ڪتي جي قبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪتي جي قبر جو علائقو کير ٿر جي جابلو سلسلي ۾ سنڌ جي شھداد ڪوٽ ۽ بلوچستان جي خضدار ضلعي جي وچ ۾ آهي، هي علائقو سمنڊ جي سطح کان 7500 فٽ مٿي آهي. 1876ع جي گزٽ ۾ به هي علائقو سنڌ جو ڏيکاريل آهي. کير ٿر جابلو سلسلو سنڌ جي قمبر علي خان ۾ شامل آهي. بلوچي زبان ۾ لفظ ”ڪتي جي قبر“ ڪتب نٿو اچي. ”ڪتي جي قبر“ سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي. چونڊن جي حقلي بندين ۾ به اھو علائقو سنڌ ۾ آھي. [1]

مرزا قليچ بيگ جي 1885ع ۾ لکيل سفر نامي ”ڏاڙهيارو جبل جو سير“ ۾ ڪتي جي قبر جو احوال[سنواريو]

لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ جي دوران مرزا قليچ بيگ کيرٿر جبل تي، خاص ڪري ”ڪُتي جي قبر“ تي، هڪ تفريح گاهه جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. اِهوئي اُهو پٿر آهي جيڪو مستقبل جو هڪ خواب آهي، ڇو ته اُن پٿر تي سنڌ صوبي (لاڙڪاڻي) جي حد جُڙي ٿي ۽ اُن پٿر کان هُن پاسي بلوچستان جي حد شروع ٿئي ٿي. ڏاڙهياري جبل تي سنڌي لکت وارو مرزا صاحب جو لڳايل اُهو پٿر سندس سنڌ سان محبت جو کليل ثبوت آهي.[2]

پنھنجي سفرنامي ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ:

"تاريخ 6 جون سن 1885ع تي حمل کان ڳچ پنڌ تي اتر ڏي، بدربان ٽڪر هو ۽ ڏکڻ ڏي، ڪڪريو (ٽڪر) هو. بدربان ٽڪر تي، اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن بابت، علي خان ذڪر ڪري ٻڌايو ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾، جڏهن ڪلهوڙن، کوسن کي ڀڄايو، تڏهن هڪڙي کوسي جو، بدر چانڊئي ساکاڻيءَ سان، هڪ گهوڙيءَ ۾ اڌ حصو هو. بدر کي جڏهن اها خبر پئي ته اهو کوسو، سندس بائٺي گهوڙيءَ تي چڙهيو، ڀڳو ٿو وڃي، تڏهن اهو گهٽ ڌاري اچي پهتس ۽ چيائينس ته گهوڙيءَ جو اڌ نبيري وڃ! تنهن تي انهيءَ کوسي وراڻي ڏنيس، ته ”ٻيلي! هيئنر ته آئون، تنگ اچي ڀڳو ٿو وڃان، جڏهن صلح سانت ٿئي ته پوءِ تو کي، تنهنجي پتيءَ وارو اڌ، نبيرو ڪري ڏيندس“ پر چانڊئي، کانئس تنگ طلبي ڪئي. تنهن تي کوسي کي چڙ آئي. بدر کي ترار سان ڌڪ هڻي، ماري وڌائين، جنهن کي انهيءَ هنڌ جي آسپاس، دفن ڪري ڇڏيو اٿن. انهيءَ ڪري، انهيءَ ٽڪر کي بدربان جو نالو مليو. ڪڪريو نالو، انهيءَ ڪري پيو، جو اتي رورهين جا پهڻ، تمام گهڻا آهن، انهيءَ گهٽ ڌاري، ٻه ٽي قبرون به آهن، پر اهي، ٻين ساکاڻين جون آهن. اُهو گهٽ لنگهي، پوءِ سنگاني جي ٽڪريءَ مان لنگهياسين. پوءِ وري اتر ڏي بن ۽ ڏکڻ ڏي چرلو ٽڪر آيو. بن نالو انهيءَ ڪري پيو، جو اتي ٿوٻين جهڙا پهڻ آهن، جن تي جابلو ماڻهو، ماني پچائيندا آهن. نئي مزاراڻي اڳيان آئي، جنهن ۾ تازو پاڻي آيل پئي وهيو، تنهنجي ڀر ڏيئي، سج اچي تيرٿ جي ڍوري وٽ لٿو، جتي ٻڪريون نظر آيون، تنهن ڪري کير جي لالچ تي اتي رهي پياسين. سماءُ ڪري ڏٺوسين ته پاسي ته هڪڙو ڌڻ ٻڪرين جو به هو ۽ هڪڙو ماڻهو به انهيءَ سان هو. پوءِ اتي، صفا جاءِ ڏسي، اٺ جهوڪائي، هنڌ وڇائي، ويهي رهياسين."


وڌيڪ لکي ٿو تہ:

"تاريخ 7 جون، 1885ع ڏينهن آچر - فجر جو سويرو، روانا ٿياسين. پوءِ، ڳاڙهي ڀر جي ٽڪريءَ تي آياسين. اهو ٽڪر، اڌ مان ڀڳل هو. پئي ته ته ڏهه پندرهن ورهيه اڳ، ڌرتي ڏٻي هئي، تنهن ۾ اهو ٽڪر به، وچان ڀڄي پيو هو. پوءِ ڪرن واري لڪيءَ تي آياسين ۽ پوءِ پيراچه مڪان ۾ آياسين، وري اڳيان، اونهڙ جي ڏاٺ تي آياسين. هتي، ٽڪر جي پاڙ ۾، پاڻي به بيٺل هو، ۽ مٿي ٽڪر جي ڀر تي، هڪڙو ڊٺل بنگلو به ڏسڻ ۾ آيو. اٺن وارن کي چيوسين ته ٽڪر پاسو ڏيئي اچن، جو ور گهڻو هو ۽ اسين، ٽڪر تان چڙهي، هن پاسي ماٿري ۾ لٿاسين. انهيءَ ٽڪر جو نالو، ڪاٺي لڪي هو. انهيءَ جي ڏکڻ ڏي، زال لڪڙي هئي، انهيءَ لڪ جو نالو، هڪڙيءَ زال تان پيو. چون ٿا ته انهيءَ ٽڪر جي هن پاسي، زال مڙس رهندا هئا ۽ هن پاسي، ڪنهن زماني ۾، هڪڙو واپاري اچي لٿو هو، جنهن سان، انهيءَ زال جي دوستي ٿي ويئي. هوءَ زال، ٽڪر تان آرپار چڙهي، انهيءَ سوداگر وٽ ويندي هئي ۽ اهو لڪ، اهڙو سنهڙو ۽ ڏکيو آهي، جو لنگهڻ مشڪل آهي. چون ٿا ته جيسين، انهيءَ زال جو مڙس، پاسي کان ڦري، سوداگر وٽ ويندو هو، تيسين اها زال وري، اچي هن پاسي ويهندي هئي. هڪڙي ڏينهن مڙس، پنهنجي زال کي، سوداگر وٽ ڏسي شڪيو. وري اچي زال کان پڇيائين. جنهن چيس ته سوداگر جي زال، منهنجي ڀيڻ آهي ۽ نڪ وٽ تر اٿس، جيتوڻيڪ ٻي سڄي، مون جهڙي آهي. پوءِ زال جڏهن ويندي هئي، تڏهن نڪ تي مسَ جهڙو ڪارو چٽو ڪري پوءِ ويندي هئي ۽ مڙسس، ائين ڀائيندو هو، ته اها، سندس سالي آهي. نيٺ ائين ڪندي، هڪ ڏينهن سوداگر سان ڀڄي ويئي. اُها جاءِ لنگهي، ماٿر ڏيئي، ٻي ڳاڙهيءَ ڀر وٽ آياسين، جتي پاڻيءَ جو اونهو چشمو هو ۽ ٽي چار کٻڙن جا وڻ هئا. اتي ڇانو ڏسي، وڻ هيٺ لهي پياسين ۽ جيسين سامان وارا آيا، تيسين پيرون کائي، ڍؤ ڪيوسين. جنهن هنڌ اسين لٿاسين، انهي کي ”صفر طوق ڍوري جو وات“ ڪري سڏيندا آهن. سڄو ڏينهن، جهولو پئي لڳو، پر ڏکيو سکيو وقت لنگهي ويو. شام جو، چشمي ۾ وهنجي، اڳتي روانا ٿياسين."

