ٻيلاٽي
ڏيک
| ٻيلاٽي (قبو سعيد خان) ديھ ٻيلاٽي | |
|---|---|
| ديھ | |
| Deh Belati | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°56′06″N 67°48′27″E / 27.93500°N 67.80750°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 1,661 |
ديھ ٻيلاٽي(انگريزي: Deh Belati) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جمالي تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1934ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ھڪ ڳوٺ پير بخش واقع ھيو[2]. ھي ديھ شروع ۾ پراڻي شھدادڪوٽ تعلقي جي تپو قطريا جو حصو ھئي پر بعد م ان کي تپو جمالي ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ آدم خان کوسو، ڳوٺ باغ خان پلال ۽ ڳوٺ ميوو خان بروھي معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ وريل، اوڀر ۾ ديھ شھدادڪوٽ تعلقي جي ديھ جاڙي، ديھ ڪوٽ ڪارڙا ۽ ديھ قطريا، اولھ ۾ ديھ کھاوڙ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ھزارواھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,661 ھئي جيڪا 276 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]