مواد ڏانھن هلو

آتش پرستي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاريخ جي شروعات کان به اڳي باهه جي اهميت ۽ قدر سبب ان جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. باهه کي هڪ مقدس طاقت سمجهي ان کي هڪ ديوتا جهڙي اهميت ڏئي، پرستش ڪئي ويندي هئي. هندن جي قديم ويدن ۾ اگني ديوتا بابت بيان ملي ٿو. اگني ديوتا انسان ۽ ديوتائن وچ ۾ هڪ مقدس قاصد جي حيثيت رکندو هو. ديوتائن کي خوش رکڻ جي لاءِ، باهه جي قربانيءَ جو عملي تصور وجود ۾ اچي چڪو هو. ان ڪري گهرن ۽ مندرن ۾ سدائين باهه کي روشن رکيو ويندو هو. اگني ديوتا ڏانهن منسوب ٿيل ڪيترن ئي ڀارتي مندرن ۾ باهه کي قائم رکيو ويندو آهي.

ان کان سواءِ زرتشت مذهب وارا پنهنجي آڳياري ۾ سدائين باهه کي ٻريل رکندا آهن. هابيل جي قربانيءَ جو واري واقعي ۾ پڻ باهه جو ذڪر ملي ٿو. قديم يوناني هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن ويندا هئا، ته پاڻ سان باهه به ضرور کڻندا هئا. اولمپڪ راندين ۾، اولمپڪ مشعل کي روشن رکڻ جي پويان به، اصل ۾ باهه جي تقدس کي برقرار رکڻ جي معنيٰ سمايل آهي. ايران ۾ زرتشتين، باهه جي پوڄا کي باقاعدي مذهب جي شڪل ڏئي ڇڏي هئي. هنن وڏيو آڳياري تيار ڪييون، جن ۾ باهه کي سدائين روشن رکيو ويندو هو. هاڻي وري ايران ۾ پراڻيون آڳياريون آباد ٿي رهيو آهن. پارسي مذهب ايران ۾ ٻيهر ڪر موڙي رهيو آهي. دنيا ۾ جتي به پارسي آباد آهن، اهي باهه جي پوڄا ڪندا آهن. پارسي مذهب ۾ باهه کي مذهب جو روح ۽ مقدس ترين قوت سمجهيو وڃي ٿو. قديم اسرائيلي پڻ باهه جي پوڄا ڪندا هئا، پر حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پيغمبريءَ واري دور ۾ يهودين کي باهه جي پوڄا کان جهليو ۽ رڳو ”يهودا“ يعني خدا جي عبادت جي تعليم ۽ ترغيب ڏني. قديم يوناني فيلسوفن ارسطو ۽ افلاطون هن دنيا جي هر شيءِ کي چئن عنصرن جي پيداوار قرار ڏنو آهي. انهن ۾ پاڻي، مٽي، هوا ۽ باهه اچي ٿا وڃن پر ڪيترا فيلسوف باهه کي تخليق جي سڀ کان وڏي قوت ٿا سمجهن. هن وقت انساني ذهن، مذهبي خيالن ۽ رسمن کان باغي ٿي رهيو آهي. ماديت پنهنجي عروج تي آهي. تڏهن به ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ زرتشتي پنهنجي مندرن ۾ باهه جا آڙاهه قائم ڪري ان کي سدائين ٻريل رکندا آهن ۽ ان جي باقاعدي پوڄا ڪندا رهندا آهن. سنڌ ۾ ٻهراڙين ۾ چلهه ۾ ٽاندو وسامڻ نه ڏيندا آهن، رات جو ٽانڊو پوري ڇڏبو آهي ۽ صبح جو ڪک ڪهڄر وجهي ٽانڊي کي هوا هڻي يا ڦوڪ ڏئي باهه ٻاربي آهي. اهو به لاشعوري طور باهه جي تصور جي باقيات آهي.[1]

آتش پرست

[سنواريو]

باهه جي پوڄا ڪندڙ ماڻهو. قديم دور ۾، خاص طرح وچ مشرق ۾ باهه (آتش) جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. قديم ايرانين باهه کي طاقت جو مظهر تصور ڪندي، ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. زرتشت جي مذهب جو بنياد به باهه جي پوڄا تي ٻڌل هو. ايران جو ”برامڪه“ يا ”برمڪي“ گهراڻو باهه جو پوڄاري هو. ڪي آريا قبيلا به جوت جا پوڄاري هئا، هندستان ۾ باهه جي ديوتا جو نالو ”اگني“ آهي. اڄ به آتش پرستن جي ٽڪاڻن ۾ جوت هميشه ٻرندي رهندي آهي. اسلام جي آمد کان پوءِ ايران مان لڏپلاڻ دوران ڪئين آتش پرست سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا ۽ پنهنجا عبادت گهر قائم ڪيائون.

پارسي نسل جي انهن آتش پرستن کي سنڌ ۾ ”پارسي“ ۽ ڪي ماڻهو ”گبر“ به سڏيندا آهن. سنڌ ۾ اُهي گهڻو ڪري ڪراچي شهر ۾ رهندڙ آهن.[2]

حوالا

[سنواريو]