الھداد زرداري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهداد زرداري (انگريزي:Allahdad Zardari) سنڌ جو مشهور ڳائڻو هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

الهداد زرداري 1959ع ۾ باغ علي زرداري جي گهر ۾ موري لڳ ڳوٺ مڪراري ۾ ڄائو.[1]

تعليم ۽ فن[سنواريو]

الهداد زرداري 1975ع کان باقاعدي ڳائڻ جي شروعات ڪئي[2]. هن انٽر تائين -تعليم پرائي. کيس راڳ جو ننڍي لاڪر شوق هوندو هيو. هن فن ۾ سکيا استاد بيبي خان جي شاگرد قاضي احمد جي استاد مٺل خان ميراثي ءَ کان حاصل ڪئي. ان بعد هن ڦوٽي زرداريءَ کان چپڙيءَ ۽ يڪتاري جو فن پرايو. الهداد ريڊئي ۽ ٽي وي تي تمام سٺو ڳاتو. هي ڪيسٽ واري دورجو مشهور فنڪار هو. آخر ۾ ڪجهه وقت گلي ۾ تڪليف سبب ڳائي نه سگهيو هو. هن اردو، سنڌي، بلوچي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ٻولين ۾ ڪافي ڪلام ڳاتا. کيس فني خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ به مليا، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اوارڊ، ميان نصير محمد ڪلهوڙو اوارڊ، مصري شاهه اوارڊ اهم آهن. هن وقت سندس پٽ شهباز الهداد پڻ ڳائي ٿو.[1]

لاڏاڻو[سنواريو]

الهداد زرداري 4 آگسٽ 2019ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس موري لڳ اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. [3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "الهداد زرداري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  2. Khaabroo. "راڳي استاد الهداد زرداري جو وڇوڙو، اباڻي ڳوٺ ۾ آخري رسمون ۽ تدفين". Khaabroo خابرو. حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  3. "الهداد زرداري جي پونئرن سان تعزيت جاري، مٺي ۾ تعزيتي ميڙاڪو". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-01-21.