تنزانيا
يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيه Jamhuri ya Muungano wa Tanzania (Swahili) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
گادي جو هنڌ | ڊوڊوما(ڊي جيور) | ||||
سڀ کان وڏو شهر | دارالسلام | ||||
دفتري ٻوليون | ڪابہ نہ | ||||
قومي زبان | سواحلي ٻولي[1] | ||||
ٻيون ٻوليون | انگريزي | ||||
مذهب | (2010 تخمينو )[2] (نوٽ: زينزيبار ۾ تقريبن مسلمان رھن ٿا.) | ||||
مقامي آبادي | تنزانين يا تنزانيائي | ||||
حڪومت | وحداني غلبي واري جماعت صدارتي، سوشلسٽريپبلڪ[3][4][5] | ||||
• صدر |
جان ميگوفولي | ||||
• نائب صدر |
سميعہ سولوحو | ||||
• وزيراعظم |
قاسم مجالوا | ||||
• اسپيڪر |
جاب اين دوگائي | ||||
• چيف جسٽس |
ابراھيم حمث جمعا | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين | |||||
9 ڊسمبر 1961 | |||||
10 ڊسمبر 1963 | |||||
• انضمام |
26 اپريل 1964 | ||||
• موجوده آئين |
25 آپريل 1977 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
947٬303 km2 (365٬756 sq mi) (31st) | ||||
• پاڻي (%) |
6.4 | ||||
آبادي | |||||
• 2012 مردم شماري |
44,928,923 | ||||
• گھاٽائي |
47.5 /km2 (123.0 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$176.465 ارب ڊالر [7] | ||||
• في سيڪڙو |
$3,456[7] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$56.664 ارب ڊالر [7] |
تنزانيا, تنزانيہ، تنزانيه(انگريزي: Tanzania) /ˌtænzəˈniːə/ [11] سرڪاري نالو يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا ھڪ اوڀر آفريڪا جو ملڪ آهي جيڪو آفريڪا جي وڏين ڍنڍن واري علائقي ۾ شامل آھي. ان جي سرحد اتر ۾ يوگنڊا، اتر اوڀر ۾ ڪينيا، اوڀر ۾ ھندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ ۾ موزمبيق ۽ ملاوي، ڏکڻ اولھ ۾ زيمبيا ۽ اولھ ۾ روانڊا، برونڊي ۽ ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو واقع آھن. ھن جي اتر اوڀر ۾ آفريڪا جو سڀ کان وڏو جبل مائونٽ ڪليمنجارو واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ ايٿوپيا کان ڏکڻ ڪوش واريون (انگريزي: South Cushitic) ٻوليون ڳالھائيندڙ تنزانيا لڏي آيا ھئا. اوڀر ڪوش وارا ماڻهو 2000 کان 4000 سال اڳ ترڪانا ڍنڊ جي اتر ۾ آيا. اھڙي طرح سوڊان مان بہ تنزانيا طرف ماڻھن جي ھجرت ٿي ۽ تنزانيا ۾ آبادي جي شروعات ٿي وئي.
جاگرافي
[سنواريو]تنزانيا جي جاگرافيائي بيهڪ6 00 S, 35 00 E آھي. ڪل پکيڙ 947,300 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 885,800 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 61,500 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھن لڪير جي پکيڙ ۾ مافيا، پيمبا، ۽ زينزيبار جا ٻيٽ پڻ شامل آهن . پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 32 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,161 ڪلوميٽر آھن جيڪي 8 ملڪن سان ملن ٿيون. ان مان 589 ڪلوميٽر برونڊي سان ، 479 ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو سان، 775 ڪلوميٽر ڪينيا سان، 512 ڪلوميٽر ملاوي سان، 840 ڪلوميٽر موزمبيق سان، 222 ڪلوميٽر روانڊا سان، 391 ڪلوميٽر يوگنڊا سان ۽ 353 ڪلوميٽر زيمبيا سان ملن ٿيون. ملڪ جي بحري سرحد 1424 ڪلوميٽر آهي ۽ سرحد اندر بحري علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ، ۽ مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 1018 ميٽر ۽ سڀ کان بلند ترين مقام ڪليمنجارو آھي جنھن جي بلندي 5895 ميٽر آھي جيڪو پوري آفريڪا کنڊ جو بلند ترين مقام آھي[12].
آبهوا
[سنواريو]ساحلي علائقن ۾ ٽراپيڪل ۽ مٿاھين ميداني علائقن ۾ ٽيمپريٽ ھوندي آھي[12].
معدنيات ۽ قدرتي وسيلا
[سنواريو]ھتي جي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، ٽين، فاسفيٽ، ڪچو لوھ، ڪوئلو، ھيرا، جواھر، سون، قدرتي گئس ۽ نڪل شامل آهن[12].
