ڪلياڻ آڏواڻي
| ڪلياڻ آڏواڻي | |
|---|---|
| ڄم | 10 ڊسمبر 1911 حيدرآباد, بمبئي پريزيڊينسي, برطانوي هندستان[1] |
| وفات | 17 مارچ 1994 (عمر 82 سال) ممبئي, مهاراشٽر, انڊيا |
| ڌنڌو | عالم، محقق، شاعر |
| قوميت | ڀارتي |
| مادرِ علمي | ڊي.جي. نيشنل ڪاليج |
| صنف | نثر، شاعري |
| مُکيه ڪم | شاهه جو رسالو[1]، شڪنتلا جو ترجمو[1]، شاهه[1]، سچل[1] ۽ سامي[1] تي ڪتاب |
| ايوارڊ | ساهتيه اڪيڊمي مان گولڊ ميڊل (1958ع)[1] ساھتيه اڪادمي اوارڊ مان گولڊ ميڊل (1968)[1] |
ڪلياڻ بلچند آڏواڻي(انگريزي:Kalyañ Advañi) (1911ع–1994ع) سنڌي ادب جو نامور شاعر، نقاد ۽ محقق هو، جنهن وچئين دور جي سنڌي ادب، خاص طور صوفي شاعري، جي علمي اڀياس کي نئون رخ ڏنو[2]. ھي برطانوي ھندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر، عالم ۽ اديب هو[1], جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن. ھي جديد سنڌي تنقيد، متن شناسي ۽ صوفي ادب جي علمي اڀياس جو اهم ستون هو. سندس شاعري، تنقيد ۽ تدويني ڪم سنڌي ادب جي تاريخي تسلسل کي مضبوط ڪيو ۽ صوفي روايتن کي جديد علمي معيارن سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو.
زندگي جو احوال
[سنواريو]ڪلياڻ بلچند آڏواڻي ھي اجومل آڏواڻي جي گهر ۾ 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو[1]، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ بمبئي ۾ وڃي رھيو.[3][4]
ادبي خدمتوڻ
[سنواريو]ھن جي تحقيق جو موضوع سنڌي زبان جا 3 باڪمال شاعر شاھ، سچل ۽ سامي رھيا. ورھاڱي کان اڳ سندس مقالا ۽ مضمون مخزن ڦليلي، رسالي ”سنڌ“ ۽ لطيف ٻاري ۾ شايع ٿيا. انھن کان سواءِ 1946ع ۾ سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ڪاليداس جي جڳ مشھور ڊرامي ”شڪنتلا“ جو ترجمو ڪيائين. جنھن تي کيس سنڌ سرڪار طرفان انعام مليو. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. جن ۾ ”شاھ“ (1951ع)، ”سامي“ (1953ع) ۽ ”سچل“ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو تنقيدي اڀياس ڏنو ويو آھي. 1958ع ۾ شاھ جو رسالو مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھر بيت جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي ان بيت جي سامھون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ان کان اڳ شاھ جي رسالي جي سولي سمجھاڻي ڏنل نہ ھئي ۽ ڪن رسالن ۾ تہ مک لفظن جي معنيٰ بہ ڏنل ڪا نہ ھئي. ھن رسالي تي مرتب ۽ محقق کي سنڌي ساھت منڊل بمبئي طرفان 1958ع ۾ گولڊ ميدل مليو، ان کان پوءِ ڪلياڻ آڏواڻي شاھ جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. ان رسالي تي کيس 1967ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميدل ڏنو ويو. سچل جي ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ”سچل“ کان سواءِ ٻيو ڪتاب ”سچل جو چونڊ ڪلام“ به لکيائين، جيڪو ساھتيه اڪادمي نئين دھلي 1979ع ۾ ڇپيو. مذڪوره ايوارڊن ۽ انعامن کان سواءِ 1968ع ۾ ساھتيہ اڪادمي نئين دھليءَ طرفان ”شاھ جو رسالو“ تي کيس انعام مليو. 1970ع ۾ ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي کيس روس ۽ فرانس جو دورو ڪندڙ ڊيليگيٽس ۾ شامل ڪري دوري تي موڪليو. اھا ڊيليگيشن صرف ٽن اديبن تي مشتمل ھئي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جو اعزازي ميمبر ٿي