اوڀر تيمور
ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف تِيمَور - لَيسٽَي (ايسٽ تِيمَور) ڊيموڪريٽيڪا ڊي تيمور ليسٽي (پورچوگيزي) ريپبليڪا ڊيموڪريٽيڪا تيمور ليسٽي(ٽَيٽُم ٻولي) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
گادي جو هنڌ | دلي | ||||
سڀ کان وڏو شهر | دلي | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
قومي ٻوليون | 15 ٻوليون
| ||||
مقامي آبادي | اوڀرتيموري تيموريز مئوبيري (غير رسمي) [1][2] | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي آئيني ريپبلڪ [3][4][5] | ||||
• صدر |
فرانسسڪو گوترريش | ||||
• وزيراعظم |
جَوسَي ماريا واسڪَونڪِيلَس | ||||
مقننه | نيشنل پارليامينٽ | ||||
ملڪ جو قيام | |||||
16ھين صدي عيسوي | |||||
• آزاديء جو اعلان ڪيو ويو |
28 نومبر 1975 | ||||
• ايسٽ تيمور بطور انڊونيشيا جو صوبو |
17 جولاءِ 1976 | ||||
• |
25 آڪٽوبر 1999 | ||||
• |
20 مئي 2002 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
[اوزا تبديل: invalid number] (154th) | ||||
• پاڻي (%) |
نہ جھڙو | ||||
آبادي | |||||
• 2015 مردم شماري |
1,167,242[7] | ||||
• گھاٽائي |
78 /km2 (202.0 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$4.567 ارب ڊالر[8] | ||||
• في سيڪڙو |
$5,479[8] (148th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2014 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$2.498 ارب ڊالر[8] |
اوڀر تِيمَور يا ايسٽ تِيمَور (انگريزي: East Timor ) (i/ˌiːst ˈtiːmɔr/) جنھن جو سرڪاري نالو ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف تِيمَور-لَيسٽَي آھي.[10] پورچوگيزي ٻولي ۾ ان جو نالو ڊيموڪريٽيڪا ڊي تيمور ليسٽي آھي[11] اھا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ اوشيانا جي سمنڊ ۾ واقع ھڪ خودمختيار رياست آھي.[12] جيڪا تيمور ٻيٽ جي اوڀر واري حصي ۽ ڀر وارن ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي.ان جي ويجھن ٻيٽن جا نالا اتائرو، ياڪو ۽ اوئيڪس آھن. ايسٽ تيمور جي اولھ ۾ انڊونيشيا جو علائقو ويسٽ تيمور ۽ ڏکڻ ۾ تيمور سمنڊ جي پار آسٽريليا واقع آھن. ملڪ جي ڪل پکيڙ 15,007 ڪ م (5,794 ميل) آهي[6]. ڏکڻ اوڀر ايشيا جو فلپائينز کان پوءِ ٻيو واحد ملڪ آهي جنھن جي آبادي جي اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آھي.
نالي جو مطلب
[سنواريو]لفظ تيمور ملائي ٻولي جي لفظ تمور مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي اوڀر. تمور لفظ کي پورچوگيزي م تيمور ڪري اچاريو ويو. پورچوگيزي ٻولي ۾ اوڀر کي ليسٽي چوندا آهن. اھڙي طرح تيمور ليسٽي جو مطلب اوڀر اوڀر آهي[13][14][15][16]
تاريخ
[سنواريو]آڳاٽو دؤر
[سنواريو]اوڀر تيمور جي اخري اوڀر واري ڇيڙي ۾ واقع جيري ملائي غار مان 42000 سال اڳ جا انساني مشغوليت جا ثقافتي آثار مليا آهن جن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سڀ کان قديم انساني علائقو اوڀر تيمور آھي[17] علائقي جي ٽن وڏين قديم ترين ھجرتن ۾ شامل انسانن جا پونئير اڃان تائين اتي رھندڙ آھن. انھن مان پھرين ھجرت ۾ آسثريلو ميلينيشائي نموني وارا سريلنڪا واري پاسي جا ويدا شامل ھيا. ٻي ھجرت 3000 ق م ۾ ٿي جنھن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي خطي ۾ ميلنيشيائي آيا جن جي ڪري ويدا ماڻھن پنھنجا علائقا ڇڏي جبلن پاسي منتقل ٿي ويا ۽ ميلنيشيائي ماڻھن انھن جي جاء ورتي. ٽين وڏي ھجرت ۾ ڏکڻ چين ۽ اتر انڊو چائنا مان پورٽو ملائي ماڻھو اتي لڏي آيا[18] موجوده ھاڪا واپاري انھن ٽين ھجرت ڪندڙن جا پونئير آهن[19].