وڌيڪ لکي ٿو تہ:

"اها صفرطوق جي ڍوري، نئي دالان منجهان آهي ۽ اوڀارئين پاسي کان، صفر طوق جو ٽڪر آهي، سو ڏئي نڪتاسين ته اڳيان، سڄي پاسي، ٻي ڍوري آئي، جنهن کي ”رکي رونئي جي ڍوري“ سڏيندا آهن، جو رکيو نالي گانئچو، گهڻا ورهيه ٿيا، جو اتان لنگهيو ٿي ويو ته مٿان رو آيو، سو گهلي، کڻي ويس. تنهن کان پوءِ، اها ڍوري، انهيءَ جي نالي سڏبي آهي. پيچرو ڏيئي، رستي ۾ هلياسين ته ”ڪڙوال جي ڏيوري“ آئي جتي پاهڻن جو ڍڳ آهي ۽ انهيءَ جاءِ تي ”ڪڙوال“ نالي، ڪو ماڻهو مري ويو هو. هتي دستور آهي ته جتي ڪو ماڻهو مري ۽ اولاد نه هجيس ته پهڻ جو ڍڳ ڪري، ڏيوري جوڙي ڇڏيندا آهن، انهيءَ کان پوءِ، اسان کي طوفان جهڙي واچ آئي، جا لنگهائي، اڳتي وڌياسين. اڳتي جو رستو سڌو، اتر ڏي، ٻن مٿاهن جبلن جي وچان آهي. اوڀر ڏي صفر طوق ۽ اولهه ڏي بن. گهڻين جاين تي ڏسڻ ۾ آيو ته پهڻن جي ڀت ٻڌل هئي، جا ڏينهن پئي ڊهي پئي هئي، پر گهڻو ڀاڱو سالم هوس. ظاهر آهي ته پاڻيءَ جي جهلي بيهارڻ ۽ آبادي ڪرڻ لاءِ، اها ڪوشش ڪيل آهي، پر هتي، مشهور ڳالهه هيءَ آهي ته مولى عليءَ جي ڏينهن ۾، هتي، ڪافر ديو رهندا هئا، سي پاڻي بند ڪري، آبادي ڪندا هئا، صبح جو پوکيندا هئا ته سانجهي جو فصل پچي، تيار ٿيندو هو. پوءِ هڪڙو هڪڙو ديو، خرار کن ان جو ڀڃي، ڏڻيون ڪري، گوڏ ۾ وجهندو هو ۽ ڪاسي ڪاسي جيڏو ڦڪ ڀريندو هو. انهن کي نيٺ، مولى عليءَ ماري مڃايو." ...."رستي ۾ ٻي ”بادارجي ڏيوري“ ملي. انهيءَ کان وري هيٺ، ماٿريءَ ۾ لهڻو ٿو پوي. پر ماٿري اهڙي هيٺ آهي، جو ان کي ڏسندي، مٿو ڦريو ٿو وڃي. انهيءَ ماٿر ۾، جا ڍوري آهي، تنهن کي ”ليهڙي جي ڍوري“ سڏيندا آهن. اتي چيروليءَ جا تهن جا تهه بيٺا آهن. اڳيان وري بن اچي ٿو، جو تمام وڏو جبل آهي، پر ڪچو، چيڪي مٽيءَ جهڙي شڪل جو آهي. پاڙ ۾ چار پنج ڳاڙهي رنگ جا وڏا گولا پيل هئا، جن لاءِ چيائون ٿي ته اڳئين زماني ۾، ڪافر هئا، جو مولا عليءَ جي هڪل کان، پنڊ پاهڻ ٿي پيا آهن. پوءِ جيڪو رستو اتر ئي اتر ڏي هليو ٿو هلي، سو ٻن جبلن جي وچان ٿو وڃي، يعني اوڀر ڏي بن جبل ۽ اولهه ڏي زرد جبل جنهن تي پيلي ڳاڙهي رنگ وارن پاهڻن جي ڪري، اهو نالو پيو آهي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙو گائنچو ٻڪرار، سؤ کن رڍن سان مليو، تنهن کان کير ڏهائي پي ڍؤ ڪيوسين ۽ ٻيو رات لاءِ به کنيوسين. پوءِ سڌو آياسين ”منڌري جي ڍوري“ تي، جتي ٽڪر جي چر ۾، سم جو چشمو هو ۽ ٻه ٽي گهر به هئا، يعني ماڻهو، زالين مڙسين، ويٺل هئا. گهر جڙيل ڪو نه هو، ۽ مٿان رات به پيئي، تنهن ڪري اتي لهي پياسين. اتي چار همراهه ٻيا به گائنچن جا اسان کي گڏيا، جو هنن کي اتي ملڻ لاءِ چوايو ويو هو. رات چڱي گذري ۽ هوا به چڱي هئي. مڇر به ڪو نه هو، جهڙو اڳينءَ رات هو." ...."تاريخ 8- جون، سومر صبح جو سوير پيادا اڳڀرو نڪري هلياسين، اُتي ماٿري ڏيئي، اولهه ڏي زرد جبل منجهه هلڻو ٿيو. هن جبل ۾، عجب جهڙيون جايون ڏٺيون سين. چوڌاري ٽڪر، آسمان سان لڳا پيا هئا ۽ ڇانو ئي ڇانو لڳي پئي هئي. ٽي ڪتا به اسان سان هئا. جبل ۾ گهڙڻ کان اڳي، ٻٻر نالي گانئچي جي قبر آهي، جنهن کي ڪنهن بروهيءَ، ماري وڌو هو. پوءِ جبل جي ڏاٺ، جنهن کي ليهڙي جو گروک چون ٿا، سو آيو. اهو لنگهي، جبل ئي جبل ڏيو، لهندا چڙهندا، ٽڍاڪ تي آيا سين، جتي هيٺان چشمو پاڻيءَ جو به آهي ۽ مٿي، هڪ ڊٺل سرڪاري بنگلو به آهي. اتي هڪڙي زال ٻار سان هئي ٻه گڏهه به ساڻ هئس. معلوم ٿيو ته مڙس ماڻهو، پيرون چونڊڻ ويا هئا. اتان لنگهي وري جبل تي چڙهي، ڌياڻي جي جهڪ وٽ آيا سين. اتي، ٻه ٽي کٻڙ جا وڻ ڏسي، ويهي رهيا سين، جو مٿي، ٻي ڇانو ته ڪا نه ٿي ڏٺي، "......"شام جو سوير، پنجي بجي ڌاري، ويادا نڪتاسين. پيرن ۾ کڙٿڻ ڍڪڻا پيا ۽ هٿ ۾ لٺ کڻي پيئي، جو مٿي چڙهڻو هوسين. اهو ”پينيئري جو جبل“ جنهن تي هاڻ چڙهياسين، سو تمام اچواهي ۽ چڙهڻ لاءِ اهنجو آهي. پهريائين، ”بروهيءَ واري تراري“ لنگهياسين. پوءِ هڪ ڍوريءَ ۾ آياسين، جنهن کي ”ڪارڙو جهڙ“ چوندا آهن، سا ڏئي، وري ڪارڙي ڀر ڏئي، پينئري جي چوٽيءَ تي آياسين. پوءِ وري هيٺ لهي، ماٿر ۾ آياسين، جنهن کي ”ڪڙڇ جي ڍوري“ چون ٿا، انهيءَ لهڻ ۽ چڙهڻ ۾، ڏاڍي مشڪلات ڏٺيسين. ساهيون کڻندا، ويهندا، پاڻي پيئندا آياسين. رستي تي ڳانڱن جا وڻ گهڻا هئا جي ڇنندا، کائيندا آياسين. گگر، هرمرو ۽ ٻيا ڪيترا مزي جهڙا وڻ ۽ ٻوٽا هئا. هڪڙو گاهه، جنهن کي پوئي سڌيائون ٿي، سو تمام سرهو هو. اُهو ڊڀ وانگي آهي ۽ انهيءَ وانگي گهڻو ٿو ٿئي، ڪجهه انهيءَ کان سنهو آهي."

