" معني : نواب يا ڊيوڪ "duke" ۽ ٻيو پويون لفظ اووينا "ovina" جنھن جي معني آهي زمين[11]

سياسي انتظام[سنواريو]

Bosnia and Herzegovina consists of the Federation of Bosnia and Herzegovina (FBiH); Republika Srpska (RS); and Brčko District (BD).

پارليامينٽري ريپلڪ جي ھن وفاق جو گاديءَ جو هنڌ سرجيوو آھي. ھي ملڪ ٽن انتظامي حصن ۾ ورهايو ويو آهي: براڪو (Brcko)؛ فيڊريشن آف بوسينيا اينڊ ھرزگوينہ؛ ۽ ريپبلڪ آف سرپسڪا (Republic of Srpska ). ھتان جو قومي ڏينھن پھرين مارچ 1992 آھي جيڪو ان جو يوم آزادي آھي.موجودہ آئين 14 ڊسمبر 1995 ۾ ٺھيو جيڪو ڊيٽن امن معاهدي جو نتيجو ھو. ملڪ جي صدر کي ھتي پريزيڊنسي جو چيئرمين چون ٿا ۽ ھن وقت ان عھدي تي باقر عزتو بيگو وچ 17 مارچ 2018 کان فائز آھي.[12]

Bosnia and Herzegovina's government building in Sarajevo
The Presidency Building in central Sarajevo

سياسي جماعتن مان ھتي پارٽي آف ڊيموڪريٽڪ ايڪشن اقتدار۾آھي جنھن جو سربراھ عزتو بيگوف آهي.ھتي 80 سيڪڙو مرد ۽ 70 سيڪڙو عورتون تعليم يافتہ آھن.ھن ملڪ م ڪل 109 ضلعا آهن.فوج جي سگھ م 92000 جوان۽ آفيسر آھن.ملڪ ۾ 28 ايئرپورٽ آھن جن مان 24 استعمال جي قابل آهن.روڊن جي ماپ 21168 ڪلوميٽر آهي.9 براڊ ڪاسٽ اسٽيشن ۽ 6 ٽي وي اسٽيشن آھن.وڏن شھرن م سرجيوو، بانجالوڪا،زيسلڪا شامل آهن.ڪرنسي دينار اٿس. ھي گڏيل قومن جي اداري، غير وابسته تحريڪ، انٽرپول، انٽرنيشنل سول ايوي ايشن، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جو رڪن آهي.

آبادي ۽ ثقافت[سنواريو]

}

Population density in Bosnia and Herzegovina by municipalities, early data from the 2013 census

ھتان جي آبادي جولائي 2017 ۾ 3,856,181 ھئي ۽ ان حساب سان دنيا ۾ ھن جو نمبر 128 آھي. ھتي رھندڙ ماڻھو بوسينيائي، ھرزگوينائي سڏبا آهن.انھن ۾ 50.1 سيڪڙو بوسينيائي، 30.8 سيڪڙو سرب، 15.4 سيڪڙو ڪروٽ، آھن. ھن ملڪ جون سرڪاري ٻوليون بوسينيائي، سربيائي، ۽ ڪروشيائي آھن. ھن ملڪ جا ماڻهو 50.7 سيڪڙو مسلمان، 30.7 سيڪڙو آرٿوڊڪس، 15.2 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ، 0.8 اٿيئسٽ يا دھريا، 0.3 اگناسٽڪ آھن. مقامي آباديءَ جو واڌ جي شرح 2017 ۾ 0.16 سيڪڙو، ڄم جي شرح 8.8 ۽ موت جي شرح 10 ھئي. 40.1 سيڪڙو آبادي شھرن م رھندڙ آھي. طبي سھولتن ۾ اسپتال جا 3.5 بسترا في ھزار ماڻھن لاءِ بندوبست۾ آھن.1.8 ڊاڪٽر في ھزار ماڻھن لاءِ مقرر آھن. جي ڊي پي جو 9.6 سيڪڙو صحت تي خرچ ٿيندو آهي.[13]


A Roman Catholic church, a Serbian Orthodox church and a mosque, in Bosanska Krupa
Religion in Bosnia and Herzegovina (2013)
religion percent
Islam
  
51%
Serbian Orthodoxy
  
31%
Catholicism
  
15%
Others/none/not stated
  
3%

سياحت[سنواريو]

One of the city squares in the capital, Sarajevo, is Marijin Dvor (2010).
Trebinje, on the banks of the Trebišnjica
Mehmed Paša Sokolović Bridge in Višegrad; UNESCO world heritage site since 2007.
Buna river, near the town of Blagaj, resurging as one of the biggest karst springs in Europe.
Prokoško Lake in the municipality of Fojnica.

تعليم ۽ ميڊيا[سنواريو]

}}


  1. Peace Implementation Council, High Representative for Bosnia and Herzegovina, Constitutional Court of Bosnia and Herzegovina#Composition of the court, European Union Police Mission in Bosnia and Herzegovina, EUFOR Althea
  2. "Bosnia releases disputed census results". Politico. 1 July 2016. http://www.politico.eu/article/bosnia-releases-disputed-census-results/. Retrieved 1July 2016. 
  3. 3.0 3.1 "Report for Selected Countries and Subjects". 
  4. 4.0 4.1 "Bosnia and Herzegovina". International Monetary Fund. Retrieved 7 February 2018. 
  5. "Distribution of family income – Gini index". The World Factbook. TWB. Retrieved 29 October 2017. 
  6. "Human Development Report 2017". United Nations. 2017. Retrieved 29 October 2017. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Popis2013
  8. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}
  9. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}
  10. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}
  11. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}
  12. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}
  13. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}