ڪلاسيڪي دؤر
[سنواريو]يورپي نوآباديت کان اڳ واري (1515ع کان پھريان) دؤر ۾ تيمور انڊونيشيائي، ملائيشيائي، چيني ۽ ھندي واپاري ڄار ۾ شامل ھيو. چوڏھين صدي عيسويءَ م خوشبودار صندل، غلام، ماکي ۽ ميڻ برآمد ڪندو هو. پندرهين صدي جي شروعات ۾ تيموري ماڻھن جا موجوده فلپائين جي اتر ۾ واقع ٻيٽ لوزان (پورچوگيزي ۾ لوسيش) سان فوجي تعلقات ھئا[20][21] صندل جي ڪثير پيداوار يورپين کي سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي آندو[22]
پورچوگيزي تيمور (1769–1975)
[سنواريو]پورچوگيزين واپارين جي آمد بعد انھن ھتي ٻاھرين پاسن تي چوڪيون قائم ڪيون. 1769ع ۾ انھن دلي شھر جو بنياد وجھي تيمور کي پنھنجي پورچوگيزي تيمور نالي ڪالوني قرار ڏنو[24]
ٻين جنگ عظيم ۾ پھرين اتحادين ۽ پوء جپاني ايمپائر دلي تي قبضو ڪيو ۽ پوء ملڪ جو اندروني جابلو حصو گوريلا جنگ جو مرڪز ٿي ويو جيڪا 1942-1943 واري تيمور واري جنگ سڏبي آھي. جپاني قبضي خلاف اھا جنگ اوڀر تيمور جي رضاڪارن ۽ اتحادين گڏجي شروع ڪئي جنھن ۾ 40 کان 70 ھزار اوڀر تيموري شھري مارجي ويا[25]. جپاني فوج اوڀر تيمور جي سرزمين تان سمورن اتحادي فوجين جو صفايو ڪري ڇڏيو. جيئن ئي ٻين جنگ عظيم ۾ جپان ھٿيار ڦٽا ڪيا تہ پورچوگال اوڀر تيمور تي پنھنجو قبضو بحال ڪيو. 1974ع ۾ پورچوگال ۾ گلن وارو انقلاب اچڻ بعد پورچوگال تيمور واري ڪالوني ترڪ ڪري ڇڏي اھڙي طرح تيمور تان پورچوگيزي تسلط جو خاتمو آيو.
