مواد ڏانھن هلو

بوسنيا ۽ ھرزگوينيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بوسنيا ۽ ھرزگوينا
Bosnia and Herzegovina

Bosna i Hercegovina
Босна и Херцеговина
Flag of بوسيني
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "بوسنيا ۽ ھرزگوينيا جو قومي ترانو"
(انگريزي ٻولي: "بوسنيا ۽ ھرزگوينا جو قومي ترانو")


مڪانيت  بوسنيا ۽ ھرزگوينيا  (سائو رنگ) يورپ ۾  (تيز ڀورو)
مڪانيت  بوسنيا ۽ ھرزگوينيا  (سائو رنگ)

يورپ ۾  (تيز ڀورو)

گادي جو هنڌ سرائيوو
سڀ کان وڏو شهر سرائيوو
دفتري ٻوليون اڃان ڪابہ نہ
قومي ٻوليون * بوسنيائي
  • ڪروشيائي
  • سرب ٻولي
مقامي آبادي
  • بوسنيائي
  • ھرزگوينائي
حڪومت وفاقي، پارلياماني
آئيني ريپبلڪ
• ھاء ريپرزنٽيٽو
ويلنٽن انزڪو
• پريزيڊنسي جو چيئرمين
باقر عزت بيگووچ
• پريزيڊنسي جا رڪن
ملادن آئيونچ
دراگن ڪووچ
• وزيراعظم
ڊينس زويزدڪچ
مقننه پارليامينٽ
ھائوس آف پيپلز
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
قيام
• بينيٽ آف بوسينيا
c. 1154
• بوسينيا جي بادشاھت
c. 1377
• خلافت عثمانيه بوسنيا فتح ڪيو
c. 1463
• آسٽروھنگري راڄ
1878
• آسٽرو ھنگري کان علحدگي
29 آڪٽوبر 1918
• يوگوسلاويا جو جنم
4 ڊسمبر 1918
• قومي ڏينھن
25 نومبر 1943
• سوشلسٽ يوگوسلاويا کان آزادي
1 مارچ 1992
• عمل ٿيو[1]
6 اپريل 1992
14 ڊسمبر 1995
پکيڙ
• جملي
51٬129 km2 (19٬741 sq mi) (125th)
• پاڻي (%)
1.4%
آبادي
• 2013 مردم شماري
3,531,159[2]
•  گھاٽائي
68.97 /km2 (178.6 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$45.858 ارب ڊالر [3]
• في سيڪڙو
$12,986[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$18.560 ارب ڊالر [4]

بوسنيا ۽ ھرزگووينا (Bosnia- Herzegovina) مختصر طور تي (B&H) ۽ عام نالو "بوسنيا"، ھڪ ملڪ آھي جيڪو بلقان جزيري نما ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر سرائيوو آهي. مسلم اڪثريت وارو ھي يورپي ملڪ ڏکڻ بلقان وارن جبلن ۾ واقع 20 ھزار چورس ميلن جي پکيڙ وارو آهي. اتر ۾ ان جون سرحدون ڪيٿولڪ اڪثريت واري ملڪ ڪروشيا سان، اوڀر ۾ آرٿوڊڪس عيسائيت جي اڪثريت واري ملڪ سربيا، ڏکڻ ۾ آرٿوڊڪس اڪثريت واري ملڪ مونٽي نيگرو ۽ 15 ميلن تائين ان جي سرحد ايڊرياٽڪ سمنڊ سان پڻ ملي ٿي.[8]

نالو ۽ مطلب

[سنواريو]

بوسينيا جي اتر وارو وڏو پاسو، "بوسنيا نديءَ" جي ڪري ان نالي سان منصوب ٿيو. ڏکڻ وارو پاسو ھرزگوينا جرمن ٻوليءَ جي لفظ "ھرزوگ" (herzog، معني: نواب يا ڊيوڪ) ۽ ٻيو پويون لفظ، "اووينا" (ovina؛ معني: زمين) سان نڪتل آهي. [9]

تاريخ

[سنواريو]

ھن ملڪ کي ستين صدي عيسويءَ ۾ سلاف نسل جي ماڻهن آباد ڪيو.[10][11] ٻارھين ۽ چوڏھين صديءَ دوران ھن ملڪ جي حيثيت ھڪ پرنسيپلٽي واري ھئي جنھن دؤر ۾ بلغاريه کان عيسائي ھتي اچي آباد ٿيا.

