مواد ڏانھن هلو

قاسم سليماني جو قتل

بيھڪ: 33°15′29″N 44°15′22″E / 33.25806°N 44.25611°E / 33.25806; 44.25611
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قاسم سليماني جو قتل
سلسلو فارسي نار بحران (2019ع کان تاحال) ۽ آمريڪي اڳواڻي ۾ عراق اندر مداخلت

حملي ۾ تباھ ٿيل قاسم سليماني جي گاڏي
قسم ڊرون حملو[1]
جڳھہ
33°15′29″N 44°15′22″E / 33.25806°N 44.25611°E / 33.25806; 44.25611
منصوبا بندي ڪندڙ  گڏيل آمريڪي رياستون
نشانو قاسم سليماني[2]
تاريخ 3 جنوري 2020؛ 4 سال اَڳُ (2020-01-03)
لڳ ڀڳ 1:00 وڳي رات[3] (مقامي وقت، يو ٽي سي 3+)
پورو ڪندڙ آمريڪا جي ھوائي فوج
نتيجو ڪامياب
نقصان ايران عراق 10 مارجي ويا، بشمول قاسم سليماني ۽ ابو مهدي المهنديس
قاسم سليماني جو قتل is located in Iraq
قاسم سليماني جو قتل
عراق ۾ مقانيت

قاسم سليماني جو قتل (انگريزي: Assassination of Qasem Soleimani)، 3 جنوري 2020ع تي، آمريڪا پاران ڪيو ويو. ھي قتل آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ھلندڙ تڪرار دوران،[4] بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي ويجهو ڊور حملي ذريعي ڪيو ويو. ھن حملي ۾ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ قدس فورس (جنهن کي آمريڪا، [5][6] ڪينيڊا، [7]سعودي عرب ۽ بحرين هڪ دهشت گرد تنظيم نامزد ڪيو آهي) جو ڪمانڊر ۽ ايراني ميجر جنرل قاسم سليماني مارجي ويو. [8] ھن حملي ۾ عراق جي پاپولر موبلائزيشن فورسز (پي ايم ايف) جو نائب چيئرمين ۽ نامزد دهشتگرد، ابو مهدي المهنديس [9] سميت 9 ٻِيا مُسافر پڻ مارجي وِيا.

ھن هوائي حملي جي منظوري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏني ھئي. گڏيل آمريڪي رياستن جي دفاع واري کاتي مطابق آمريڪي سفارت ڪارن ۽ فوجي اهلڪارن تي وَڌيڪ حملن کي روڪڻ لاءِ هي فيصلائتي "دفاعي ڪارروائي" ڪئي وئي، جڏهن تہ ايران مطابق هيءَ حملو "رياستي دهشت گردي" آھي. عراق ھن حملي کي قومي خودمختاري جي خلاف ورزي قرار ڏنو، ۽ 5 جنوري 2020 تي، عراقي پارليامينٽ سمورن غير ملڪي فوجين کي پنهنجي سرزمين تان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي.[10]

پس منظر

[سنواريو]

اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق ۽ ليونٽ (داعش) جي دهشت گرد تنظيم کي هيسائڻ (هراسان ڪرڻ) ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا جي انتظام هيٺ مشن آپريشن موروثي حل (آپريشن انهيرنٽ ريزولو (اوآءِ آر)) جي هڪ حصي طو، 2014 ۾ عراق جي اندر مداخلت ڪئي هُئي، ۽ عراقي فورسز سان گڏ ڪُلهوڪُلهي ۾ ملائي داعش مخالف اتحاد جي هڪ رِٿا طور تربيت ۽ ڪم ڪري رهي هئي. عراقی گَهرُو جنگ (خانہ جنگي) دوران، بنيادي طور ايران جي حمايتي شيعہ مليشيا هٿياربند— پاپولر موبلائزيشن فورسز جي مدد سان داعش کي 2017 ۾ وڏي پيماني تي شڪست ڏِني وَئي هُئي، جنهن ۾ عراقي وزير اعظم — ۽ آمريڪي حمايتي عراقي هٿياربند فوج کي سال 2016 کان رپورٽ ڏني وئي هُئي. [11]

