ايڪوئٽوريل گني
استوائي گني (انگريزي: Equatorial Guinea) وچ آفريڪا جو هڪ ملڪ آهي. ان جي جي ايراضي 28 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. آزادي کان اڳ هي اسپين جي قبضي ۾ آيل ملڪ هو. هن ملڪ جو نالو، خط استوا ۽ گني جي نار جي ويجهو هجڻ ڪري پيو. استوائي گني واحد آفريڪي ملڪ آهي جنهن جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي. 2015 جي آدمشماري موجب هن ملڪ ۾ 1,222,245 ماڻهو آباد آهن.
استوائي گني جي اتر ۾ ڪيمرون، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گيبون ۽ اولهه ۾ گني نار واقع آهن. 1990ع جي ڏهاڪي جي وچ کان پوءِ استوائي گيني ذيلي آفريڪي سحارا جو سڀ کان وڌيڪ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو، هي ملڪ آفريڪا جو مجموعي ملڪي پيداوار جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ امير ملڪ آهي. قوت خريد جي حوالي سان هي ملڪ دنيا ۾ 43هين نمبر تي آهي.[12] امير هجڻ باجود ملڪ جي دولت غيرمنصفاڻي انداز ۾ ورهاست سبب، ان جو گھڻو حصو صرف چند فردن وٽ آهي. گڏيل قومن پاران 2016ع ۾ جاري ڪيل انساني ترقي جي شرح ۾ هن ملڪ جو 135 هون نمبر آهي. گڏيل قومن مطابق ملڪ جي اڌ آبادي کي صاف پاڻي نصيب آهي ۽ 20 سيڪڙو ٻار پنج سالن جي عمر کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا.
اختياري مرڪزيت هن ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. فريڊم هائوس جي سياسي ۽ شهري حقن جي سالياني رپورٽ ۾ استوائي جيني کي هر دفعي انساني حقن جي حوالي سان بدترين ملڪ ڪوٺيو وڃي ٿو.[13] انساني اسمگلنگ جي حوالي سان پڻ هن ملڪ کي بدترين تصور ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا پاران 2012ع ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ استوائي جيني کي عورتن ۽ ٻارن جي جبري پورهئي ۽ جنسي اسنمگلنگ جي حوالي سان بدترين ملڪ ڄاڻيو ويو آهي.[14]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Government of the Republic of Equatorial Guinea. "Equatorial Guinea, member of the Community of Portuguese Language Countries".
- ↑ Government of the Republic of Equatorial Guinea. "Acts continue to mark Portuguese Language and Portuguese Culture Day".
- ↑ PRNewsWire. "Equatorial Guinea Adds Portuguese as the Country's Third Official Language". Retrieved 18 July 2015.
- ↑ "World Directory of Minorities and Indigenous Peoples – Equatorial Guinea : Overview". UNHCR. 20 May 2008. Retrieved 18 December 2012.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)CS1 maint: deprecated archival service (link) - ↑ Dickovick, James Tyler (2012). Africa 2012. Stryker Post. p. 180. ISBN 1-61048-882-2. https://books.google.com/books?id=NdyYjQxd7uEC&pg=PA180. Retrieved 18 December 2012.
- ↑ Equatorial Guinea آرڪائيو ڪيا ويا 2020-08-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Cia World Factbook.
- ↑ "Equatorial Guinea country profile". BBC. 2017-08-20.
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017.
- ↑ "2015 Census Preliminary Results" (PDF). inege.gq. Archived from the original (PDF) on 15 جُونِ 2016.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (help) - 1 2 3 4 "World Economic Outlook Database, April 2016". IMF.
- ↑ "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. 2016. Retrieved 21 March 2017.
- ↑ GDP – per capita (PPP) آرڪائيو ڪيا ويا 2013-04-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The_World_Factbook, Central_Intelligence_Agency.
- ↑ Worst of the Worst 2010. The World's Most Repressive Societies. freedomhouse.org
- ↑ "Equatorial Guinea". Trafficking in Persons Report 2012. U.S. Department of State (19 June 2012). This source is in the public domain.
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 maint: deprecated archival service
- Articles containing اسپيني-language text
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- ملڪ
- ايڪوئٽوريل گني
- آفريڪا جا ملڪ
- وچ آفريڪا جا ملڪ
- اولهه آفريڪا جا ملڪ
- او آئي سي جا ڀاتي ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- آفريڪي يونين جا رڪن ملڪ
- ڪميونٽي آف پرتگيز لئنگئيج ڪنٽريز جون ميمبر رياستون