بوسنيا قرون وسطي يا وچولي دؤر ۾ جڏھن بينيٽ ۽ پوءِ ڪنگڊم ٺھي

ٻارھين صدي جي ختم ٿيڻ وقت بوسنيا اتر مان ھنگري (ڪروٽ پڻ انھن ۾ شامل) کان ۽ اوڀر ۾ سربن کان آزادي حاصل ڪئي.[8] نئين بوسنيائي بادشاھت آرٿوڊڪس ۽ رومن ڪيٿولڪ ماڻھن ۾ ورھايل ھئي پر پوء ھڪ ٽيون عيسائي مذھبي گروھه اڀري آيو جنھن جو نالو بوگوملئزم ھيو جيڪو اصل ۾ مقدوينہ ۾ اڀريو ۽ ڏکڻ بلقان ۾ ڦھلجي ويو جنھن بوسنيا جي اندر داخل ٿي انھن ۾ قومي جذبو پيدا ڪيو ڇوته ايسٽرن آرٿوڊڪس بوسنيا ۾ بازنطيني اثر رکيو ۽ ڪيٿولڪ مذھب اتي ھنگري جو اثر پيدا ڪيو ۽ انھن جي ڀيٽ ۾ بوگوملئزم اتي بوسنيائي چرچ کي جنم ڏنو.[8]

بوسنيا خلافت عثمانيه ۾

[سنواريو]
سرائيوو جي غازي خسرو بيگ مسجد جيڪا 1531ع ۾ تعمير ٿي.

1463 ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھو.[12] پندرھين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ترڪ فوجون ڏکڻ بلقان ۾ ڌوڪي آيون ۽ اسلام بوسنيا ۽ ھرزگوينه ۾ داخل ٿي ويو.[8] رومن ڪيٿولڪ حاڪمن بوگومل عقيدي وارن کي سختي ۽ زيادتين جو نشانو بڻايو ھيو جنھن ڪري انھن مسلمان ترڪن جو ساٿ ڏنو ۽ اھي مسلمانن جي گھڻو ويجھو رھيا ان ڪري جلدي مسلمان ٿي ويا.ا[8] عثماني خلافت ۾ سرائيوو ۾ پاشا يا گورنر مقرر ڪيو ويو جنھن پنھنجو صدرمقام سرائيوو ۾ ئي رکيو ۽ پوري علائقي کي اٺ سنجاقن (ضلعن) ۾ ورهايو ويو.[8] عثماني خلافت حنفي فقه سان لاڳاپيل ھئي ان ڪري بوسنيا ۾ حنفي فقه کي فروغ مليو. آڳتي ھلي بوسنيائي مسلمانن ۾ بہ عثماني خلافت کان آزادي جو جذبو پيدا ٿيو.[8] آسٽرو-ھنگروي رياست جي خلافت سان ٽڪراء جي نتيجي م خلافت کي اھو علائقو ڇڏڻو پيو پر بوسنيا پنهنجي آزادي ماڻي نہ سگھيو پر ھئبسبرگ جي حڪمراني ھيٺ اچي ويو.[8] 1463ع ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھيو. ويھين صدي ۾ مسلمانن ھتي اڪثريت ۾ رھيا پر سربيا، نازين ۽ يوگوسلاويا جي ڪميونسٽن انھن کي اھڙي انتظامي نظام ۾ رکيو جنھن ۾ اھي اقليت ۾ رھندا آيا.ا[8]


بوسنيا قرون وسطي يا وچولي دؤر ۾ جڏھن بينيٽ ۽ پوءِ ڪنگڊم ٺھي

آسٽرو ھنگري ايمپائر ۾

[سنواريو]
سال 1878ع ۾ جڏھن آسٽرو ھنگري فوج ملڪ ۾ گھري پئي.

