بودلو بهار
مخدوم سڪندر بودلو بهار | |
|---|---|
اردو: بودلہ بہار | |
| لقب | بودلو بهار |
| ٻيا نالا | بودلو بهار، سڪندر بودلو |
| ذاتی | |
| جنم | 602ھ (1238ع) |
| وفات | 694ھ (1298ع) |
| قبر | سيوھڻ شريف، سنڌ، پاڪستان |
| مذھب | اسلام |
| شاخ | اهل سنت |
| ٻيا نالا | بودلو بهار، سڪندر بودلو |
| سلسلو | قلندري سلسلو قادري سلسلو |
| مرتبو | |
| استاد | لال شهباز قلندر |
| مقام | سيوھڻ شريف |
| دور | ٻارهين / تيرهون صديء |
| پيشرو | لال شهباز قلندر |
بودلو بهار (انگريزيBodlo Bahar) (پيبائش: 1238ع- وفات: 1298ع) عالم هو. پاڻ هڪ درويش ۽ لال شهباز قلندر جي خاص خدمتگارن منجهان هو.[1][2]
زندگي جو احوال
[سنواريو]بودلي بهارجو اصل نالو مخدوم سڪندر ولد ديندار خان چنيهو هو. سندس تعلق ملتان سان هو. هيءُ بزرگ 602ھ مطابق 1238ع ۾ اُچ شريف شريف ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ کيس صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿي. جواني ۾ ملتان کان سيوهڻ شريف آيو. صوفياڻي ۽ روحاني رمز ۾ مبتلا ٿيو ته روحاني رهبر جي تلاش ۾ شهر ۾ اگهاڙو گهمندو ڦرندو هو. جڏهن کيس قلندر لال شهباز جي قربت نصيب ٿي ته سندس شمار قلندر جي پيارن طالبن ۾ ٿيڻ لڳو. بودلو بهار سڄي عمر ڪنوارو ۽ مجرد رهيو. روايتن موجب کيس هنود ڪاسائي ڪُٺو هو. بودلي بهار جي درگاھ سيوهڻ جي قديم قلعي جي ويجهو، قلندر جي مزار جي اتر ۾ واقع آهي. سيوهڻ ۾ بودلي بهار جي نالي سان ڪافي پڻ آهي. بودلو بهار اڪثر ڳاڙهو لباس اوڍيندو هو جنهنڪري سندس متولي توڙي فقير ڳاڙهو لباس پائيندا آهن.[1][2]
وفات
[سنواريو]بودلو بهار 694ھ بمطابق 1298ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٿي فقير روزانو گنگهرو پائي ڌمال هڻندا ۽ رقص ڪندا آهن.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون، ٽائيٽل ؛ بودلو بهار، شاخ : شخصيت[مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 3 ميمن عبدالغفور سنڌي،”عظيم سنڌي انسان“(سنڌي ڪتاب)، عنوان: بـــــودلـــــو بــهــــار رح (1238ع – 1298ع)، ڇپيندڙ؛ موڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻه, اصل نسخو مان 2020-10-24 تي محفوظ ڪيل, 2017-04-11 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- Articles containing Urdu-language text
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from April 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 errors: unsupported parameter
- پاڪستان ۾ تصوف
- ھاشمي شخصيتون
- پاڪستاني صوفي
- سنڌي شخصيتون
- 1238ع جو پيدائشون
- 1298ع جون وفاتون