اتائرو ٻيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اتائرو
جاگرافي
جڳھ ڏکڻ اوڀر ايشيا
دلي شھر مان اتائرو ٻيٽ جو منظر
دلي جي ميونسپالٽي، اتائرو ٻيٽ سميت

اتائرو ٻيٽ(انگريزي: Atauro Island ) (ٽيٽم پولائو اتائرو) اوڀر تيمور جي گادي جي هنڌ دلي کان 25 ڪ م جي فاصلي تي دلي ميونسپالٽي جي حدن ۾ واقع ھڪ ننڍو ٻيٽ آھي جيڪو 25 ڪ م ڊگھو ۽ 9 ڪ م ويڪرو آھي ۽ ان جي ڪل پکيڙ 140.1 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جي آبادي 2015ع جي آدمشماري مطابق 9,274 آهي. ان جو سڀ کان ويجھو ٻيٽ انڊونيشيا جو ليران ٻيٽ آھي جيڪو ان جي اتر اوڀر ۾ 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. اتائرو لفظ جي معني مقامي ٻوليء ۾ ٻڪري آھي. اتي ٻڪرين جي وڏي تعداد جي ڪري ان تي اھو نالو پئجي ويو. ٻيٽ جو سڀ کان بلند ترين مقام ماناڪوڪو جبل آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 999 ميٽر اوچو آهي.

حوالا[سنواريو]