مواد ڏانھن هلو

مهاراشٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مھاراشٽر
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي طرف : ويسٽرن گھاٽ جي ڀرسان واقع مھابليشور جي لڳ پرتاب ڳڙھ قلعو، ڇترپتي شيواجي مھاراج ترمينس ريلوي اسٽيشن ، اجنتا جي غار ۾ پدماپاني جي پينٽنگ، ايلورا جي غار ۾ ڪيلاس مندر، انڊيا جو گيٽ وي، ايليفنٽا غار ۾ تريمورتي مجسمو، شنيوار واڊا قلعو ۽ حضور صاحب ننديد
مھاراشٽر جي مھر
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ (ممبئي): 18°58′12″N 72°49′12″E / 18.97°N 72.820°E / 18.97; 72.820
ملڪ انڊيا
قيام 1 مئي 1960^ (مھاراشٽر جو ڏينهن )
گاديءَ جا هنڌ ممبئي
ناگپور (سياري ۾)[1]
مھاراشٽر جا ٽوٽل ضلعا 36
Government
  Body مھاراشٽر جي حڪومت
  گورنر وديا ساگر رائو
  وزيراعلي دويندر فدناوس (بي جي پي )
  ليجسليٽو اسيمبلي ٻہ ايواني
ليجسليٽو ڪائونسل ۾ 78 ميمبر
ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 288 ميمبر
Area
  Total
307,713 ڪ.م2 (118,809 ميل2)
  Rank انڊيا جي پکيڙ ۾ ٽين وڏي رياست
The بمبئي ري آرگنائيزيشن ايڪٽ 1960 تحت بمبئي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ھڪ کي مھاراشٽر ۽ ٻئي کي گجرات جو نالو ڏنو ويو.[2]
†† Common high court


مھاراشٽر(انگريزي: Maharashtra ) مختصراً (MH)، جنھن جو پراڻو نالو بمبئي پريزيڊنسي ھيو، انڊيا جي اولھ م واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا پکيڙ ۾ ٽيون نمبر ۽ آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏي رياست آھي. ان جي پکيڙ 307٬713 km2 (118٬809 sq mi) آھي. ان جون حدون اولھ ۾ عربي سمنڊ سان، ڏکڻ ۾ ڪرناٽڪا ۽ گوا سان، اوڀر ۾ تلنگانا ۽ ڇتيس ڳڙھ، اتر ۾ گجرات ۽ مڌيا پرديش ۽ اتر اولھ ۾ انڊين يونين ٽيريٽري ڊاڊرا ۽ نگر حويلي سان ملن ٿيون.[3] مھاراشٽر رياست بمبئي جي رياست جي اولھندي ۽ ڏکڻ اولھ واري حصي، بيرار ۽ ودارڀا ۽ حيدرآباد رياست جي اتر۽ اولھ واري حصن، سوراشٽر کي ورھائي ان جو ھڪ حصو ملائي ٺاھي وئي. سوراشٽر جو ٻيو حصو موجوده گجرات جي رياست آھي. مھاراشٽر جو سڀ کان وڏو شھر ممبئي آھي جنھن جي آبادي پوڻا ٻہ ڪروڙ آهي ۽ ھي شھر آبادي م انڊيا جو بہ سڀ کان وڏو شھر آھي. سياري ۾ ھن شھر جو گاديءَ جو هنڌ ناگپور ھوندو آھي ۽ اسيمبلي جي اجلاس بہ سياري م ناگپور ۾ ٿيندا آهن .[4]ھن رياست جو شھر پوني کي اوڀر جو آڪسفورڊ چوندا آهن جتي ڪيترائي تعليمي ادارا آھن. [5][6] ناشڪ انڊيا جو شراب وارو شھر سڏبو آهي جتي تمام گھڻو شراب کپي ٿو. ھن رياست جون ٻہ وڏيون نديون گوداواري ندي ۽ ڪرشنا ندي آھن.[7][8] انڊياجي آزادي کان اڳ مھاراشٽر واري ھاڻوڪي علائقي تي ستاواھانا گھراڻي، راشٽراڪوٽا گھراڻي، ويسٽرن چالوڪاس ايمپائر، دکن سلطنتن، مغلن، مراٺين (مرھٽن) ۽ پوء انگريزن حڪومت ڪئي. رياست جي ھر پاسي انھن جا ڇڏيل کنڊر، يادگار، مقبرا، قلعا، عبادتگاھون موجود آهن جن ۾ اجنتا جو غارون، ايلورا جون غارون عالمي ورثو قرار ڏنل آھن. ڪيترائي قلعا شيواجي سان منصوب آھن. مھاراشٽر انڊيا جي سڀ کان وڏو صنعتي رياست آھي.[9][10]