هي حملو 2019–20 ۾ فارس نار جي بُحران دوران واقع ٿيو هو، ھي بحران 2018ع ۾ تڏھن شروع ٿيو، جڏھن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل 2015ع جي جوهري ٺاهه تان آمريڪا دستبردار ٿيو، ۽ ايران مٿان ٻيھر پابنديون لڳايون ويون. حملي کان اڳ ايراني عنصرن تي علائقي ۾ آمريڪي فوجُن کي هراسان ڪرڻ جي مُهم هَلائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. 27 ڊسمبر 2019 تي، عراق ۾ ڪي-1 ايئر بيس، جنهن ۾ عراقي ۽ آمريڪي اهلڪار شامل هئا، تِن تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ آمريڪي ٺيڪيدار مارجي ويو هو.آمريڪا جوابي ڪاروائي ڪندي،عراق ۽ شام ۾ ايران جي حمايت يافتہ عسڪريت پسندجماعت حزب اللہ جي ٺڪاڻن تي هوائي حملا شروع ڪيا، جِن ۾ 25 عسڪريت پسند مارجي ويا. حملي جي ڪُجھ ڏينهَن کانپوءِ، شيعا مليشيا فوج جي اهلڪارن ۽ انهن جي حامين گرين زون ۾ آمريڪي سفارت خاني تي حملو ڪيو.

حملي کان اڳ

[سنواريو]

پينٽاگون جي اڳڪٿي

[سنواريو]

پينٽاگون جائزو ورتو تہ عراق ۾ آمريڪي فوجي ٺِڪاڻن (اَڏن) تي تهران جي حملن جو رهنما (سرواڻُ) سليماني هُيو، جنهن ۾ 2019 ڪي-1 ايئر بيس تي حملو ۽ آمريڪي شهرين جي مارجڻ، ۽ آمريڪي فضائي گاڏيءَ تي گولي ماري مارڻ شامل هُيو.[12][13][14]


قاسم سليماني جي خلاف اڳ واريون ڌمڪيون

[سنواريو]

اَڳُوڻَنِ آمريڪي صَدرَنِ جارج ڊبليو بش ۽ باراڪ اوباما ٻِنهين سوچ ويچار کانپوءِ قاسم سليماني کي نشانو بڻائڻ جي راءِ قائم ڪئي ۽ پوءِ وري ان راءِ کي ان خدشي سبب نامنظور (مسترد) ڪيو ويو، تہ اهو هڪ وڏي پيماني تي جنگ جي طرف وَڌي ويندو. ريٽائرڊ سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جو گُماشتو (آفيسر) مارڪ پوليمرپالوس دي نيويارڪ ٽائمز کي ٻُڌايو آهي تہ سليماني، آمريڪا جي هٿان مارجي ويل ٻين مخالفن جي ڀيٽ ۾ (برعڪس)، کُلي عام طور ڪم ڪرڻ ۾ سُڪون (راحت) محسوس ڪندو هُيو ۽ ان کي ڳولهڻ مشڪل نہ هُيو. سليماني گهڻي ريت پنهنجيون تصويرون ڇِڪيندو (ڪڍندو) هُيو ۽ آمريڪي فوجُنِ تي کُليل نموني ٽوڪَ (طنز) ڪندو هُيو. [15]

