ڪيٽي بندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيٽي بندر
شھر
ڪيٽي بندر is located in سنڌ
ڪيٽي بندر
ڪيٽي بندر
ڪيٽي بندر is located in Pakistan
ڪيٽي بندر
ڪيٽي بندر
جاگرافي بيهڪ: city 24°12′N 68°00′E / 24.20°N 68.00°E / 24.20; 68.00مڪانيت: city 24°12′N 68°00′E / 24.20°N 68.00°E / 24.20; 68.00
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٺٽو

ڪيٽي بندر (Keti Bandar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آھي۔ ھن شھر جي معيشت گھڻي ڀاڱي مڇي جو شڪار آھي ۽ شھرين ۾ وڏي تعداد ۾ مھاڻا شامل آهن. اھو ٻھراڙيءَ جو ننڍڙو شھر آھي. پاڪستان جي پيپلزپارٽي جي حڪومت ھن شھر جي سمنڊ تي واقع ھجڻ جي ڪري سامونڊي بندر ٺاھڻ لاء پڻ چونڊ ڪئي پر گوادر جي پراجيڪٽ جي ڪري رٿ منظور ٿي نہ سگھي[1].

ھن شھر ۾ اين-110 شاھراھ ميرپور ساڪرو کان اچي دنگ ٿئي ٿي. ھي بندر سنڌو ندي جي ڊيلٽا تي حجامڙو ڪريڪ وٽ واقع آھي جتان سنڌوندي جون شاخون اٽڪل 11 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سمنڊ سان ملن ٿيون.

تاريخ[سنواريو]

ھي بندرگاھ محمد بن قاسم جي فوج جي عراق کان پھچڻ واري جڳھ دیبل جي بندرگاھ جي باقياتن تي تعمير ڪئي وئي۔ اصل هيءُ ٻاڙي گهوڙا يا گهوڙي ٻاڙيءَ جي لهڻ جي جاءِ هئي. جڏهين شاهه بندر ۽ ڌاراجا ڦٽا، تڏهين هن بندر زور ورتو. جتي اڳي وڪر بندر هو. اتي انهيءَ جي ٻڏي وڃڻ ڪري هيءُ بندر ٻڌو ويو، جو گهڻو جهونو ناهي. اتي جو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سان واپار هلندو آهي.[2]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.dawn.com/news/238651/keti-bandar-project-may-be-revived
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

متناسقات: 24°09′N 67°27′E / 24.150°N 67.450°E / 24.150; 67.450 زمرہ:ویکی ڈیٹا پر موجود متناسقات