انتظامي ۽ سياسي ورھاست

[سنواريو]


refer caption
مھاراشٽر جون ڊويزنون جن ۾ ضلعا ڏيکاريل

مھاراشٽر رياست جون ڇھ انتظامي ڊويزنون آهن.[11]

  1. امراواتي
  2. اورنگ آباد
  3. ڪونڪان
  4. ناگپور
  5. ناشڪ
  6. پوني


اھي ڇھ ڊويزن وري 36 ضلعن ۾ ورھايل آھن ، 109 سب ڊويزنن ۽ 357 تعلقن ۾ ورھايل آھن. ماضي ۾ سنڌ بمبئي جو حصو رھي ھئي جنھن ڪري سنڌ جي ذيلي انتظامي ورھاست بہ تعلقو سڏبي آھي جڏھن تہ پاڪستان جي ٻين سمورن صوبن ۾ ان کي تحصيل چوندا آهن.[12] ھر ضلعي جو انتظامي عملدار ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر يا ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ھوندو آھي جن جي مقرري انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس يا مھاراشٽر سول سروس مان ٿيندي آھي.[13] تعلقن جي ھتي ورھاست بلاڪن ۾ ٿيل آهي جيڪي پينچائت يا وليج ڪائونسل يا ٽائون ميونسپلٽي تي مشتمل ھوندا آھن.[14][15]

مھاراشٽر جون ڊويزنون مھاراشٽر جا ضلعا
امراواتي
اورنگ آباد
ڪونڪان
ناگپور
ناشڪ
پوني

حوالا

[سنواريو]
  1. "Monsoon session to start in Maha’s winter Capital Nagpur from July 4", 2 August 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 1 August 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. Ministry of Law, Government of India (1960). The Bombay Reorganisation Act 1960. https://books.google.com/books/about/The_Bombay_Reorganisation_Act_1960_11_of.html?id=3U_VAAAAMAAJ. Retrieved 23 May 2015.
  3. "Maharashtra Tourism", 18 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 3 February 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. Bhushan Kale (10 December 2014). "उपराजधानी ते राजधानी ‘शिवनेरी’ची" (Marathi ۾). Divya Marathi (Nagpur, Maharashtra, India). Archived from the original on 23 June 2015. https://web.archive.org/web/20150623020105/http://m.divyamarathi.bhaskar.com/news/Amravati/5540/MAH-VID-AMR-first-time-in-mumbai-to-nagpur-air-conditioner-bus-started-new-s-4834760-NOR.html.
  5. "The ‘Oxford of the East’ goes West". The Indian Express. http://archive.indianexpress.com/news/the--oxford-of-the-east--goes-west/375464/. Retrieved 24 January 2017.
  6. "Truly the Oxford of the East". Hindustan Times. http://www.hindustantimes.com/education/truly-the-oxford-of-the-east/story-C4tkUn6c6BWOtxvRuUF1TO.html. Retrieved 24 January 2017.
  7. "Level of Urbanisation : Ministry of Urban Development, Government of India", moud.gov.in (ٻولي ۾ انگريزي), اصل کان 25 May 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 مئي 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  8. "Census 2011: Tamil Nadu 3rd most urbanised state – Times of India". The Times of India. http://timesofindia.indiatimes.com/city/chennai/Census-2011-Tamil-Nadu-3rd-most-urbanised-state/articleshow/9292380.cms.
  9. Planning Commission of the Government of India (2007). Maharashtra, Development Report. Academic Foundation. p. 407. ISBN 9788171885404. https://books.google.com/?id=6ohvu8D3LbgC&dq=Maharashtra+richest+states.
  10. Bhandari Laveesh (2009). Indian States at a Glance 2008-09: Performance, Facts And Figures – Maharashtra. Pearson Education India. p. 176. ISBN 9788131723432.
  11. "Districts" آرڪائيو ڪيا ويا 12 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., maha.gov.in
  12. "Talukas of Maharashtra", District department, Government of Maharashtra, اصل کان 15 June 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 January 2014۔ اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  13. "District level governance", The Government of Maharashtra, 13 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 February 2014۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  14. "Panchayati raj in state", Government of Maharashtra, 13 March 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 March 2014۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  15. "Maharashtra regional and town planning", Government of Maharashtra, 13 March 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 March 2014۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)