انڊونيشيا جو قبضو (1975-1999)
[سنواريو]1975ع ۾ تيمور ۾ سياسي جماعتن وچ ۾ گھرو ويڙھ ڇڙي پئي. آگسٽ 1975ع ۾ اوڀر تيمور جي آزادي چاهيندڙ انقلابي محاذ فريٽيلن تيمورين ڊيموڪريٽڪ يونين جي فوجي بغاوت جي ڪوشش جي مزاحمت ڪئي[26] ۽ 28 نومبر 1975ع ۾ اوڀر تيمور پنھنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو. انڊونيشيائي ٻيٽن جي جھرمٽ ۾ ڪميونسٽ رياست جي قيام جي ڊپ جي ڪري انڊونيشيائي فوج ڊسمبر 1975ع ۾ اوڀر تيمور تي حملو ڪيو[27] 17 جولاءِ 1976ع تي انڊونيشيا اوڀر تيمور کي پنھنجو صوبو قرار ڏنو[28] گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ان فوجي ڪاروائيءَ جي مخالفت ڪئي ۽ گڏيل قومن ۾ تيمور جي پراڻي پورچوگيزي انتظام ھيٺ غير خودمختيار خطي واري نالي ماتر حيثيت کي جاري رکيو[29]. انڊونيشيائي تسلط دوران مزاحمتي تحريڪ جاري رھي. 2001 ۾ گڏيل قومن جي اوڀر تيمور ۾ عارضي انتظاميه طرفان حقيقتن جاچڻ لاء قائم ٽرٿ ڪميشن جي رپورٽ مطابق 1974 کان 1999 تائين ان تڪرار سان لاڳاپيل تشدد ۾ اوڀر تيمور جا 102,800 ماڻھو فوت ٿيا جن مان 18,600 ماريا ويا ۽ 84,600 بک ۽ بيمارين ۾ مري ويا. 1975ع کان 1998ع تائين اوڀر تيمور جي قومي آزادي وارج ھٿياربند فورس (فيلنٽل) انڊونيشيا جي فوج سان ويڙھ جاري رکي. 1991ع ۾ دلي واري قتل عام آزادي جي تحريڪ کي ھڪ اھم موڙ تي پھچايو. پورچوگال، فلپائين، آسٽريليا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ آزادي جي ان تحريڪ سان يڪجهتي کي اڀاريو.
انڊونيشيا جي صدر سوھارتو جي استعفیٰ بعد گڏيل قومن انڊونيشيا ۽ پورچوگال ۾ ھڪ معاھدو ڪرايو جنھن تحت ٻئي ملڪ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ اوڀر تيمور ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ لاء راضي ٿي ويا جيڪو 30 آگسٽ 1999 تي ٿيو. اوڀر تيمورين آزادي جي حق ۾ راء ڏني. انڊونيشيا نواز مليشيا ان باوجود تيمور جي وحدت لاءِ بضد ھئي جنھن ڪري تشدد کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن انٽرنيشنل فورس ايسٽ تيمور مختصرن انٽرفيٽ (INTERFET) نالي امن فوج تيار ڪري موڪلي. ان ذريعي اوڀر تيمور ڇڏي پناهگير ٿيل ماڻھن کي واپس آندو ويو[30] 25 ڊسمبر 1999 تي اوڀر تيمور جو عارضي طور تي انتظام گڏيل قومن جي حوالي ٿيو جنھن جو سربراھ سرجيو ويئائرا ڊي ميلو کي بڻايو ويو[31][32] فيبروري 2000 ۾ انٽرفيٽ امن فوج جي اتي تعيناتي ختم ڪئي وئي ۽ فوجي ڪمان انٽرفيٽ کان گڏيل قومن کي منتقل ڪئي وئي[33].
خودمختيار اوڀر تيمور
[سنواريو]30 آگسٽ 2001 تي اوڀر تيمور ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ آئين ساز اسيمبلي جي قيام واري پھرين چونڊ ٿي[13][34] 22 مارچ 2002 تي آئين ساز اسيمبلي ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو[13] مئي 2002 تائين 205000 پناهگير واپس اوڀر تيمور موٽي چڪا ھئا[35] 20 مئي 2002 تي آئين نافذ ٿي ويو جنھن تحت ملڪ جو نالو ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ايسٽ تيمور رکيو ويو. ايسٽ تيمور ھڪ خودمختيار ملڪ بڻجي ويو جنھن کي گڏيل قومن تسليم ڪيو[34][36] آئين ساز اسيمبلي جو نالو مٽائي نيشنل پارليامينٽ رکيو ويو. شانانا گزمئو (Xanana Gusmão) ملڪ جو پھريون صدر ٿيو.
