اواران ضلعو
آواران ضلعو | |
|---|---|
| Awaran District | |
قلات ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل | |
| جاگرافي بيهڪ: 26°15′42″N 65°18′27″E / 26.26167°N 65.30750°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | بلوچستان |
| ڊويزن | قلات ڊويزن |
| قيام | 11 نومبر 1992[1] |
| صدر مقام | آواران شھر |
| Government | |
| • ڊپٽي ڪمشنر | انجينئر عائشه زهري |
| • قومي اسيمبلي جو تڪ | اين اي-270 (آواران-لسٻيلا) |
| • ضلعي ھيلٿ آفيسر | ڊاڪٽر محمد اسلم |
| • تعلقا | 5 |
| Area | |
• Total |
29,510 ڪ.م2 (11,390 ميل2) |
آواران ضلعو (اردو: ضلع آواران؛ بلوچي: آواران دمگ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۾ قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي جنھن جو صدر مقام آواران شھر آھي.
ھن ضلعي جو قيام نومبر 1992ع ۾ ٿيو ھو ۽ ان کان اڳ ھي ضلعو خضدار ضلعي جو تعلقو ھيو. آواران شھر جو پراڻو نالو ڪولوا ھيو. ھي ضلعو بلوچستان جو غريب ترين ضلعو سمجھيو ويندو آھي.[2] ھن ضلعي جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھه ۾ گوادر، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ لسٻيلا، اولھه ۾ ڪیچ ۽ پنجگور، اتر اوڀر ۾ خضدار ۽ اتر ۾ خاران جا ضلعا واقع آهن. ھن ضلعي جي ڪل پکيڙ 29,510 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي سال 2023ع جي آدمشماري مطابق 178,958 آهي.[3]
انتظامي ورهاست
[سنواريو]اڳ ۾ ھي ضلعو ٻن تعلقن ۽ ھڪ سب تحصيل ۾ ورھايل ھيو.[4] هاڻي ضلعي کي انتظامي طور تي هيٺ ڏنل 5 تعلقن ۾ ورهايو ويو آهي:[5]
| # | تعلقو | ايراضي (چورس ڪلوميٽر) | آبادي
(2023) |
گهاٽائي | خواندگي جي شرح
(2023) |
يونين ڪائونسلون |
|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | آواران تعلقو | 13,075 | 45,774 | 3.50 | 42.90% | آواران
تيرتيگي |
| 2 | گشڪور تعلقو | 4,578 | 31,462 | 6.87 | 36.34% | گشڪور |
| 3 | جھل جهائو تعلقو | 6,381 | 28,132 | 4.41 | 26.62% | ڪيمپ جھائو |
| 4 | ڪوراڪ جاهو تعلقو | 3,058 | 27,652 | 9.04 | 26.71% | ڪوراڪ |
| 5 | ماشڪئي تعلقو | 2,418 | 45,938 | 19.00 | 41.21% | گجر
نوڪجو پارور |
ضلعي ۾ ھيٺيون 8 يونين ڪاؤنسلون واقع آھن:[6]
- آواران يونين ڪائونسل
- گشڪور يونين ڪائونسل
- تيرتيگي يونين ڪاؤنسل
- ڪيمپ جھائو يونين ڪائونسل
- ڪوراڪ جاهو يونين ڪاؤنسل
- گاجار يونين ڪاؤنسل
- نوڪجو يونين ڪاؤنسل
- پاروار يونين ڪاؤنسل
آبادي
[سنواريو]ھن ضلعي جي مختلف سالن ۾ آدمشماري ھيٺ ڏنل آهي:
- 1981ع واري آدمشماري: 110,353[7]
- 1998ع واري آدمشماري: 118,173[7][8]
- 2017ع واري آدمشماري: 121,680[7]
- 2023ع واري آدمشماري: 178,958
ھن ضلعي جي آبادي جو 98 سيڪڙي کان مٿي مسلمان آھن،[9] ۽ اقليتن ۾ ذڪرين جو ھڪ قابل ذڪر گروه شامل آھي. ھن ضلعي جي مکيه قبيلن ۾ بزنجو، محمد حسني، ساجدي، سياپاد، ميرواڻي، رخشاني، سليماني ۽ قمبراڻي شامل آهن. ھتان جي %99.72 آبادي جي ٻولي بلوچي آهي.
معيشت
[سنواريو]آواران ضلعي جي معيشيت زراعت تي مشتمل آهي. ھن کي کجين جو خيابان سڏيندا آهن. ھتان جي کجور جي سالياني پيداوار لڳ ڀڳ 15 ھزار ٽن آھي. ان کان سواءِ ھتي بصر جي پوک پڻ ڪثرت سان ٿئي ٿي جنھن جي سالياني پيداوار جو تخمينو 53 ھزار ٽن آھي. ڪڻڪ ۽ جَوَ مکيه ربيع وارا فصل آھن. خريف ۾ ھتي ميوا ۽ داليون پوکيون وينديون آهن.
تعليم
[سنواريو]پاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ 2017 مطابق الف اعلان واري رپورٽ م پاڪستان جي 155 ضلعن ۾ آواران ضلعي جو درجو 137 ھون ھيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Awaran آرڪائيو ڪيا ويا 31 August 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. UN profile. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.
- ↑ Awaran District Balochistan Flood Assessment p. 6. July 2007 آرڪائيو ڪيا ويا 11 March 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. PDI, Khuzdar. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.
- ↑ [ https://www.pbs.gov.pk/content/district-glance-awaran] www.pbs.gov.pk/content/district-glance-awaran
- ↑ Awaran District آرڪائيو ڪيا ويا 1 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Government of Balochistan. Retrieved 24 July 2012
- ↑ "Awaran District", Government of Balochistan website, اصل کان 1 June 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 July 2023۔
- ↑ "Tehsils & Unions in the District of Awaran", National Reconstruction Bureau, Government of Pakistan website, اصل کان 5 August 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 July 2023۔
- 1 2 3 Awaran District آرڪائيو ڪيا ويا 12 September 2011[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Population Census Organisation, Government of Pakistan. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.
- ↑ [ https://www.pbs.gov.pk/content/district-glance-awaran] www.pbs.gov.pk/content/district-glance-awaran
- ↑ Awaran District Balochistan Flood Assessment p. 4. July 2007 آرڪائيو ڪيا ويا 11 March 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. PDI, Khuzdar. Retrieved 6 سيپٽمبر 2010.