مرزا صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ:

"چون ٿا ته مولا علي پٿر وڇائي، انهيءَ گاهه تي ستو هو، سو سندس پگهر جي بوءِ، منجهس رهجي ويئي آهي. ڪڙڇ ۾ رات پيئي. سامان جو اٺ، اوسيتائين هليو آيو، پر اهڙا لاها چاڙها، جو هر ڪو اٺ نه هلي سگهندو. مٿانهينءَ تي لهي پياسين انهيءَ هنڌ جي ڏکڻ ڏي، هڪڙو پير آهي، جنهن جي قبر به اتي آهي، مٿانئس پکو آهي. هن کي پير حسن تڪڙو چوندا آهن. هن پير تي، روٽ ڏيندا آهن، سو پچائي ورهايوسين، ته جيئن خير سان وڃي، مٿي پهچون. انهيءَ پير جي پيءُ باري پير، وري مٿي کير ٿر ۾ آهي، جيڪو، سڀاڻي وڃي ڏسنداسين. ڪڙڇ جي اوڀر ڏي آهي پينئرو جبل، جو لنگهي آياسين ۽ اولهه ڏي آهي کيرٿر، جو انهن سڀني جبلن کان مٿانهون آهي. سنڌ ۾، پري کان ائين پيو ڀائنجي ته ڄڻ، اهو هڪڙو ئي وڏو جبل، اولهه کان بيٺل آهي، پر مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته هڪڙي جبلن جي قطار لنگهجي ٿي ته ٻي ٿي اچي ۽ ٻي لنگهجي ٿي ته ٽي ٿي اچي! ائين، ڪيتريون ئي جبلن جون قطارون آهن جيئن پوءِ تئن وڏيون! جڏهن پوئينءَ قطار جي چوٽيءَ تي چڙهي، اوڀر ڏي ٿو ڏسجي، تڏهن ائين ٿو ڀائنجي ته ڄڻ اُهي ننڍڙيون بيٺيون آهن، اُهي ننڍيون نظر اچن ٿيون ٿين، پر آهن وڏيون."... ..."شام جو، هوا کائڻ وياسين. کير ٿر جي چوٽيءَ تي، جيڪو ميدان آهي ۽ جنهن تي پوک به ٿئي ٿي، تنهن کي ڏاڙهياڙو (Ddarrhyaarro) ڪري چون ٿا. جبل جي چوٽيءَ تي، هڪ ڦوڙ، چر وانگي، ڳچ پنڌ ۾ هليو هلي، جنهن جي مٿان ۽ پاسن کان روهڙي نالي گهاٽا وڻ ۽ انجير (Injeer) جا وڏا وڻ بيٺل آهن. منجهن ڦر، اڃا ڪچو هو. روهڙي وڻ جو ڦر، ٻيرن وانگي آهي، جو ڪـُـٽي، کير ۾ وجهي ثعلب مصريءَ وانگي کائين ٿا ۽ منجهس اثر به اهڙو ئي آهي. انهيءَ چر جي مهڙ وٽ، هڪ پهڻ تي، جن صاحبلوڪن جو هتي، وقت بوقت، اچڻ جو اتفاق ٿيو آهي، تن پنهنجا نالا، اُڪيري ڇڏيا آهن. ٻين نالن مان، هنڊرسن صاحب (سال1861ع) ۽ بولٽن صاحب (سال 1862ع) ۽ والٽن صاحب جا نالا به هئا. مون به پنهنجو نالو، اُتي اڪيري ڇڏيو."........"تاريخ 10 جون، ڏينهن اربع فجر جو، ڪـُـتا ساڻ وٺي، ٻه ٽي ڄڻا، گهمڻ نڪتاسين. بنگلي جي اولهه ڏي، جيڪا حد وارن ٽـَـڪرن جـِـي قطار آهي. تنهن تي چڙهڻ جو ارادو ڪيوسين. رستي تي، واڻين جا ٻه هـَـٽ آهن. پنج ڇهه واڻيا هــَـٽُ ڪڍيو ويٺا آهن. عجب آهي ته واڻيا ماڻهو، پنهنجي فائدي جي اميد تي، ڪٿي اچي نڪتا آهن؟! جيڪي پوک ڪندڙ آهن، تن کي، اُهي واڻيا، پئسو پنجڙ به ڏين ۽ پوک لاءِ ٻج به ڏين ۽ ڪپڙو گندي به اڌارو ڏين، پوءِ ڇهه مهينا جيڪي سانوڻ جي هتي رهندا آهن، سي گذاري، حساب ڪتاب صفا ڪري، هليا وڃن. انهيءَ وچ ۾، پنهنجو واپار به پيا هلائين. هتي گيهه سهانگو آهي. هڪ رپئي ۾ ٻه سير ۽ هڪ آنو گهه جو ملي، سو به واڻيا وٺن ۽ ڪهو جي ڪاٺيءَ جا ٿلها ۽ ٽي فٽ ڊگها ٽڪر، هڪ رپئي ۾ ٻارهن وٺن ۽ ان سودي، هيٺ موڪليندا آهن. ڪڻڪ جو ٻج، هڪ ڪاسو ڏين، پوءِ فصل لٿي، ان جي عيوض پنج ٽويا وٺن. تمام آسودا آهن. وٽن، ماڻهن جي ڏاڍي رُجاعت آهي. ٽڪر تي چڙهي ڏکڻ ڏي هلياسين. انهيءَ قطار جي پريان، خان جو ملڪ آهي، سو به ڪوهن ۾، رڳي ٽڪر ئي ٽڪر آهن. هن پاسي، جيترو جبل لنگهڻ ۾ آيو، انهيءَ کان به گهڻو آهي ۽ ميدان ۾ ڪڻڪ جي پوک به تمام گهڻي ٿئي ٿي. هلندي هلندي هڪڙو هنڌ، هڪڙو ننڍو غار ڏٺوسين، جو هيٺ هليو ٿي ويو. منجهس وڏو پهڻ اڇلايوسين ته ڏهه سيڪنڊ برابر، کڙڪندو هليو ويو، پوءِ هيٺ تي آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. انهيءَ ٽڪر جي پريان، اولهه ڏي هيٺ، نئي گاج وهي، ڏکڻ ڏي هلي وڃي ٿي، جا ليڪي وانگي پيئي ڏسجي. اها چوٽي، اهڙو مٿي آهي، جو هيٺ ماڻهو، ڌڻ وٺيو ويٺا هئا، ته مٿان، موچارن پٿرن وانگي، مس ڏسڻ ۾ ٿي آيا. وري هيٺ، هڪ ٻيءَ چر وٽ آياسين، جا سيڙهين جي ويهڻ جي جاءِ هئي، جو در تي، سيڙهه جو گند ۽ کنڀ پيا هئا. گهڻا کنڀ گڏ ڪياسين، جي قلمن وانگي آهن. ڪتا، چر ۾ گڏ پيا. تمام گهڻو اندر ويا ۽ شايد وڃي سيڙهه کي جهليائون، جو ڀؤنڪيا پي ۽ ٻاهر، سندن ڀونڪڻ جو آواز، اهڙو ٻڌڻ ۾ پي آيو، جو ڄڻ ته اڌ ڪوهه پنڌ تي ٿا ڀونڪن. آخر ۾ انهن مان جولي ۽ شمڪي نالي ٻه ڪتا، ٻاهر موٽي آيا ۽ روزيءَ نالي ڪتي، اندر رهجي ويئي. گهڻي وقت تائين ان کي سڏيوسين ۽ مٿا مونا هنياسين. پر نه نڪتي. آخر لاچار ٿي، اسين هلڻ لڳاسين. سمجهيوسين ته اندر، ڪنهن غار ۾ ڪري پيئي آهي، پوءِ اڳيان، وري جبل جي سڀ کان مٿانهين چوٽي آئي، تنهن تي ڇڙهياسين. اها چوٽي، پينئريءَ جبل جهڙي مٿي هوندي. مٿي چڙهندي، رستي ۾ بادام جي وڻ مان لڪڻ ۽ باداميون ڇنيونسين ۽ ڪيترن ئي قسمن