گنداخه تعلقو
ڏيک
گنداخه Gandakha | |
|---|---|
| گنداخہ | |
| جاگرافي بيهڪ: 28°06′N 67°31′E / 28.1°N 67.51°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | بلوچستان |
| ضلعو | اوستا محمد خان |
گنداخه (Gandakha) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي اوستا محمد جو هڪ قصبو ۽ تعلقو آهي. گنداخه سنڌ جي سرحد جي ويجهو واقع آهي. سال 2017ع جي مردم شماري مطابق، آبادي 74,976 آهي، جڏهن اها ضلعي جعفر آباد جو هڪ تعلقو هئو. گنداخي کي خريف جي موسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جنهن ڪري علائقي جي زميندارن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو. شهر ۾ مختلف نسلن جا ماڻهو آباد آهن، يعني جمالي، بروهي، چاولا، قمبراڻي، لاشاري، عمراڻي، رند، مگسي، سومرو وغيره.