حملو

[سنواريو]
An MQ-9 Reaper drone

3 جنوري 2020 جي صبح سويري، سليماني جو جهاز بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جِتي اُن علائقي ۾ آمريڪي هوائي فوج (فضائيا، ايئر فورس) ۽ ٻيا فوجي جهاز ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون سميت اڳ ئي لڪيل گهات هڻي ويٺا هيا. آمريڪي حڪومت پاران نامزد دهشت گرد ابو مهدي المهندس سميت سليماني ۽ ايراني حامي نيم فوجي شخصيتون،[16] ٻن گاڏين ۾ داخل ٿيا ۽ ايئر پورٽ تان اندرون شهر بغداد جي طرف روانا ٿِيا. مقامي وقت مطابق صبح 1 بجي (رات جي ٻارنهن وڄڻ کانپوءِ 1 وڄڻ واري مهل) جي لڳ ڀڳ، ايم ڪيو-9 رائپر ڊرون بغداد ايئرپورٽ روڊ تي ويندڙ انهيءَ قافلي (ڪاروان) تي حملو ڪندي انيڪ (ڪيترائي) ميزائل ڇڏيا، جنهن سان ٻنهين ڪارين (گاڏين) کي باهه (آتشزدگي) وَڪوڙي وئي 10 ماڻهو مارجي ويا.[17][18][19][20][21]

اِنهيءَ واقعي جي اطلاع ملندي ئي، آمريڪا جي بچاءُ کاتو (محڪمو دفاع) هِڪُ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو تہ اهو هوائي حملو (ايئر سٽرائيڪ) "صدر جي هدایت" تي ڪيو ويو ۽ ان جو مقصد مستقبل جي حملن کي روڪڻ هُيو.[22][23] ٽرمپ مؤقف اختيار ڪيو تہ سليماني امريڪي سفارت ڪارن (سفيرن) ۽ فوجي اهلڪارن تي وَڌيڪ حملن جي رِٿابندي(منصوبا بندي) ڪري رهيو هُيو ۽ اُنَ پاران بغداد ۾ آمريڪي سفارت خانو تي حملي جي منظوري ڏئي ڇڏي هُئي.[24][25][26]

حملي کانپوءِ

[سنواريو]

ان حملي جي قانوني حيثيت کي بعد ۾ بين الاقوامي قانون سان گڏوگڏ آمريڪا جي اندروني گهريلو قانونن ۽ عراق سان سندن ٻہ طرفو سيڪيورٽي معاهدن جي سلسلي ۾ پڻ سوالي نشان لڳايو ويو هُيو. سليماني جي مارجي وڃڻ سان آمريڪا ۽ ايران جي وچ۾ ڇڪتاڻ ۾ تيزيءَ سان وَاڌارو ٿيو ۽ فوجي تنازعي جو خدشو پيدا ٿي ويو. ايراني اَڳِوَاڻن بدلو وَٺڻ جو پڪو پهہ (عزم) ڪيو، جڏهن تہ آمريڪي عهديدارن جو چوڻ هُيو تہ هو کين حق آهي تہ هو عراق ۾ ايران جي حمايتي نيم فوجي دستن (پيراملٽري) تي ڪنهن بھ نوعيت جو حملو ڪرڻ جو امڪان بڻائيندا، جنهن ۾ انهن کي خطرو هُئڻ سميت ثقافتي ماڳن جو پڻ احساس هيو. 5 جنوري 2020 تي، ايران 2015 وارو بين الاقوامي جوهري معاهدو تان پنهنجي وعدن (ڪمٽمينٽ) کي ختم ڪيو. [27]