جون ٻوٽيون، گلن سان ڏٺيونسين، جن ۾ طرحين طرحين جي سرهاڻ هئي. نيٺ چوٽيءَ تي آياسين. اُتي، دنگ جو نشان کتل هو. پهڻن جي ڍڳ ۾، بانس جي هڪ ٿلهي ڇڙهه، کتل آهي. هن پاسي، خان جو ملڪ ۽ هن پاسي، انگريز سرڪار جي حد آهي. انهيءَ هنڌ جي چوڌاري، عجب جهڙو نظارو آهي، جو ڳچ تائين، دوربينيءَ سان ويهي ڏٺوسين. ٻه ٽي ڏينهن، هي جبل، جي مٿا هڻي لگهياسين، سي ماڻهو جي قد جيڏا مس هئا. عجب جهڙو ڏيکاءُ هو ۽ خدا جي قدرت، ڏسڻ ۾ ٿي آئي!! انهيءَ نشان جي ويجهو، اوڀر ڏي، وري هڪڙي قبر، پهڻن جي ٺهيل آهي. انهيءَ کي، ”ڪتي جي قبر“ چون ٿا. روزي ڪتي لاءِ، اسان ارمان پئي ڪيا ته ڏسون ته اوچتو، اها پٺيان اچي نڪتي. ڀانئجي ٿو ته ڏاڍا مٿا مونا هڻي نڪتي آهي ۽ پوءِ اسان جي پيرو کڻي، هتي اچي پهتي آهي. هن کي ڏسي، گهڻو خوش ٿياسين. پنهنجن ٽنهي ڪتن کي ”ڪتي جي قبر“ () جي زيارت ڪرائي سين، جو گويا، اهو ڪتو مڙني ڪتن جو مرشد هو ۽ ڪتن جي تيرٿ جي جاءِ هئي. جيئن ماڻهو، ڀيٽيندا آهن، تيئن ڪتن لاءِ به هيءُ، شرف جهڙي جاءِ هئي. انهيءَ ڪتي کي پڻ، اصحاب ڪهف جي ڪتي جهڙو شرف حاصل آهي، جو چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ وٽ، هڪ ڪتو هو، تنهن تي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو، سؤ رپيا قرض هو، سو قرض ۾ هن، اهو ڪتو، کڻي هن کي ڏنو هو - ڳهه وانگي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پئسا ٿيا، تڏهن قرض موکڻ لاءِ، هن ڏي هليو. ڀانيائين ته قرض ڏيئي، پنهنجو ڪتو ڇڏائي، ته رستي ۾، اهو ساڳيو ڪتو گڏيس، جو به ڏانهس ئي ٿي آيو. هن ماڻهوءَ ڀانيو ته ڪتو بيوفائي ڪري، جنهن کي سنديس ٻانهن ڏني هئائين، تنهن کان ڀڳو ٿو اچي، تنهن ڪري غصي مان، هن کي بجو به ڏنائين ۽ ٿڪ لعنت به ڪيائين، جو سندس نافرماني ڪري، ڀڳو ٿي آيو. اها ڳالهه ٻڌندي، ڪتو، اُتي جو اُتي مري پيو. جڏهن اهو ماڻهو، پنهنجي قرض خواه وٽ ويو، تڏهن پڇا مان ڄاڻ ٿيس ته جنهن ماڻهوءَ وٽ، اهو ڪتو ڳهه پيل هو، تنهنجي گهر کي چورن کاٽ هنيو هو ۽ تمام گهڻي ملڪيت کنيو ٿي ويا ته ڪتي جي باهوڙ ۽ ٻيءَ ڏاهپ کان، ڌڻيءَ کي سجاڳي ٿي ۽ ڪتي جي پٺيان وڃي، چورن کي به پڪڙيائون ۽ مال به ڇڏايائون. اهو ماڻهو، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته انهيءَ ڪتي، گرويءَ جي پئسن کان به وڌيڪ پاڻ موکيو، تنهن ڪري هن کي آزاد ڪيائين ۽ موڪل ڏني هئائينس. جو پنهنجي اصلوڪي ڌڻيءَ وٽ ٿي ويو. ڪتو اهڙو وفادار هو، جنهن پنهنجي ڌڻيءَ جو قرض موکيو، تنهن کي، جو پنهنجي ڌڻيءَ بيوفائيءَ جي تهمت ڏني، تنهن ڪري اهڙو ڏک ٿيس، جو اتي جو اتي مري ويو ۽ سندس مرڻ جو هنڌ اهو ئي هو، جتي هن کي پوري، قبر ٺاهي ڇڏي اٿن." ... ...."سگهوئي ”ڪتي جي قبر“ کان هيٺ لهڻ لڳاسين. جبل جي پاڙ ڌاري، وري، باري پير جو مڪان آهي، جتي زيارت لاءِ وياسين. هيءُ هڪڙيءَ مسيت جهڙي ڪوٺي ۽ اڱڻ آهي، اندر تڏا وڇايا پيا آهن. وچ ۾ جاءِ جي ٿوڻي کتي پيئي آهي، جنهن جي پاڙ ۾ خاڪ پيئي آهي. در تي هڪ رسي ۽ گهنڊ پيا لڙڪن ۽ ٻاهر، هڪڙو پهڻ پيو آهي، جنهن تي خيرات جي لاءِ، ٻڪريون ڪهندا آهن، ڀر ۾ وري هڪ وڏو وڻ، ڪهو جو بيٺو آهي، تنهن تي انهن پهرن جون کلون ٽنگيون پيو آهن، جيڪي مراد وارن ماڻهن، اُتي ڪٺا آهن. اسان به هڪڙو پهرو، اتي خيرات ڪيو. اتان وري هيٺ، ميدان تي لهجي ٿو، جتي ڪڻڪ جي پوک ٿئي ٿي، سا ڏيئي وري، منزل واري بنگلي تي آياسين. ڏينهن جو بنگلو ڇڏي، وڃي هيٺ ڦوڙ ۾، وڻن جي ڇانو هيٺ، کٽولو وجهائي ويٺاسين، جتي ڏاڍي فرحتي هوا پي آئي ۽ ڏينهن به جهڙالو هو. هيءَ ڦوڙ، گهڻي پنڌ ۾، اتر کان ڏکڻ ڏي آهي. ٻنهي پاسن کان اُڀو ٽڪر بيٺل آهي، ڪوٽ جي ڀت وانگي ۽ انهيءَ سان لڳ، ٻنهي پاسي، انجيرن ۽ روهڙي جي وڻن جي قطار آهي. ڄڻ ته ڪنهن، هٿن سان، اهي وڻ، اتي پوکي ڇڏيا آهن، جيئن سڙڪن جي ڪناري کان، وڻن جون قطارون لڳائيندا آهن، ۽ وچ ۾ موڪرو به وڏيءَ سڙڪ جيترو آهي. هن ڦوڙ کي، بازار ڪري سڏين ٿا، جو بازار وانگي آهي- جيئن وڏن شهرن ۾، بازار جي ٻنهي پاسن کان ماڙيون بيٺل هجن ۽ سندن اڳيان وڻ پوکي ڇڏيندا آهن. سڄو ڏينهن، مزي ۾ گذريوسين شام جو وري، اوڀر ۽ اولهه جي ٽڪرن ڏي، سير لاءِ وياسين. چکن ۾، ٽي چار ڳوٺ ڏٺاسين. هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو ماڻهو بيمار هو. چئن ڏينهن کان، پيٽ ۾ سور هوس، تنهن کي، ڦودني جون ٽڪيون ڏنيون ويون، جي ساڻ هيونسين، ۽ سنا ۽ گلاب جي ڪلين جي جلاب جو ڏس ڏنوسين، جي واڻئي جي هٽ تان، ملي سگهيا هوندس. رات، بنگلي ۾ گذاريسين. مٿي، اهو لکڻ وسري ويو ته هتي، شام ڌاري، سيءُ پوڻ لڳي ٿو ۽ رات سڄي، سياري وانگي، سيءُ پوي ٿو، جو اندر ڪوٺيءَ ۾ سمهندا آهيون ۽ مٿان اوڇڻ وجهڻو پوي ٿو. هيٺ سنڌ ۾، هن وقت، آرڙهه جو چاليهو ۽ جهولا آهن."