1878ع ۾ ھي علائقو ڪانگريس آف برلن جي فيصلي تحت آسٽرو-ھنگروي جي حڪومت جي انتظام ۾ آيو. اھو فيصلو عثماني ترڪن قبول نه ڪيو. 1909ع ۾ آسٽريائي حڪومت مسلمانن ۾ رئيس العلماء جو ھڪ نئون عھدو قائم ڪيو.

سرائيوو م آرٽس اڪيڊمي جا منار ۽ گنبذ جيڪو چيڪ آرڪيٽيڪٽ ڪارل پاريڪ ڊزائن ڪيو.
1901ع ۾ سرائيوو ۾ ٽرام ڏيکاريل
بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو قومي عجائب گھر جيڪو سال 1888ع ۾ قائم ٿيو.
آسٽريا جي آرڪ ڊيوڪ فرانز فرڊيننڊ ۽ ھوھنبرگ جي ڊچيس، صوفي جو قتل 12 جولاءِ، 1914ع جي اخبار ۾ بيان ڪيل.

يوگوسلاويا جي وفاق ۾

[سنواريو]
ٻي جنگ عظيم ۾ مري ويل شھرين ۽ فوجين جي ياد ۾ جوڙيل دائمي شعلو نالي يادگار

پھرين جنگ عظيم کان پوء ھن ملڪ تي سربيا قبضو ڪيو.[8] ٻين جنگ عظيم ۾ سرب ۽ ڪروشيئن مسلمانن جو قتل عام ڪيو.[8] يوگوسلاويا جي وفاق ۾ مارڪسي ليڊر مارشل ٽيٽو (جوزف بروز) جي دؤر حڪومت ۾ مذھب دشمن پاليسين ذريعي مسجدون بند ڪيون ويون، ٻارن کي مذھبي تعليم منع ڪئي وئي، اسلامي استادن جي تربيت تي بہ بندش وڌي وئي.[8] ردعمل ۾ 1960ع واري ڏھاڪي ۾ اسلامي جاڳرتا بوسنيائي قومي جذبي سان شروع ٿيڻ لڳي ۽ سال 1991ع ۾ يوگوسلاويا جو وفاق ٽٽي ويو ۽ بوسنيا ۽ ھرزگوينا پنھنجي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو پر بوسنيا جي اتر ۽اوڀر واري حصي ۾ رھندڙ سرب نئين رياست جي قيام جي مخالفت ڪري ڇڏي.[8]

يوگوسلاويا جي سوشلسٽ وفاقي ريپبلڪ ۾ بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو جھنڊو

آزادي ۽ گھرو ويڙھه

[سنواريو]