27 سيپٽمبر 2002 ۾ ملڪ جو نالو تبديل ڪري پورچوگيزي ٻولي وارو تِيمَور لَيسٽَي رکيو ويو ۽ ھي ملڪ گڏيل قومن جو رڪن ملڪ ٿي ويو[37]. 2006 ۾ گھرو ويڙھ جي ڪري گڏيل قومن اتي امن فورس اماڻي. گھرو ويڙھ جي ڪري 155000 ماڻھو اتان بي دخل ٿي پناهگير ٿي ويا[38]. گزمئو ٻيون دفعو ملڪ جو صدر ٿي پنھنجو مدو پورو ڪيو تہ جون 2007 ۾ وري پارلياماني چونڊون ڪرايون ويون جنھن ۾ جوسي راموس ھورتا صدر چونڊيو ويو[39] گزمئو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو
فيبروري 2088ع ۾ راموس ھورتا فوجي بغاوت ۾ قاتلاڻي حملي ۾ سخت زخمي ٿيو باقي گزمئو پاڻ تي ٿيل فائرنگ مان بچي ويو. آسٽريليا مان ھڪدم امن فوج موڪلي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو[40] اھڙي طرح مارچ 2011 ۾ گڏيل قومن پوليس جو ڪنٽرول ايسٽ تيمور جي اختياري جي حوالي ڪيو. 31 ڊسمبر 2012 تي گڏيل قومن جو اتي جاري امن مشن ختم ڪيو ويو[38].
جاگرافي
[سنواريو]ايسٽ تيمور ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي سمنڊ [41] ۾ واقع تيمور ٻيٽ جو حصو آهي. ان جي اتر ۾ اومبائي سامونڊي لنگھ، ويٽا سامونڊي لنگھ ۽ بانڊا سمنڊ واقع آھن. ڏکڻ ۾ تيمور سمنڊ ان کي آسٽريليا کان الڳ ڪري ٿو. ان جي اولھ ۾ انڊونيشيا جو صوبو اوڀر نوسا ٽينگارا واقع آهي. اوڀر تيمور جي 14٬919 km2 (5٬760 sq mi) ان کان سواءِ ان جو مخصوص سامونڊي معاشي زون 70٬326 km2 (27٬153 sq mi) آهي[42]. ملڪ جو وڏو حصو جابلو آھي ۽ ان جو سڀ کان بلند ترين مقام ٽاٽامائلئو جبل ( راميلئو جبل) جي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 2٬963 ميٽر (9٬721 ft) بلند آھي[43]. ھتان جي موسم ٽراپيڪل ۽ عام طور تي گھميل ۽ گرم ھوندي آھي. اھا موسمن مطابق برساتي ۽ خشڪ رھندي آھي. ملڪ جو گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر دلي آھي. ملڪ جو ٻيون نمبر وڏو شهر بائوڪائو آھي. اوڀر تيمور جو محل وقوع ڏکڻ واري ويڪرائي ڦاڪ جي متوازي °8 ۽ متوازي °10 ڊگرين تي ۽ اوڀر واري ڊگھائي ڦاڪ جي °124 ۽ °128 ڊگرين تي واقع آهي.
سياسي نظام
[سنواريو]ھن ملڪ جو رياستي سربراھ ملڪ جو صدر آھي جنھن کي عوام ووٽن ذريعي پنجن سالن لاء چونڊيندو آھي. صدر جا اگزيڪيوٽو اختيار جيتوڻيڪ محدود آھن پر انھن اختيارن سان ھي چونڊ ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت يا اتحاد مان وزيراعظم کي مقرر ڪرڻ، وزيراعظم جي مشوري سان ڪابينه مقرر ڪرڻ سميت پارليامينٽ جي قانون ساز کي پڻ ويٽو ڪري سگھندو آھي. ملڪ جو وزيراعظم حڪومتي سربراھ ھوندو آھي ۽ ڪابينه جي صدارت ڪندو آهي[3][4].
ايسٽ تيمور جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل پارليامينٽ آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جي رڪنن جي سڌي چونڊ عوام ڪندو آهي. پارليامينٽ جي رڪنن جو تعداد گھٽ ۾ گھٽ 52 ۽ وڌ ۾ وڌ 65 تائين ھوندو آھي. ايسٽ تيمور جو آئين پورچوگال جي آئين جي طرز تي ٺھيل آھي.