........"تاريخ 11 جون، خميس جو ڏينهن اسر جو ڏهاڙيءَ وانگي، سير لاءِ نڪتاسين. اتر ڏي هڪڙو ڦوڙ يا ڦاٽ نڪري ٿو، جو ميلن ۾ هليو وڃي ۽ جنهن کي سير ڪري سڏين ٿا، تنهنجي ڀر ڏيئي، مٿان هلياسين. هيءُ سير وڃي مزاراڻيءَ جي نئي جي منهن وٽ ٿي بيهي. ڳچ پنڌ ڪري، وري هڪڙي اتانهين ٽڪري آئي، تنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي، چوڌاريءَ جو تماشو ڏٺوسين، پوءِ لهڻ لڳاسين. رستي ۾ بادام جا ٻه ٽي وڻ بيٺل هئا، تن مان لڪڻ ڀڳاسين. پوءِ اڳيان هڪڙو ڳوٺ آيو، تنهن مان لنگهندا، منزل تي آياسين. ماني کائي، وري ڪالهوڪي ڦوڙ يعني بازار ۾ وڃي ويٺاسين. اتي روهڙي جي هڪ وڻ ۾ پينگهه ٻڌائي، ٻارن وانگي سڄو ڏينهن لڏياسين. في الحقيقت، هيءُ ڏاڍي مزي جهڙي جاءِ آهي. ڀائنجي ٿو ته هڪ خدائي باغ پوکيل آهي. وڻن ۾ به عجيب قسم جا ڳائڻا پکي ڏسڻ ۾ آيا. هڪڙي جو، مينديءَ جهڙو رنگ هو ۽ ٻيو، اڇن ڪارن چٽن سان هو. نر مادي هئا. نر کي پڇ ۾ ٻه ڊگهيون ڪلنگيون هيون. ڏاڍو سهڻو هو ۽ ٻوليون به ڏاڍيون مٺيون ٿي ڪيائين. چوڌاري ماٺ لڳي پيئي آهي. رڳو جيڪو واءُ، وڻن کي پيو لڳي، تنهنجو آواز آهي ۽ ٻيو انهن پکين جو! هيءَ اهڙي چڱي جاءِ آهي، جو جيڪر هن کي ”ارم جو باغ“ چئجي ته به سونهي! انهيءَ ڦوڙ ۾ به ماڻهو، ڪڻڪ پوکين ٿا، پر گهڻي ڇانو جي ڪري، چڱي نٿي ٿئي."........"تاريخ 13 جون، ڏينهن ڇنڇر جو: رات گذاري، فجر ڌاري، اٺن تي چڙهي نڪتاسين. جبلن جو وچ ڏيئي، زرد جبل کي ڇڏي، بن جبل ۾ گهڙياسين ۽ ساڳيو رستو ڏيئي، صفر طوق کان لنگهي، نئي دالان منجهان اڪري، پيادائي پيادا، ڪاٺي واري لڪڙيءَ کان هن پر ٿياسين ۽ اٺن وارا، نئي جو ڪنارو ڏيئي ڦري آيا، جو پنڏ گهڻو هو. مينهن ڪالهه پيو هو، پر نئي منجهان پاڻي. اڃا تائين ڪڙڪا ڪيو پئي وهيو! اتي ميدان ڏسي، ڏينهن ٺارڻ لاءِ لهي پياسين. هاڻي، بن جبل لنگهي، ڪڪري ۾ اچي پياسين. اسان جي اوڀر پاسي ڏانهن، زال واري لڪڙي آهي، جنهن جو بيان، مٿي ڏنو ويو آهي، ۽ اولهه واري پاسي کان ڪاٺ واري لڪڙي آهي، جا هاڻي لنگهياسين. انهيءَ لڪ کي، اهو نالو هن ڪري پيو، جو ٻن چئن جاين تان ڪاٺيون ٻڌي، چڙهڻ جي لاءِ ڏاڪا جوڙيا هئائون، پر هاڻي، انهيءَ هنڌ تان پهڻ ڊهي، لنگهڻ جي لاءِ سولا ٿي پيا آهن."......"شام جو پنجين بجي ڌاري، اتان منزل کي کنئين سين. ڏينهن جو جهولي، ڏاڍو خراب ڪياسين، کٻڙ جي ڇانو هيٺ، ڪپڙا ٻڌي گهڻيون اٽڪلون ڪيون سين، پر جهولي هڻي اڌ مئو ڪري وڌو! ڪڪريو جبل ڇڏي، ڀيراڇ جي پٽ ڀيڙا ٿياسين. هيءَ پٽ، ايندي به لنگهيا هئاسين. هن پٽ ۾، تمام گهڻا هرڻ ڏٺاسين، جي هيڏي هوڏي پي آيا ويا. هتي ارادو ڪيوسين، ته سڌو حمل ڏي هلڻ جي بدران، رات هلي شاهه گودڙئي تي رهون ۽ دجر جو حمل هلون، تنهنڪري رخ، اوڏي رکيوسين. پٽ لنگهي، نئي دالان جو تروڏيئي، سڌو اوڀر ڏي هلياسين. پري کان، شاهه جي مسجد ۽ نشان، جيڪو جبل جي چوٽيءَ تي آهي، ڏسڻ ۾ آيو. سگهوئي وڃي اتي پهتاسين. پاسي تي ميدان ڏسي، لهي پياسين. انهيءَ مهل، ٽڪريءَ تي چڙهي وياسين، جتي نشان هو، جو اتي سرن جي دڪي ٺاهي، چن ۽ سيڙهي سان بيهاري ڇڏي اٿن ۽ هڪڙو جهنڊو، اڇي بيرق سان، کوڙي ڇڏيو اٿن، انهيءَ لاءِ ته آس پاس کان، جيڪو زيارتي اچي، تنهن کي پري کان ئي نظر پوي ۽ ڀلجي نه وڃي. رات جو، حيات خان، مجاور فقير جو پٽ، اسان وٽ آيو. گهڻي آڌر ڀاءُ ڪيائين. آخر، شاهه جي بٺي تان، اسان سڀني کي ماني ملي، جا کائي، سمهي پياسين. فجر جو سوير اٿي، وڃي شاهه جي زيارت ڪئي سين ۽ فقير کي نذرنياز ڏيئي، روانا ٿياسي. هن پير تي، ٻين پيرن وانگي ڪو قبو جڙيل ڪونهي، جيتوڻيڪ پيداوار ۽ ماڻهن جي آمدروفت گهڻي آهي. انهيءَ رات پڻ، مسلمان ۽ واڻيا، ساٿن جا ساٿ، اتي لٿل هئا. چون ٿا ته اهڙو ميڙو، اتي سدائين لڳو پيو آهي!"......"ڪوس به گهڻو ٿئي ٿو. صبح ۽ شام جو نوبت وڄائين ٿا. مسجد، ٽن منارن سان آهي. اندر، چٽسالي چڱي اٿس، ليڪن پير جي قبر اگهاڙي آهي. پهڻن جو وڏو ڍير پيل آهي. ڊيگهه ۾ اها قبر، ماڻهو جي قد کان گهڻو ڊگهي آهي. اٽڪل ست يا اٺ قدم ٿيندي. اهڙيون ڊگهيون ٻه قبرون سڄي پاسي ۽ ٻه کٻي پاسي آهن، جي شاهه جي چئن يارن جون قبرون سڏجن ٿيون. مٽيءَ سان هڪڙي ڪمان، در جي جاءِ تي جڙيل آهي ۽ ٽن هنڌن تي، رستي ۾ رسن ۾ گهنڊ ٻڌل آهن، جي لنگهندي کڙڪائجن ٿا. چوٿون گهنڊن جو رسو، وري قبر جي سيرانديءَ کان ٻڌل آهي، جتي ڏيئي ٻارڻ جي قبي به جڙيل آهي. مقام جي آس پاس، مسافرن ۽ گهوڙن ٻڌڻ لاءِ، لانڍيون جڙيل آهن. ڪوس جي جاءِ ۽ ڀنڊارو به آهي."