19 فيبروري کان پھرين مارچ، 1992ع ۾ ھڪ ريفرينڊم ڪرايو ويو جيڪو آزاديءَ لاءِ ھيو جنھن ۾ 63 سيڪڙو ماڻھن حصو ورتو. بوسنيا جا سرب ريفرينڊم جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ووٽ ڏيڻ وارن جو 99 سيڪڙو آزادي جي حمايت ڪئي.[13] مارچ، 1992ع ۾ معاھدو عمل ۾ آيو ته مسلمان، سرب ۽ ڪروٽ ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي بوسنيا جي مرڪزي ڪنٽرول ۾ رھن.[14] 5 اپريل، 1992ع ۾ بوسنيا آزادي جو اعلان ڪيو،[15] جنھن کي آمريڪا تسليم ڪيو جنھن بعد ٻن سرب ميمبرن بوسنيا جي مرڪزي حڪومت مان استعفي ڏني. جنھن کانپوءِ خانہ جنگي شروع ٿي وئي جنھن م مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيو. 29 جون تي سڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلي تحت جن ۽ انساني جسمن جي نقصان کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جون فوجون داخل ٿي ويون ۽ سرائيوو تي گڏيل قومن جو ڪنٽرول ٿيو ۽ پوء گڏيل قومن 13 آگسٽ، 1992ع ۾ طاقت جي استعمال جو فيصلو ڪيو ۽ 10 جنوري، 1994ع ۾ ناٽو (NATO) جي الٽي ميٽم بعد بوسنيائي ۽ سرب فوجين کي شھرن مان ٻاھر ڪڍي جنگ بندي ڪرائي وئي. 1994ع ۾ مسلمانن ۽ ڪروٽن جي وچ ۾ ويڙھه شروع ٿي وئي. بوسنيا ھرزگوينا کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاء بوسنيائي صدر، عاليجاھه عزت بيگووچ (1925–2003ع) اعلان ڪيو ته نئون ملڪ اسلامي رياست ۾ تبديل نہ ڪيو ويندو ۽ عيسائي اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.[8] اھا گارنٽي بوسنيائي سربن کي پراڻي يوگوسلاويا جي فوج سان اتحاد کي ختم نہ ڪري سگھي ۽ ملڪ ۾ گھرو ويڙھه جي شروعات ٿي، جيڪا ھن علائقي ۾ سڀ کان خراب تجربو ثابت ٿيو.[8] بوسنيائي سرب فوجون بلغراد جي حڪومت جي کلي عام مدد سان نسل ڪشي واري پاليسي تي عمل ڪندي، بوسنيا ۾ بوسنيائي مسلمانن جو قتل عام شروع ڪيو. سڀ کان سنگين قتل عام 1995ع ۾ "سربرينيڪا" ۾ ٿيو جنھن ۾ ھزارين بوسنيائي ماڻهن کي ڪٺو ويو. [8] اھا جنگ ڊسمبر، 1995ع ۾ "ڊيٽن جي معاھدي" تي دستخط ڪرڻ سان ختم ٿي. ان معاهدي ۾ نئون آئين پڻ شامل ھيو، جنھن ۾ بوسنيائي، سرب ۽ ڪروٽن ٽنھي گروھن جي سياسي حقن کي تحفظ ڏنو ويو.[8] جنگ بعد انھن جنگي ڏوھن جي ڪري کوڙ سرب اڳواڻ جنگي ڏوھاري طور گرفتار ٿيا ھئا.[8]

بوسنيا جي جبلانڪوا ۾ نريٽوا ندي جي مٿان واقع نريٽوا پل جيڪا نريٽوا واري جنگ ۾ ٻہ دفعا تباھه ٿيو
7 فيبروري، 2014ع ۾ حڪومت مخالف مظاھرن ۾ تزلا ۾ ساڙيل سرڪاري عمارت
يوگوسلاويا جو خاتمو

بوسينيا ۽ ھرزگوينا پنھنجي خودمختياري جو اعلان آڪٽوبر 1991ع ۾ ڪيو ۽ کيس اڳوڻي يوگوسلاويا کان آزادي 3 مارچ، 1992ع ۾ ريفرنڊم ذريعي حاصل ٿيس، جنھن جو سرب واسي بائيڪاٽ ڪيو. بوسينيا م رھندڙ سرب، پاڙيسري ملڪن سربيا ۽ مونٽي نيگرو جي مدد سان ھٿيار بند مزاحمت شروع ڪئي. اھي نسلي تقسيم ذريعي "عظيم سربيا" جو حصو بڻجڻ چاھين پيا. مارچ، 1994ع ۾ بوسينيئن ۽ ڪروٽ پاڻ ۾ جنگ بندي ڪري معاھدي ذريعي بوسينيا ۽ ھرزگوينا جي نالي سان وفاق جوڙيو. 21 نومبر، 1995ع ۾ ڊيٽن (Dayton)، اوھايو (Ohio) ۾ جنگ ڪندڙ ڌرين ھڪ معاھدي ذريعي نسلي لڙائي جو خاتمو آندو ۽ 14 ڊسمبر، 1995ع تي پيرس ۾ ھڪ معاھدي تي دستخط ڪيا ويا. "ڊيٽن معاهدو" بوسينيا ۽ ھرزگوينا جون بين الاقوامي سرحدون بحال ڪيون ۽ گھڻ نسلي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.[16]

