قمبراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قمبراڻي بروھي ذات جو ھڪ پاڙو آھي.[1] قمبراڻين ۾ هڪ خاص رواج آهي جو ٻين بروهين سان لاڳو نہ آهي. هو ٽن جدا درجن يا طبقن ۾ ورهايل آهن، جن جا خطاب آهن احمد زئي، خاني ۽ قمبراڻي. 1810ع ۾ جڏهن مان قلات ۾ هوس، تڏهن احمد زئي فقط ست ڄڻا هئا، محمود خان، سندس پٽ، ٻہ ڀائر، هڪ ڀيڻ، پڦي ۽ سؤٽ. خاني ٻئي درجي جا زميندار آهن، مثلاً مير مراد علي، خوزدار وارو ۽ هن جا ڀائر. انهيءَ درجي جا ويھ- ٽيھ ماڻهو هوندا، قوم جا باقي بچيل سڀ ماڻهو خاص قمبراڻي ڪري ليکجن ٿا، رواجي طرح اهو خطاب سڄي قوم جي ماڻهن سان لاڳو ڪيو ويندو آهي. قمبراڻي ٻين قومن مان شادي ڪندا آهن، پر پنهنجون ڇوڪريون ٻين کي ڪونہ ڏيندا آهن. ڪي بروهي ۽ رند بلوچ بہ اهڙيءَ طرح هڪٻئي سان ڏي وٺ نہ ڪندا آهن، پر ان لاءِ مون کي ڪوبہ معقول سبب معلوم ڪونہ ٿي سگهيو آهي. مان سمجهان ٿو تہ هنن کي پنهنجي وڏائيءَ تي فخر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر؛ ليکڪ: ھينري پاٽينجر؛ ايڊيشن: 1993ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.