مرزا قليچ بيگ وڌيڪ احوال لکي ٿو ته:

"پير جو وڌيڪ احوال، معلوم ٿي نٿو سگهي، پر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته شايد اهو پير، ڪلهوڙن جي ڏينهن جو هوندو. پاڻ سيد هو ۽ عبدالله شاهه نالو هوس. فقيرن چيو ته پاڻ قبي جوڙڻ جو حڪم نٿو ڏئي! حيات خان فقير به، پيڙهين کان، اتي جو مجاور آهي. هو، پير مرد آهي، ڀنگ ۽ شراب، گهڻو پئي ٿو ۽ گهڻو ڪري مستيءَ ۾ رهندو آهي. هن فقير جي بابت ڳالهه آهي ته ڪي ڏينهن اڳي، پير گاجي ۽ ميان نصير محمد ۽ شاهه پنجي جي زيارت ڪري آيو، تڏهن مستيءَ ۾، شاهه گودڙئي کي اچي چيائين ته ”پيرن تي، چڱا چڱا قبا جڙيل آهن، تون به پاڻ تي، ڇو نٿو، ڪو چڱو قبو جوڙائين؟“ انهيءَ ئي خيال ۾، فقير کي، خواب ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته هڪڙي وڏي عمارت آهي، جنهن جي اندران ۽ ٻاهران، نقاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. هيري ۽ موتيءَ جو ڪم اٿس. اندر، مزي جهڙي کٽ وڇائي پيئي آهي. کٽ جي پيرانديءَ کان، هڪڙو فقير ويٺو آهي. شاهه گودڙيو، انهيءَ جاءِ تي در تي بيٺو آهي. فقير حيات خان کي ڏسي چيائين ته ”هيءَ جاءِ، منهنجي آهي. تون وڃي اندر ڏس!“"........."حمل کان اولهه ڏي، ٿوري پنڌ کان پوءِ، ڪوهستان شروع ٿو ٿئي، جو گهڻو ڪري، وڏيري غيبي خان چانڊئي جي جاگير جو ڀاڱو آهي، جو وڃيو ٿو قلات جي خان جي حد سان لڳي. حد وارو جبل کيرٿر آهي، جنهن جي اولهه ڏي خان جو ملڪ آهي. ٽي چار ورهيه ٿيندا جو ڏاڙهياري جبل (Ddaarrhyaari jabal) جي آبادڪار ماڻهن تڪرار اٿاريو، جنهن ۾ حد کي قائم رکّڻ ضرور ٿيو، جو اها حد ٺهرائي، کيرٿر جي تمام وڏي چوٽي تي دڙو ڪري، بانس جي لٺ کوڙي ڇڏي اٿن، جتي ڪتي جي قبر (Kutay jee Qabar) پڻ آهي، جنهن جو ذڪر، مٿي اچي چڪو آهي. سرڪار، اهو حڪم ڪيو آهي، ته اڳتي، انهيءَ دنگ جي قائم رکڻ جي نظرداري ڪندي، پري پري کان اولهه طرف، ائين پيو ڀائنجي، ڄڻ ته هڪڙي جبلن جي قطار آهي، جنهن جي هن پاسي سج لهي ٿو، پر پنڌ ڪندي، اهڙيون ڪيتريون ئي جبلن جو قطارون، جدا جدا نالن سان اچن ٿيون جي ڏاڍيءَ مشڪلات سان لنگهي، کيرٿر پهچجي ٿو. کيرٿر جي هن پاسي پڻ، ساڳيون ئي اهڙيون قطارون آهن. کيرٿر سڀ کان اتانهون جبل آهي. جيئن جيئن اوري ٿو اچجي، تيئن تيئن، جبل وڃن ننڍا ٿيندا. آءٌ ڀانيان ٿو ته کير ٿر کان پڇاڙيءَ واري ٽڪرن جي قطار تائين، هتان ٽيهارو ڪوهن جو فاصلو بيشڪ ٿيندو! پر جبل جي ڪوه ۽ ميدان جي ڪوه پنڌ ۾ وڏو فرق آهي!"......."انهيءَ ڪوهستان ۾ مون کي، ٽن قسمن جا رهاڪو ڏسڻ ۾ آيا سنڌ کي ويجهو، چانڊيا ماڻهو رهن ٿا، پوءِ گائنچا اچن ٿا، جي وڏي بن کان وٺي پنپري تائين رهن ٿا. کيرٿر تي، ڏاڙهياري جي ميدان تي، يا انهيءَ کان پرڀرو، خان جي پاسي، ڇٽا رهن ٿا. ڇٽن بابت اسان، اڳي ڪي ڪجهه چيو آهي. باقي گائنچا، اصل ڳنوار ماڻهو هئا. اصل لفظ آئي گائن چو يعني ڳوئن جو هي اڃا تائين مال وارا آهن. هنن جابلو ماڻهو جو ڌنڌو توڙي هلت چلت، مٿي ڏنل ذڪر مان معلوم ٿي هوندي ته بدوي عربن وانگي، هڪ هنڌ رهندڙ نه آهن، پر سانگي ماڻهو آهن، سهنج ڏسي، ٽي چار ڏينهن هڪڙي هنڌ رهي، وري ٻئي هنڌ وڃي رهندا آهن. ڪڏهن هڪڙو گهر، ڪڏهن ٻه گهر ۽ ڪڏهن ٽي گهر گڏ ويٺا ته گهڻو ٿيو! ان کي چوندا ڳوٺ. گهر به رڳو وڻ جي ڇانو هيٺ! مينهن واچ جي بچاءَ لاءِ پاڻ سان تڏا رکندا آهن، جي مٿان کنيو وجهن، ڌنڌو، ٻيو ڪو نه اٿن. مڙس ماڻهو، رڍن، ٻڪرين ۽ ڳئن جو مال چارين ۽ ڪي ٿورا، جبل جي پوک به ڪن. زالون، گهر جو ڪم ڪار ڪن ۽ پيس جا تڏا جوڙين، ۽ رسا وٽين. جڏهن گرميءَ جا ڏينهن اچن، تڏهن چڙهي، وڃي کيرٿر تي يا هيٺين جبلن جي چوٽين تي ويهن، جتي مال جي چاري ۽ پوک جو سنهج اٿن وري سياري ۾ جڏهن مٿي، تمام گهڻي سردي ٿئي ٿي تڏهن لهيو، اچيو سنڌ ۾، لاب لائي جو پورهيو ڪن. جيڪو به گائنچو يا جابلو ماڻهو مون، مال سان اتي ڏٺو، تنهن کي ضرور، هڪ اوئي (کلي) پاڻيءَ جي، ڪلهي ۾، هڪڙي لٺ هٿ ۾ ۽ هڪڙي ڪاتي ڪمر ۾ هئي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪا ٻڪري يا رڍ مري پوي يا بگهڙ کان جيئري يا اڌ مئل ڇڏائي وجهن ته اُتي، جو اُتي ڪاتيءَ سان حلال ڪري سگهن. جڏهن ڪاتي نه هوندي اٿن تڏهن هڪڙو پاهڻ، ٻئي پاهڻ تي هڻي ڀڃن ۽ پوءِ، پاهڻ جي تکي پاسي سان بسم الله ڪري، ٻڪريءَ جي سسي چچري لاهين. زالن کي به جيڪڏهن ان پيهڻ لاءِ چنڊ آهي ته واه، نه ته ٻن پهڻن جي وچ ۾ ان ڪٽي، ماني ٺاهين. ماني پچائڻ جو گهڻو ڪري هيءَ دستور آهي ته هڪڙو