انتظامي ورهاست
[سنواريو]اوڀر تيمور ھيٺين 13 ميونسپالٽين ۾ ورھايل آھي جيڪي وري 65 انتظامي پوسٽن، 442 وڏن ڳوٺن (villages) ۽ 2225 ننڍڙن ڳوٺن (Hamlets) ۾ ورھايل آھن[44][45].
معيشت
[سنواريو]اوڀر تيمور جي معيشت مارڪيٽ واري معيشت آھي جيڪي ڪجهه شين جي برآمدن تي مشتمل آهي جن ۾ ڪافي، ماربل، پيٽروليم، ۽ صندل جي ڪاٺي شامل آهن[46] 2011 ۾ معيشت جي واڌ جي شرح 10 سيڪڙو ھئي ۽ ساڳي شرح 2012ع ۾ پڻ برقرار رھي[47]. ھن وقت اوڀر تيمور جي آمدني جو وڏو ذريعو سمنڊ اندر تيل ۽ گيس جا ذخيرا آھن جنھن جو ڪجهه حصو ھتان جي ٻھراڙيءَ جي ترقي تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. ٻھراڙيءَ جو گذارو زراعت تي آهي[48] ھتي آبادي جي اڪثريت انتھائي غربت ۾ رھي ٿي[48] 2005 ۾ ھتي تيمور ليسٽي پيٽروليم فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو 2011 تائين 8.7 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو[49]. انٽرنيشل مانيٽري فنڊ مطابق اوڀر تيمور جي معيشت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ تيل تي مدار رکندڙ معيشت آھي[50]. ملڪ جي لڳ ڀڳ سموري بجيٽ پيٽروليم فنڊ مان پوري ٿئي ٿي. بجيٽ 2004ع کان 2011ع تائين ۾ 7 ڪروڙ ڊالرن مان وڌي 1.3 ارب ڊالر ٿي ۽ 2012 ۾ اھا 1.8 ارب ڊالر مختص ڪئي وئي[49] شروع م آسٽريليا سان تيل ۽ گيس جي معاھدي سان آمدني جو اڌ آسٽريليا کڻي ويندو هو پر 2006ع ۾ ان تڪراري معاھدي جي مسوخي سان ملڪي آمدني ۾ وڏو اضافو اچي ويو.[51]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Hicks, David. "Rhetoric and the Decolonization and Recolonization of East Timor". Routledge.
- ↑ Adelman, Howard. "No Return, No Refuge: Rites and Rights in Minority Repatriation". Columbia University Press.
- ↑ 3.0 3.1 Shoesmith, Dennis (March–April 2003). "Timor-Leste: Divided Leadership in a Semi-Presidential System". Asian Survey (Berkeley: University of California Press) 43 (2): 231–252. doi: . ISSN 0004-4687. OCLC 905451085. http://as.ucpress.edu/content/43/2/231.full-text.pdf. Retrieved 25 August 2017. "The semi-presidential system in the new state of Timor-Leste has institutionalized a political struggle between the president, Xanana Gusmão, and the prime minister, Mari Alkatiri. This has polarized political alliances and threatens the viability of the new state. This paper explains the ideological divisions and the history of rivalry between these two key political actors. The adoption of Marxism by Fretilin in 1977 led to Gusmão's repudiation of the party in the 1980s and his decision to remove Falintil, the guerrilla movement, from Fretilin control. The power struggle between the two leaders is then examined in the transition to independence. This includes an account of the politicization of the defense and police forces and attempts by Minister of Internal Administration Rogério Lobato to use disaffected Falintil veterans as a counterforce to the Gusmão loyalists in the army. The December 4, 2002, Dili riots are explained in the context of this political struggle.".[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ 4.0 4.1 Neto, Octávio Amorim; Lobo, Marina Costa (2010). "Between Constitutional Diffusion and Local Politics: Semi-Presidentialism in Portuguese-Speaking Countries". APSA 2010 Annual Meeting Paper (Social Science Research Network). https://papers.ssrn.com/sol3/Delivery.cfm/SSRN_ID1666842_code1512429.pdf. Retrieved 25 August 2017.