ڊيٽن ايگريمنٽ کانپوءِ بوسينيا۽ ھرزگوينا

جاگرافي

[سنواريو]
2010 ۾ بوسنيا ۽ ھرزگوينا کان 20 ڪلوميٽر تي ايڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي واقع نيوم شھر

ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ ھن ملڪ جو محل وقوع، °44 اتر ۽ °18 اوڀر ڦاڪ تي آهي. هن جي پکيڙ 51,197 چورس ڪلوميٽر آهي، جنھن ۾ 51,187 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 10 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ان جو نمبر 129هون آھي. ھن جي زميني سرحد 1,543 ڪلوميٽر ڊگهي آھي، جن مان ڪروشيا سان 956 ڪلوميٽر، مونٽي نيگرو سان 242 ڪلوميٽر ۽ سربيا سان 345 ڪلوميٽر جي آهن. سامونڊي سرحد 20 ڪلوميٽر اٿس. ھن جي سراسري اوچائي اڌ ڪلوميٽر يا 500 ميٽر آهي. سڀ کان ھيٺاھون مقام ايڊرياٽڪ سمند آھي ۽ سڀ کان اوچو "ميگلڪ جبل" آهي جنھن جي اوچائي 2,386 ميٽر آھي.[17]

بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو ٽوپوگرافڪ نقشو

معيشت

[سنواريو]

ھن ملڪ جي قدرتي وسيلن ۾، ڪچو لوھه، ٽامو، شيھو، جست، ڪوبالٽ، جپسم، لوڻ، باڪسائيٽ، ڪوئلو، ڪرومائيٽ، مينگنيز، نڪل ۽ عمارتي ڪاٺ شامل آهن. ملڪ جو %42.2 زمين زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنھن مان وري %19.7 آبپاشي واري آھي، جنھن جو 2 سيڪڙو تي مستقل پوکون ٿينديو آهن. %20.5 تي چراگاھون آھن ۽ 42.8 سيڪڙي زمين تي ٻيلا اٿس.

بوسينيا جي خريداري جي طاقت سان برابري (PPP) واري جي ڊي پي (GDP) سال 2017ع ۾ 43.85 ارب آمريڪي ڊالر، آفيشل ايڪسچينج ريٽ مطابق جي ڊي پي 17.46 ارب آمريڪي ڊالر ۽ جي ڊي پي واڌ واري شرح 2017ع ۾ 2.5 سيڪڙو ھئي. ساڳي سال في ڪس جي ڊي پي شرح 11,400 آمريڪي ڊالر في ماڻهو ھيو. ھتان جي ليبر فورس 15 لک کان وڌيڪ تي مشتمل آھي. سال 2017ع ۾ افراط زر 1.8 سيڪڙو ھئي ۽ ايڪسپورٽ 4.803 ارب آمريڪي ڊالر جي ھئي. ملڪ جي بجلي جي پيداوار 14.97 ارب ڪلوواٽ آهي.[18]

سياسي انتظام

[سنواريو]
بوسنيا ۽ ھرزگوينا جو گڏيل وفاق (FBiH)، سرپسڪا جي ريپبلڪ ۽ برچڪو ڊسٽرڪٽ کي ملائي بوسنيا ۽ ھرزگوينا چوندا آهن