پهڻ، باهه ۾ تپائي، پوءِ ڳوٺل اٽي کي ان جي چوڌاري ٿڦي، وري به کنيو ان کي باهه ۾ وجهن. انهيءَ طرح، اندران توڙي ٻاهران اٽو پچي ٿو، جنهن کي ڪوڪي ٿا سڏين. اها ڪوڪي ماني، کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي. باهه ٻارڻ لاءِ به هميشه، ساڻن، چقمق جا ٽڪر گڏ هوندا آهن، جي ڪڪريه جبل ۾ گهڻا ملن ٿا. کائڻ لاءِ کير ججهو اٿن، تنهن کان سواءِ ڏڌ مکڻ به ڪن. مکڻ وڪڻن واڻين وٽ، باقي جهڻ پاڻ کائين. مانيءَ سان بصر، سندس ڪاڻ غنيمت آهي. نه ته گهڻو ڪري، ڏٿ تي گذران ڪن ٿا. پيرن سان ڏاڍي دل هوندي اٿن، ڦڪ ڀريو، ڳهيو وڃن ۽ مٿان پاڻي پي، گهرج پلين. تنهن کان سواءِ ڳانڱيون، پڪا، منگها، پيس جا ٻير ۽ چانگر ٻير، مطلب ته جيڪو به ميوو جبل جو ٿئي، سو کائين. پيس جي کجيءَ جو ڪچو ڳڀ ڇلي کائين. جو لذيذ ٿئي ٿو. مون کي پاڻ کائڻ لاءِ مليو هو، چڱو هو!" .... ..."ڪوهستان جي آبهوا، هڪ جهڙي نه آهي. پينئري جبل جي چيلهه تائين، هنن ڏينهن ۾ ڏاڍي گرمي ۽ جهولو آهي ۽ رات جو مڇر به گهڻو ٿو لڳي، پر پينئري جي چوٽيءَ تي گرمي گهٽ آهي ۽ کيرٿر ۽ ڏاڙهياري تي ته سياري وانگي سردي ٿي پوي! ڏينهن جو به سڄو ڏينهن، ٻاهر اُس ۾ گهمجي، ته سياري جي سج وانگي گرمي نٿي لڳي! گهڻو ڪري هوا، بمبئيءَ جي هوا جهڙي آهي. اشتها گهڻي لڳي ٿي. سج، صبح جو پوڻي ستين بجي اڀري ٿو ۽ سوائين اٺين بجي لهي ٿو. هنن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري، آسمان جهڙالو رهي ٿو. پاڻي، هيٺ جبلن ۾، مينهن جو، دٻن مان ملي ٿو. هنن ڏينهن ۾ اُتي برسات پيئي آهي، تنهن ڪري پاڻي جام آهي، نه ته ڏاڍو مشڪل سان هٿ اچي ٿو، تنهن ڪري ته ماڻهو، پاڻ سان کليون ڀري کڻن ٿا! ڪن هنڌن ۾ ته اصل سم جو پاڻي، هميشه بيٺل آهي"..........."انهن جبلن ۾ گهڻا جانور رهن ٿا. بن جبلن ۽ کيرٿر تي، سره گهڻا آهن. سره جي ماديءَ کي، ”ٻڪري“ چوندا آهن. اتي گڊ به گهڻا آهن. انهن کان سواءِ اتي، سيڙهه، بگهڙ، ممون ۽ چيتا به آهن. کيرٿر تي، جيڪا سير اسين گهمڻ ويا هئاسين، اسان جي اچڻ کان پنج ڇهه ڏينهن اڳي، هڪ چيتي، اتي چار ٻڪريون ماري وڌيون هيون، يا جيئن گائنچا، پنهنجي اصطلاح ۾ چوندا آهن ته ”چيتي، ٻڪريون پڳيون هيون.“ بگهڙ به اهڙو ئي زيان ڪن ٿا. چيتا ته اٺ به ماريندا آهن! مون کي ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪڙي ڏينهن، هڪ چيتي، ست اٺ ۽ ڏاچيون ماري وڌيون هيون. هو کائيندو ٿورو آهي، پر زيان گهڻو ڪندو آهي! اُتي، بندوق جو ليسن، ڪنهن کي به مليل ڪونهي، تنهن ڪري هنن کي ڪير ماري به ڪو نه ٿو. اتي ممون گهڻيون آهن: هيٺ ميدانن يا ماٿرين ۾، هرڻ گهڻا ٿين."........"جهنگلي پکين مان سرڻ، سانباهو، ڳيرو ۽ پاريل اتي گهڻو آهي، اسان کي جهرڪي ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي. اڇي ڳچيءَ سان ڪانگ ڪونهي، اُتي وڏا ”زاغ“ آهن، جي سڄا ڪارا ٿين ٿا ۽ ٻولي پڻ ڳري ٿيندي اٿن، جن کي عربيءَ ۾ ”غراب البين“ چوندا آهن. ٻيا ڳائڻا پکي عجيب هئا، جي ڏاڙهياري تي، بازار واري ڦوڙ ۾ ڏسڻ ۾ آيا، جن جو ذڪر مٿي ڏنل آهي. ٽڪرن تي چڪور گهڻا آهن، جن جي ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ جيڪي سنڌ جي تترن وانگي گهمڻ ۽ ٻولين پيا کين مارڻ يا ڦاسائڻ وارو ڪو نه آهي" ........."جبل ۾ وڏا وڻ وڻو، ڊامڻ، کيريو ۽ ٿرهريو آهن. ڏاڙهن جا وڏا وڻ آهن، جي ڦر ڪو نه ڪن. بادام گهڻو ٿئي ٿو. ڪهو جا وڻ تمام گهڻا آهن. ٻارڻ ۾ به ڪهو ڪم اچي ٿو. ڪهو کي، ”ڪوهو“ ڪري سڏيندا آهن. صحيح لفظ پڻ، ”ڪوهو“ ٿو ڏسجي، جو اهي وڻ رڳو ڪوه يعني جبل ۾ ٿين ٿا. بادام جو ڦر، ننڍيون باداميون ٿئي ٿو. جي ڪؤڙيون آهن. ڪهو ۾ ٻير ٿين ٿا. وڻي ۾، ڦارون وانگي کٽمٺا ٻير ٿين ٿا. روهڙي جا وڻ به ڇانو ۽ ميوي لاءِ چڱا آهن، جي رڳو ڏاڙهياري جي ڦوڙ واريءَ بازار ۾ ڏسڻ ۾ آيا، ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪين ٿا ٿين، تنهن ڪري چون ٿا ته باري پير، هنن جو ٻج، مڪه معظمه مان آندو هو، تنهن ڪري انهن کي ڪو به ڪونه وڍي! رڳو ڦر کائيندا اٿن. پيس جي کجي عام آهي. هن کي، ”ڦيش“ ڪري سڏين ٿا. هن منجهان، سنگ نڪري ٿو، جو ٻيرن جهڙو ميوو جهليندو آهي، جو ماڻهو کائين ۽ ڪچو ڳڀ، جو نئين شاخ جو ٿئي ٿو، سو به ماڻهو کائيندا آهن. اُن جي پنن مان رسا، تڏا ۽ ڇٻا يعني پيرن جا جوتا جوڙيندا آهن. پنن جي پاڙ ۾ جيڪا ڪاري شيءِ ڪپهه وانگي ٿئي ٿي، سا گڏ ڪري، چقمق سان باهه ٻارڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن"