رھيو، جن ۾ ساھتيہ اڪادمي دھليءَ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ، ڀارتي گيان پيٺ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ بمبئي ۽ پونا يونيورسٽين جي سنڌي شعبي جو بورڊ آف اسٽڊيز شامل آھن. ”شڪنتلا“ جي ترجمي کان پوءِ ڀارت ۾ 1973ع ۾ ديوان محي الدين جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ان کان علاوه سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”راز و نياز“ 1960ع ۾ ڇپيو، جڏھن ته ”روحاني مشاھدا“ 1979ع ۾ ڇپيو.[3]
ڪلياڻ آڏواڻيءَ ان کان علاوه ڪتابن جا مقدما ۽ مھاڳ بہ لکيا ۽ تنقيدي نوعيت وارا مضمون بہ تحرير ڪيائين، جن ۾ ”ميگھدوت“ (نانڪ رام ميرچنداڻي 1947ع)، ”ساميءَ جا سلوڪ“ (سامي/1947ع) ۽ ”سڪ جي سوغات“ (رام پنجواڻي/1959ع) شامل آھن.[3]
تشريحي تنقيد ۾ ”شاھ جو رسالي جون تشبيھون“ (سنڌو/ فبيروري 1944ع)، ”سامي جي سلوڪن جون تشبيھون“ (سنڌو/ مئي 1944ع ۽ ”شاھ جو عاشقانه ڪلام“ (سنڌو/ سيپٽمبر 1946ع) شامل اٿس. جڏھن ته سوانح حياتي تنقيد ۾ ”سھڻو انسان عزيز“ (نئين دنيا/سيپٽمبر 1971ع) شامل آھن.[3]
آڏواڻي جو شاعريءَ جو مجموعو راز و نياز (1960ع) صوفيانه ۽ فڪري تاثرن جو امتزاج پيش ڪري ٿو. هن وچئين دور جي اهم شاعرن تي جامع تنقيدي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ شاھ (1951ع) — شاھ عبداللطيف ڀٽائي بابت، سامي (1953ع) — ساميءَ تي، ۽ سچال (1954ع) — سچل سرمست بابت شامل آهن. انهن تصنيفن ۾ هن صوفي اظهار، فڪري پسمنظر ۽ فني خصوصيتن جو باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪيو[5].
شاھ جو رسالو
[سنواريو]ڏنل شاھ جي رسالي منتخب ۽ مفصل جا سنڌ ۾ ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر، برهان ڪتاب گهر، روشني پبلڪيشن، سنڌي ساهت گهر وغيره ڪيترائي ايڊيشن ڇپايا آهن ۽ سنڌ ۾ سندس شاھ جي رسالي ڇاپي ۽ وڪري ۾ رڪارڊ ٽوڙيو آهي.[3][6]
انعام يافته علمي ڪم
[سنواريو]آڏواڻي کي ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ (1968ع) سندس ڪتاب شاھ جو رسالو: مُجمل (1966ع) تي مليو، جيڪو شاھ جو رسالو جو تنقيدي حاشين سان تيار ڪيل مختصر (abridged) ايڊيشن آهي. هي ڪم متن جي چونڊ، تشريح ۽ تنقيدي ترتيب سبب وڏي علمي اهميت رکي ٿو.
انگريزي تصنيفون ۽ عالمي اثر
[سنواريو]سنڌي کان ٻاهر به سندس اثر رسوخ رهيو. هن انگريزيءَ ۾ Shah Latif (1970ع) ۽ Sachal Sarmast (1971ع) ڪتاب لکيا، جيڪي “Makers of Indian Literature” سلسلي ۾ شايع ٿيا. انهن ڪتابن وسيلي سنڌي صوفي شاعري عالمي پڙهندڙن تائين پهتي.
وفات
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 "ڪلياڻ آڏواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 23 جون 2023۔
- ↑ A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:7
- 1 2 3 4 5 6 آڏواڻي، ڪلياڻ آرڪائيو ڪيا ويا 2016-12-19 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
- ↑ "ڪلياڻ آڏواڻي", SindhSalamat, حاصل ڪيل 02 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:7
- ↑ "شاهه جو رسالو : ڪلياڻ آڏواڻي", SindhSalamat, حاصل ڪيل 02 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ Sindhipeoples (24 جولاءِ 2017), "سنڌي شخصيتون: ڪلياڻ آڏواڻي - ارشاد ڪاغذي", سنڌي شخصيتون, حاصل ڪيل 02 آڪٽوبر 2020۔