زراعت
[سنواريو]ھن ملڪ جي زرعي زمين 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي لائق ان جو 14.3 سيڪڙو آهي، مستقل پوک 2.3 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 27.1 سيڪڙو ۽ ٻيلا 37.3 سيڪڙو تي واقع آھن[12].
تنزانيائي ماڻهو
[سنواريو]ھن ملڪ جي آبادي 53,950,935 آھي ۽ آبادي ۾ ھي دنيا جو 26 وڏو ملڪ آهي. ھتان جي ماڻھن کي تنزانيئن چوندا آهن ۽ سنڌي ۾ کين تنزانيائي چئبو آهي. ملڪ جي آبادي جو 99 سيڪڙو آفريڪي آھن جن مان 95 سيڪڙو بانٽو نسل جي 130 کان وڌيڪَ قبيلن سان تعلق رکندڙ آھن. ھڪ سيڪڙو آبادي ۾ ايشيائي، عرب ۽ يورپي شامل آهن. ھتان جي ٻولي ڪسواحلي يا سواحلي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ بانٽو نسل وارن جي مادري ٻولي آهي. انگريزي بہ ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي. زينزيبار ۾ سڀ کان وڌيڪَ عربي ڳالھائي ويندي آھي. ھتان جا 61.4 سيڪڙو ماڻهو عيسائي، 35.2 سيڪڙو مسلمان، 1.8 سيڪڙو لوڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن[12].
نالو
[سنواريو]ملڪ ريپبلڪ آف تنزانيه يا جمھوريہ تنزانيا آھي. ملڪ جو نالو ٻن لفظن جي پھرين اکرن کي ملائي ٺاھيو ويو. اھي لفظ آھن : ٽانگانيڪا ۽ زانزبار جيڪي ٻہ رياستون ھيون جن جي 1964 ۾ انضمام سان اھو نالو ان تي رکيو ويو[12].
سياسي نظام
[سنواريو]ھتان جو سياسي نظام صدارتي ۽ جمھوري آھي. حڪومت جي گادي ڊوڊوما شھر ۾ آھي جتي پارليامينٽ واقع آهي پر ملڪ جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ دارالسلام آھي.ملڪ جي انتظامي ورھاست ريجن جي نالي ٿيل آهي . ملڪ ۾ ڪل 31 ريجن آھن جن جا نالا آھن؛ اروشا، دارالسلام، ڊوڊوما، گيئٽا، ارنگا، ڪاغيرا، ڪاسڪازيني پيمبا، ڪاسڪازيني انگوجا (اتر زنجبار)، ڪاٽاوي، ڪيگوما، ڪليمنجارو، ڪوسيني پيمبا ، ڪوسيني انگوجا (ڏکڻ يا وچ زنجبار)، لنڊي، مانيارا، مارا، مبييا، مجني مغربي (مغربي زنجبار)، موروگورو، مٽوارا، موانزا، نجومبي، پواني (ساحل)، رڪوا، رووما، شنيانگا، سمي يو، سنگيدا، سانگوي، ٽيبورا ۽ ٽانگا.
ھتان جو قانوني نظام انگريزي ڪامن لا وارو آھي. بين الاقوامي قانون ۾ ھي ملڪ بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ آھي.ھتي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي[12].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Tanzania". Ethnologue. SL International.
- ↑ CIA World Factbook آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. 2010. Retrieved 23 May 2017.
- ↑ David Lawrence (2009). Tanzania: The Land, Its People and Contemporary Life. Intercontinental Books. p. 146. ISBN 978-9987-9308-3-8. https://books.google.com/books?id=qVDYbCfaPuQC&pg=PA146.
- ↑ "About the United Republic of Tanzania". Permanent Representative of Tanzania to the United Nations. وقت 19 February 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 January 2015.
- ↑ سانچو:Cite constitution
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedBFF
- ↑ 7.0 7.1 7.2 7.3 Tanzania. IMF.org
- ↑ "GINI Index". The World Bank. حاصل ڪيل 14 October 2014.
- ↑ "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018.
- ↑ "UPDATE 2-Tanzania's GDP expands by 32 pct after rebasing – officials". Reuters. Reuters. 19 December 2014. Archived from the original on 8 February 2018. https://web.archive.org/web/20180208123403/https://af.reuters.com/article/tanzaniaNews/idAFL6N0U312N20141219?sp=true. Retrieved 19 December 2014.
- ↑ "Tanzania | Define Tanzania at Dictionary.com". Dictionary.reference.com. حاصل ڪيل 19 February 2014.<br/ {{IPA-sw|tanzaˈni.a|} /tænˈzeɪniə/
- ↑ 12.0 12.1 12.2 12.3 12.4 12.5 12.6 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/>
نہ مليو