القدس فورس اڳواڻ جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کانپوءِ جوابي ڪاروائي ڪندي ايران  پاران عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي فوجي اڏن تي  ميزائل حملا ڪيا.[28][29]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Cohen, Zachary; Alkhshali, Hamdi; Khadder, Kareem; Dewan, Angela (3 January 2020). "US drone strike ordered by Trump kills top Iranian commander in Baghdad". CNN. https://www.cnn.com/2020/01/02/middleeast/baghdad-airport-rockets/index.html. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Cooper
  3. Ghattas, Kim. "Qassem Soleimani Haunted the Arab World". The Atlantic. وقت 3 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "قاسم سلیمانی: ایران، امریکہ کے درمیان بڑھتی کشیدگی - BBC News اردو" (en-GB ۾). 2020-01-08. https://www.bbc.com/urdu/world-51005514. 
  5. "Fact Sheet: Designation of Iranian Entities and Individuals for Proliferation Activities and Support for Terrorism". U.S. Department of the Treasury. وقت January 7, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  6. "U.S. Labels Iran's Revolutionary Guard As A Foreign Terrorist Organization". NPR. وقت January 7, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  7. "Currently listed entities". وقت January 7, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  8. "Saudi, Bahrain add Iran's IRGC to terror lists - SPA". وقت January 7, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  9. https://www.treasury.gov/press-center/press-releases/Pages/tg195.aspx
  10. Iraqi Parliament Passes Resolution to End Foreign Troop Presence
  11. BBC: Qasem Soleimani: Why kill him now and what happens next? https://www.bbc.com/news/world-middle-east-50980704
  12. "Statement by the Department of Defense". United States Department of Defense. وقت 3 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. "Iran general Qassem Suleimani killed in Baghdad drone strike ordered by Trump". The Guardian. وقت 3 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. Schmitt, Eric (3 January 2020). "Iran's Maj. Gen. Qassem Soleimani traveled with impunity — until U.S. drones found him". The New York Times (via the Chicago Tribune). https://www.chicagotribune.com/nation-world/ct-nw-nyt-qassem-soleimani-iran-20200103-6cfuwdo5cfhi7aocmrhn75nbse-story.html. 
  15. Lawrence, John. "Iraq Situation Report: May 23–25, 2015". understandingwar.org. Institute for the Study of War. حاصل ڪيل 27 May 2015.  See paragraph 5 of the report.
  16. "Iran vows 'harsh' response to US killing of top general". AP NEWS. وقت 3 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. Crowley, Michael; Hassan, Falih; Schmitt, Eric (2 January 2020). "U.S. Strike in Iraq Kills Qassim Suleimani, Commander of Iranian Forces". The New York Times. https://www.nytimes.com/2020/01/02/world/middleeast/qassem-soleimani-iraq-iran-attack.html. 
  18. Lawler, Dave (2 January 2020). "U.S. kills top Iranian commander Qasem Soleimani". Axios. https://www.axios.com/qasem-soleimani-killed-iran-baghdad-dc347be1-e847-4c56-92ab-fcc18352d840.html. 
  19. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named reutersspokesman
  20. arraf, jane. "After 2003 #Baghdad's airport road was one of the deadliest roads in #Iraq. It's been years since then—renovation included versions of iconic Iraqi paintings—now marked with shrapnel from the US drone strike. A lot of Iraqis fear being plunged back into the abyss.pic.twitter.com/KwzRNUxp7o". @janearraf. حاصل ڪيل 2020-01-07. 
  21. "جنگ روڪڻ لاءِ سليماني کي نشانو بڻايو : ٽرمپ | Daily Imkaan | روزاني امڪان". www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  22. "سليماني کي جنگ روڪڻ لاءِ نشانو بڻايو ويو، ٽرمپ". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  23. "Statement by the Department of Defense". United States Department of Defense. وقت 3 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  24. Borger, Julian; Chulov, Martin (3 January 2020). "Iran general Qassem Suleimani killed in Baghdad drone strike ordered by Trump". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/2020/jan/03/baghdad-airport-iraq-attack-deaths-iran-us-tensions. 
  25. "Top Iranian general killed in US airstrike in Baghdad, Pentagon confirms". CNBC. وقت 3 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  26. Iran abandons nuclear deal over Soleimani killing
  27. "ايران جا عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا | Daily Imkaan | روزاني امڪان". www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-08. 
  28. "آمريڪي فوجي اڏن تي حملو، ايران پاران 80 فوجي مارڻ جي دعويٰ". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-01-08. 

سانچو:Iran–United States relations سانچو:Trump presidency