- ↑ Beuman, Lydia M. (2016). Political Institutions in East Timor: Semi-Presidentialism and Democratisation. Abingdon, Oxon: Routledge. ISBN 1317362128. OCLC 983148216. https://books.google.com/books?id=8GCFCwAAQBAJ&printsec=frontcover. Retrieved 18 August 2017.
- ↑ 6.0 6.1 [1] [مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "2015 Census shows population growth moderating". Government of Timor-Leste. وقت 7 February 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 July 2016.
- ↑ 8.0 8.1 8.2 8.3 "Timor-Leste". The World Bank. حاصل ڪيل 3 May 2014.
- ↑ "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017.
- ↑ "UNGEGN list of country names" (PDF). United Nations Group of Experts on Geographical Names. حاصل ڪيل 14 August 2016.
- ↑ "Constituição da República Democrática de Timor" (PDF). Government of Timor-Leste. حاصل ڪيل 2 September 2016.
- ↑ CIA. "East and Southeast Asia:Timor-Leste". The World Factbook. Washington, DC: Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 16 December 2012.
- ↑ 13.0 13.1 13.2 "Constitution of the Democratic Republic of Timor-Leste" (PDF). Government of Timor-Leste. حاصل ڪيل 2 September 2016.
- ↑ "United Nations Member States". United Nations. وقت 24 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "European Union deploys Election Observation Mission to Timor Leste". Europa (web portal). حاصل ڪيل 28 March 2010.
- ↑ "CIA World Factbook". US Govt.
- ↑ Marwick, Ben; Clarkson, Chris; O'Connor, Sue; Collins, Sophie (December 2016). "Early modern human lithic technology from Jerimalai, East Timor". Journal of Human Evolution 101: 45–64. doi: . PMID 27886810. http://ro.uow.edu.au/smhpapers/4268.
- ↑ "Lesson 1 (First Part): Population Settlements in East Timor and Indonesia". University of Coimbra. وقت 1999-02-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ "About Timor-Leste> Brief History of Timor-Leste: A History". Timor-Leste.gov.tl. وقت 29 October 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Pigafetta, Antonio (1969) [1524]. "First voyage around the world". Translated by J.A. Robertson. Manila: Filipiniana Book Guild.
- ↑ The former sultan of Malacca decided to retake his city from the Portuguese with a fleet of ships from Lusung in 1525 A.D., SOURCE: Barros, Joao de, Decada terciera de Asia de Ioano de Barros dos feitos que os Portugueses fezarao no descubrimiento dos mares e terras de Oriente [1628], Lisbon, 1777, courtesy of William Henry Scott, Barangay: Sixteenth-Century Philippine Culture and Society, Quezon City: Ateneo de Manila University Press, 1994, page 194.
- ↑ Leibo, Steven, East and Southeast Asia 2012, Lanham, MD: Stryker Post, صفحا. 161–165, ISBN 978-1-6104-8885-3
- ↑ "Flags of the World". Fotw.net. وقت 8 April 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 July 2011. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "The Portuguese Colonization and the Problem of East Timorese Nationalism". وقت 23 November 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Department of Defence (Australia), 2002, "A Short History of East Timor"". وقت 3 January 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2007. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) Access date: 3 January 2007. - ↑ Ricklefs, M. C. (1991). A History of Modern Indonesia since c.1300, Second Edition. MacMillan. p. 301. ISBN 978-0-333-57689-2.
- ↑ Jardine, pp. 50–51.
- ↑ "Official Web Gateway to the Government of Timor-Leste – Districts". Government of the Democratic Republic of Timor-Leste. وقت 21 March 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 July 2011.
- ↑ "The United Nations and Decolonization". www.un.org.
