ڌاراجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڌاراجا ميرپور ساڪرو جي تعلقي ۾ سنڌ جو ھڪ قديم شھر جيڪو ڦٽي ويو.

تاريخ[سنواريو]

سنہ 1151ھ (سنہ 1738ع) ۾ ميان نور محمد جي پٽ محمد مرادياب کي ڌاراجا جي حاڪم راڻي اجمل ۽ ڪڪرالہ جي ڄام روڪيو. هو سمنڊ مان جھاز وٺي درياھ ۾ آيا ۽ پوءِ سڪيءَ ۽ پاڻيءَ کان هن سان وڙهڻ لڳا؛ پر جڏهن ڪلھوڙن ڪناري تي توفون ڪم آنديون، تڏهن هو ڀڄي ويا. وري سنہ 1160ھ (سنہ 1747ع) ۾ ڌاراجا جي راڻي جي چورت تي جبل جي ماڻھن ٺٽي تي ڪاھ ڪئي. شيخ شڪرالله ۽ مسو فقير ۽ بولا خان نومڙيو ميان جي طرفان هن سان وڙهيا ۽ راڻي کي ماري ڇڏيائون. ڌاراجا ساڪري تعلقي ۾ هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ - ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.