پارليامينٽري ريپلڪ جي ھن وفاق جو گاديءَ جو هنڌ سرائيوو آھي. ھي ملڪ ٽن انتظامي حصن ۾ ورهايو ويو آهي؛ براڪو (Brcko)، فيڊريشن آف بوسينيا اينڊ ھرزگوينا ۽ ريپبلڪ آف سرپسڪا (Srpska). ھتان جو قومي ڏينھن پھرين مارچ، 1992ع آھي، جيڪو ان جو يوم آزادي آھي. موجودہ آئين 14 ڊسمبر، 1995ع ۾ ٺھيو، جيڪو "ڊيٽن امن معاهدي" جو نتيجو ھو. ملڪ جي صدر کي ھتي پريزيڊنسي جو چيئرمين چون ٿا ۽ ھن وقت ان عھدي تي "باقر عزت بيگووچ" 17 مارچ، 2018ع کان فائز آھي.[19]

بوسنيا ۽ ھرزگوينا جي صدارتي آفس، جيڪا سرائيوو جي وچ ۾ واقع آهي

سياسي جماعتن مان ھتي پارٽي آف ڊيموڪريٽڪ ايڪشن اقتدار ۾ آھي، جنھن جو سربراھه، باقر عزت بيگووچ آهي. ھتي 80 سيڪڙو مرد ۽ 70 سيڪڙو عورتون تعليم يافتہ آھن. ھن ملڪ م ڪل 109 ضلعا آهن. فوج جي سگھه ۾ 92,000 جوان ۽ آفيسر آھن. ملڪ ۾ 28 ايئرپورٽ آھن، جن مان 24 استعمال جي قابل آهن. روڊن جي ماپ 21,168 ڪلوميٽر آهي. 9 براڊ ڪاسٽ اسٽيشن ۽ 6 ٽي وي اسٽيشن آھن. وڏن شھرن ۾ سرائيوو، بانجالوڪا ۽ زيسلڪا شامل آهن. ڪرنسي دينار اٿس. ھي گڏيل قومن جي اداري، غير وابسته تحريڪ، انٽرپول، انٽرنيشنل سول ايوي ايشن، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جو رڪن آهي.

آبادي ۽ ثقافت

[سنواريو]
2013 جي آدمشماري مطابق بوسنيا ۽ ھرزگوينا جي ميونسپالٽين جي آبادي جي گھاٽائي جو نقشو

ھتان جي آبادي جولائي، 2017ع ۾ 38,56,181 ھئي ۽ ان حساب سان دنيا ۾ ھن جو نمبر 128 آھي. ھتي رھندڙ ماڻھو بوسينيائي، ھرزگوينائي سڏبا آهن. انھن ۾ 50.1 سيڪڙو بوسينيائي، 30.8 سيڪڙو سرب، 15.4 سيڪڙو ڪروٽ آھن. ھن ملڪ جون سرڪاري ٻوليون بوسينيائي، ڪروشيائي ۽ سرب آھن. ھن ملڪ جا ماڻهو 50.7 سيڪڙو مسلمان، 30.7 سيڪڙو آرٿوڊڪس عيسائي، 15.2 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ عيسائي، 0.8 سيڪڙو لامذهب ۽ 0.3 سيڪڙو اگناسٽڪ آھن. مقامي آباديءَ جي واڌ جي شرح سال 2017ع ۾ 0.16 سيڪڙو، ڄم جي شرح 8.8 ۽ موت جي شرح 10 سيڪڙو ھئي. 40.1 سيڪڙو آبادي شھرن ۾ رھندڙ آھي. طبي سھولتن ۾ اسپتال جا 3.5 بسترا في ھزار ماڻھن لاءِ بندوبست ۾ آھن. 1.8 ڊاڪٽر في ھزار ماڻھن لاءِ مقرر آھن. جي ڊي پي جو 9.6 سيڪڙو صحت تي خرچ ٿيندو آهي.[20] ھن ملڪ ۾ ٽي گروھن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ بوسنيائي يا بوسنيڪ جيڪي اڪثر مسلمان ۽ ڪل آبادي جو 48 سيڪڙو آھن، ٻيو گروھه سرب آھن جيڪي 14.3 سيڪڙو آھن ۽ ٽيون گروھه ڪروئيشيائي ماڻھن جو آهي. ملڪ جا 51 سيڪڙو ماڻھو مسلمان، 31 سيڪڙو آرٿوڊڪس عيسائي ۽ 15 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ عيسائي آھن.[8]