- ↑ United States Congress House Committee on International Relations Subcommittee on Asia and the Pacific; United States Congress Senate Committee on Foreign Relations Subcommittee on East Asian and Pacific Affairs (2000) (en ۾). East Timor: A New Beginning? : Joint Hearing Before the Subcommittee on Asia and the Pacific of the Committee on International Relations, House of Representatives, and the Subcommittee on East Asian and Pacific Affairs of the Committee on Foreign Relations, United States Senate, One Hundred Sixth Congress, Second Session, February 10, 2000. U.S. Government Printing Office. pp. 51–53. ISBN 9780160607820. https://books.google.com/books?id=F17CxTFCY_MC&q=philippines+active+United+Nations+Transitional+Administration+in+East+Timor+peace&pg=PA51. Retrieved 26 July 2020.
- ↑ "One Man's Legacy in East Timor". thediplomat.com. حاصل ڪيل 30 May 2020.
- ↑ "UNITED NATIONS TRANSITIONAL ADMINISTRATION IN EAST TIMOR – UNTAET". United Nations. حاصل ڪيل 17 July 2011.
- ↑ Etan/Us. "UN takes over East Timor command". Etan.org. حاصل ڪيل 17 July 2011.
- ↑ 34.0 34.1 "Council endorses proposal to declare East Timor's Independence 20 May 2002". United Nations (Press release). Security Council. حاصل ڪيل 2 September 2016.
- ↑ "East Timor: More than 1,000 refugees return since beginning of month". ReliefWeb. حاصل ڪيل 13 February 2013.
- ↑ "Constitution of the Democratic Republic of East Timor". refworld. حاصل ڪيل 2 September 2016.
- ↑ "Unanimous Assembly decision makes Timor-Leste 191st United Nations member state" (Press release). United Nations. حاصل ڪيل 2 September 2016.
- ↑ 38.0 38.1 "UN wraps up East Timor mission". ABC News.
- ↑ "East Timor May Be Becoming Failed State". London. 13 January 2008. https://www.theguardian.com/worldlatest/story/0,,-6759703,00.html.
- ↑ "Shot East Timor leader 'critical'". BBC News. 11 February 2008. http://news.bbc.co.uk/2/hi/asia-pacific/7238142.stm.
- ↑ "United Nations". United Nations. وقت 2 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 March 2010.
- ↑ Exclusive Economic Zones – Sea Around Us Project – Fisheries, Ecosystems & Biodiversity – Data and Visualization.
- ↑ "Mount Ramelau". Gunung Bagging. حاصل ڪيل 18 December 2016.
- ↑ "Diploma Ministerial No:199/GM/MAEOT/IX/09 de 15 de Setembro de 2009 Que fixa o número de Sucos e Aldeias em Território Nacional Exposição de motivos" (PDF), Jornal da Républica, Série I, N.° 33, 16 de Setembro de 2009, 3588-3620, وقت 1 March 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل
- ↑ Population and Housing Census 2015, Preliminary Results (PDF), Direcção-Geral de Estatística, حاصل ڪيل 15 January 2018
- ↑ de Brouwer, Gordon, Hill, Hal; Saldanha, João M., وڪي نويس., East Timor: Development Challenges For The World's Newest Nation, Canberra, Australia: Asia Pacific Press, صفحا. 39–51, ISBN 978-0-3339-8716-2
- ↑ "Timor-Leste's Economy Remains Strong, Prospects for Private Sector Development Strengthened". Asian Development Bank. وقت 9 March 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 48.0 48.1 Schonhardt, Sara (19 April 2012). "Former Army Chief Elected President in East Timor". The New York Times (The New York Times Company). https://www.nytimes.com/2012/04/19/world/asia/former-army-chief-elected-president-in-east-timor.html.
- ↑ 49.0 49.1 "Observers divided over oil fund investment". IRIN Asia.
- ↑ "Article IV Consultation with the Democratic Republic of Timor-Leste". IMF.
- ↑ "East Timor axes Australia border treaty over oil reserves". BBC News (BBC UK). 10 January 2017. https://www.bbc.com/news/world-asia-38551628.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از May 2024
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links از January 2018
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون جن ۾ پورچوگيزي ٻولي جا اکر آھن
- سانچو تبديل جا نادرست اختيار
- ملڪ
- ايشيا
- ايشيا ۾ ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ
- مالي ٻولي ڳالھائڻ وارا ملڪ ۽ علائقا