. [3]

ڪتي جي ڪھاڻي[سنواريو]

ڪتي جي قبر جي ڪهاڻي جو ذڪر ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آهي، پر 1885ع واري دور جي ڊپٽي ڪمشنر چارلس پنهنجي ڪتاب هيو فوڪ ٽيلس آف سنڌ (Hue folk tells of sindh) سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون ۾ به ڪتي جي قبر جو ذڪر ڪيل آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ڪتو ڪنهن ڳوٺاڻي جو هو جيڪو گهرجي کاڌ خوراڪ واري سامان خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪتي سان گڏ جبل هيٺ لهي هڪ هندو دوڪاندار وٽ آيو، جتي هن سامان خريد ڪيو ۽ ڪجهه رقم کٽي پيس، تنهن تي دوڪاندار کي چيائين ته هي منهنجو ڪتو گروي طور رک رقم واپس ڪرڻ بعد ڪاهي ويندس، ڳوڻاٺو ائين چئي سامان کڻي واپس ڳوٺ روانو ٿيو، قدرت جو لڪاءُ اهو ٿيو جو هندو دوڪاندار جي دوڪان ۾ چور کاٽ هڻي چوري ڪري رهيا هئا ته اهو ڪتو سجاڳ ٿي تيز ڀونڪڻ لڳو جنهن جي آواز تي هندو دوڪاندار ۽ ٻيا ڳوٺاڻا سجاڳ ٿي پيا. ۽ چور اتان ڀڄي ويا، ڪتي جي اهڙي وفاداري ڏسي هندو دوڪاندار ڪتي کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪتو آزاد ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي مالڪ جي ڳوٺ ڏانهن اچي ٿو ته رستي ۾ سندس مالڪ کيس ڳوٺ ڏانهن ايندو ڏسي ڪتي کي نمڪ حرام وارو جملو چئي کيس ڀونڍو (بُجو) ڏنو، ۽ چيو اڄ مان توکي آزاد ڪرائڻ اچان پيو پر تون هندو دوڪاندار سان غداري ڪري ڀڄي آيو آهين! اڄ کان تون منهنجي لاءِ مري وئين. اهڙي جملي پوري ٿيڻ بعد ڪتي مالڪ جي پيرن تي ڪري ڏڪي ڏڪي دم ڏنو. ان بعد ڳوٺاڻو اچي هندو دوڪاندار وٽ پهتو ۽ معافي گهري رقم واپس ڪرڻ لڳو تنهن تي هندو دوڪاندار چيو ته تنهنجي ڪتي مون سان وفاداري ڪئي ۽ منهنجي هزارين روپين جي چوري ٿيڻ کان بچائي، جنهن ڪري مان تنهنجي رقم انعام طور معاف ڪري تنهنجي ڪتي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هندو دوڪاندار جي اهڙي ڳالهه ٻڌڻ بعد ڳوٺاڻو افسوس ۾ روئندو رهيو ۽ واپس اچي مئل ڪتي کي کڻي ڏاڙهيار جبل جي چوٽي تي قبر کوٽي کيس دفن ڪيو، ڪتي جي قبر جي ڪهاڻي بابت ڪيتريون قياس آرائيون هجن يا اهو معجزو هجي، پر ڳالهه اها سامهون ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ته اهو ڪتي واري قبر جو علائقو قدرتي نظارن سان ڀريل هڪ عجوبو آهي. جتي لالڻ جي ماڙي، انگريزن جي دور جو ٺهيل پوليس ٿاڻو، ۽ سرسبز پهاڙ، قدرتي پاڻي جون ننڍيون، ننڍيون نديون ڏسڻ وٽان آهن، جن کي ڏسي ڪشمير ۽ سوات ياد ايندو، پر افسوس جو سرڪار پاران هنن قدرتي نظارن کي دنيا تائين روشناس نه ڪرائڻ ڪري هي تاريخي ۽ قديمي ماڳ سان گڏ قدرت جي حسين شاهڪار کان دنيا بي خبر بڻيل آهي، ڪتي واري قبر تائين پهچڻ لاءِ سواري لاءِ ڪو به رستو روڊ ڪو نه ٺهيل آهي. پر محقق ۽ سياهه علائقي جي بااثر ماڻهن جي مدد سان اٺن ۽ گڏهن وسيلي اتي ڪيميرا جي اک سان اهي دلفريب منظر محفوظ ڪن ٿا ۽ اتان جي رهاڪن کان ڪتي جي ڪهاڻي ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت احوال وٺي. پنهنجي ڪتابن ۾ لکي ماڻهن کي آگاهي ڏين ٿا. [4]

حوالا[سنواريو]

  1. بي بي سي اردو سرحدی علاقے ’کتے کی قبر‘ پر سندھ اور بلوچستان میں تنازع، بي بي سي نمائندہ ریاض سھیل
  2. {عنایت ميمڻ جو مضمون : "مرزا قليچ بيگ ھڪ تاريخ ساز شخصيت", مھراڻ رسالو سال 2003، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  3. ڏاڙهياڙي جبل جو سير، ليکڪ؛ مرزا قليچ بيگ
  4. {ڪتي جي قبر سنڌ جو اهم تاريخي تفريحي ۽ گورک کان وڌيڪ ٿڌو ماڳ: ليکڪ:رفيق ڀٽي (فيس بڪ تان ورتل)}