بوسانسڪا ڪروپا ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ، سربيائي آرٿوڊڪس چرچ ۽ ھڪ مسجد
بوسنيا ۽ ھرزگوينا ۾ مذھب (2013ع)
سيڪڙو
اسلام
  
51%
سربيائي آرٿوڊوڪس عيسائيت
  
31%
ڪيٿولڪ عيسائيت
  
15%
ٻيا/ڪوبہ نہ/بيان نہ ڪيل
  
3%

سياحت

[سنواريو]
سرائيوو شهر جو ھڪ چؤڪ
موستار شهر جو پراڻو پل
تربيشنيسا جي ڪناري تي واقع تربيشنيسا
ويشاگراڊ جو محمد پاشا سوڪولووڪ پل، جيڪا يونيسڪو پاران 2007ع کان عالمي ورثو قرار ڏنل آهي.
بونا ندي لڳ ڪارست چشمو
فوجنيڪا ڀرسان پروڪوشڪو ڍنڍ
امن جي راڻي جو مزار

تعليم ۽ ميڊيا

[سنواريو]
سرائيوو يونيورسٽي جو سرائيوو لاء اسڪول
بوسنيا ھرزگوينا جي نيشنل لائبريري

حوالا

[سنواريو]
  1. Peace Implementation Council, High Representative for Bosnia and Herzegovina, Constitutional Court of Bosnia and Herzegovina#Composition of the court, European Union Police Mission in Bosnia and Herzegovina, EUFOR Althea
  2. "Bosnia releases disputed census results". Politico. 1 July 2016. http://www.politico.eu/article/bosnia-releases-disputed-census-results/. Retrieved 1July 2016. 
  3. 3.0 3.1 "Report for Selected Countries and Subjects". 
  4. 4.0 4.1 "Bosnia and Herzegovina". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 7 February 2018. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Popis2013
  6. "Distribution of family income – Gini index". The World Factbook. TWB. حاصل ڪيل 29 October 2017. 
  7. "Human Development Report 2017". United Nations. حاصل ڪيل 29 October 2017. 
  8. 8.00 8.01 8.02 8.03 8.04 8.05 8.06 8.07 8.08 8.09 8.10 8.11 8.12 8.13 8.14 8.15 8.16 8.17 8.18 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 114,
  9. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}[مئل ڳنڍڻو]
  10. Robert J. Donia; John VA Fine (1994). Bosnia and Hercegovina: A Tradition Betrayed. Columbia University Press. pp. 14–16. 
  11. Hupchick, Dennis P. The Balkans from Constantinople to Communism, pp. 28–30. Palgrave Macmillan (2004)
  12. ( حوالو گھربل )
  13. "The Referendum on Independence in Bosnia–Herzegovina: February 29 – March 1, 1992". Commission on Security and Cooperation in Europe. صفحو. 19. وقت 22 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 December 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. Ramet, Sabrina P. (2006). The Three Yugoslavias: State-Building and Legitimation, 1918–2004. Indiana University Press. p. 379. ISBN 0-271-01629-9. 
  15. "ICTY: Naletilić and Martinović verdict – A. Historical background". وقت 19 June 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  16. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}[مئل ڳنڍڻو]
  17. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}[مئل ڳنڍڻو]
  18. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}[مئل ڳنڍڻو]
  19. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}[مئل ڳنڍڻو]
  20. {cite web|url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/bk.html}[مئل ڳنڍڻو]