بودلو بهار
مخدوم سڪندر بودلو بهار | |
---|---|
اردو: بودلہ بہار | |
![]() مخدوم سڪندر المعروف بودلو بهار جي مزار سيوهڻ | |
مذھب | اسلام |
سلسلو | قلندري سلسلو قادري سلسلو |
ٻيو نالو | بودلو بهار، سڪندر بودلو |
ذاتي وضاحت | |
جنم | 602ھ (1238ع) اچ شریف |
موت | 694ھ (1298ع) سيوھڻ شريف |
آخري آرامگاهه | سيوھڻ شريف، سنڌ، پاڪستان |
وڌيڪ ڄاڻ | |
شهر | سيوھڻ شريف |
خطاب | بودلو بهار |
دور | ٻارهين / تيرهون صديء |
پيشرو | لال شهباز قلندر |
مذهبي زندگي | |
استاد | لال شهباز قلندر |
بودلو بهار (انگريزيBodlo Bahar) (پيبائش: 1238ع- وفات: 1298ع) عالم هو. پاڻ هڪ درويش ۽ لال شهباز قلندر جي خاص خدمتگارن منجهان هو.[1][2]
زندگي جو احوال[سنواريو]
بودلي بهارجو اصل نالو مخدوم سڪندر ولد ديندار خان چنيهو هو. سندس تعلق ملتان سان هو. هيءُ بزرگ 602ھ مطابق 1238ع ۾ اُچ شريف شريف ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ کيس صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿي. جواني ۾ ملتان کان سيوهڻ شريف آيو. صوفياڻي ۽ روحاني رمز ۾ مبتلا ٿيو ته روحاني رهبر جي تلاش ۾ شهر ۾ اگهاڙو گهمندو ڦرندو هو. جڏهن کيس قلندر لال شهباز جي قربت نصيب ٿي ته سندس شمار قلندر جي پيارن طالبن ۾ ٿيڻ لڳو. بودلو بهار سڄي عمر ڪنوارو ۽ مجرد رهيو. روايتن موجب کيس هنود ڪاسائي ڪُٺو هو. بودلي بهار جي درگاھ سيوهڻ جي قديم قلعي جي ويجهو، قلندر جي مزار جي اتر ۾ واقع آهي. سيوهڻ ۾ بودلي بهار جي نالي سان ڪافي پڻ آهي. بودلو بهار اڪثر ڳاڙهو لباس اوڍيندو هو جنهنڪري سندس متولي توڙي فقير ڳاڙهو لباس پائيندا آهن.[1][2]
وفات[سنواريو]
بودلو بهار 694ھ بمطابق 1298ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٿي فقير روزانو گنگهرو پائي ڌمال هڻندا ۽ رقص ڪندا آهن.[1][2]