مواد ڏانھن هلو

ڪاما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
,
ڪاما
، ◌̦
جاپاني ڪاما عربي ڪاما ٽٻڪا ڪاما هيٺ
اِضافت   '
ڏنگيون [ ]  ( )  { }  ⟨ ⟩
دم :
ڪاما (اڌ ساهي) ,  ،  
ڊيش يا ليڪ ‒  –  —  ―
ڊاٽس يا ٻڙيون   ...      
عجب جي نشاني  !
فل اسٽاپ, پورو دم .
guillemets ‹ ›  « »
ڳنڍيندڙ ليڪ يا هائيفن
hyphen-minus -
سوال جي نشاني ؟
ڪوٽيشن مارڪ ‘ ’  “ ”  ' '  " "
سيمي ڪولون ;
slash, stroke, solidus /    
interpunct ·
space     
ampersand &
ايسٽيرسڪس *
at sign @
backslash \
basis point
bullet
caret ^
dagger † ‡ ⹋
degree °
ditto mark
برابر جي نشاني =
inverted exclamation mark ¡
inverted question mark ¿
komejirushi, kome, reference mark
multiplication sign ×
number sign, pound, hash #
numero sign
obelus ÷
ordinal indicator º ª
percent, per mil  % ‰
plus, minus + −
plus-minus, minus-plus ± ∓
pilcrow
prime     
section sign §
tilde ~
underscore, understrike _
vertical bar, pipe, broken bar |    ¦
copyright ©
copyleft 🄯
sound-recording copyright
registered trademark ®
service mark
trademark
currency sign ¤

؋฿¢$֏ƒ£元 圆 圓 ¥ 円

asterism
fleuron, hedera
index, fist
interrobang
irony punctuation
lozenge
tie
Related
In other scripts
* Category Category

ڪاما__ٿورو دم__ (Coma)__(،):


انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاما (comma) يا ”ٿورو دم“، جنھن کي ”ساھي“ بہ چيو ويندو اھي، هيءَبيهڪ جي ٻين نشانين کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ نشاني اھي. جڏھن ڪنھن جملي جي ڪنھن لکت يا نالي وغيره جي وضاحت ڪجي، يا وڌيڪ معلومات ڏبي آهي تھ ڪاما يا ٿورو دم ڏبو اھي. هڪ جملي ۾ هڪجهڙا گهڻا لفظ استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي ڪاما سان ڌار ڪبو آهي. مثال: مون کيانب، صوف، ڪيلا ۽ انگور وڻندا آهن. مثال طور:اسڪول جو پرنسپال، مسٽر احمد، ڏاڍو سخت ماڻھو اھي. [1] ٿورو دم کي انگريزي ۾ Comma گريڪ زبان ۾ Komma چيو وڃي ٿو، جنهن جو تعلق لفظ Koptein معنيٰ To cut سان آهي. ادبي لحاظ کان فقرن کي جدا ڪرڻ يا جملي جي ننڍن حصن کي جدا ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو. ٿورو دم نه رڳو جملي جا حصا ظاهر ڪري ٿو، پر لفظن، اصطلاحن ۽ پهاڪن وغيره کي به جملي ۾ جدا ڪري ڏيکاري ٿو.
ٿورو دم هيٺين حالتن ۾ ڏنو وڃي ٿو:
(1) جڏهن هڪ کان وڌيڪ اسم اچن ٿا، تڏهن آخرين اسم جي اڳيان ۽ باقي اسمن جي پٺيان ٿورو دم اچي ٿو.
مثال
احمد، محمد، علي، ۽ رحيم باغ ۾ گهمڻ ويا.
(2) جيڪڏهن جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ صفتون (Adjective) لاڳيتون اچن ته اهڙي حالت ۾ هر صفت کان پوءِ ٿورو دم ڏيڻ گهرجي، پر آخري صفت جي پٺيان نه ڏجي.
مثال:
مغل اڪبر بادشاهه، بهادر، سخي، طاقت ور، ۽ انصاف پسند حاڪم هو.
(3) جيڪڏهن اسمن يا صفتن جون جوڙيون، جوڙيون ٿي جملي ۾ آيون هجن ته اهڙي حالت ۾ به هر جوڙي کان پوءِ ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
اسمن جون جوڙيون
احمد ۽ لطيف، محمد ۽ علي، جافر ۽ ڏنو، راند لاءِ سٺيون جوڙيون آهن.
صفتن جون جوڙيون
احمد هڪ دلير ۽ بهادر، انصاف پسند ۽ سخي، مڙد آهي.
(4) جڏهن جملي ۾ ڪنهن به ڳالهه تي زور ڏيڻو هجي ته انهيءَ کي ٿورو دم ڏئي ۽ جدا ڪري ڏيکاريو وڃي.
مثال:
هي تمام لائق ۽ محنتي، ماڻهو آهي.
هن جملي ۾ ڪنهن لائق ۽ تمام محنتي جي پٺيان ٿورو دم ڏئي، انهن لفظن کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪيو ويو آهي.
(5) جيڪڏهن فعل هڪ کان وڌيڪ لاڳيتا اچن ته انهيءَ کي به زوردار ثابت ڪرڻ لاءِ، ۽ جدا رکڻ لاءِ هر هڪ فعل جي اڳيان ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
هي جلدي سوچي ٿو، هڪدم قدم کڻي ٿو، ۽ جلدي اثر قبول ڪري ٿو.
(6) جيڪڏهن جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ ظرف (Adverb) اچن ته هر ظرف کان پوءِ ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
هاڻي، جلدي، ٿوري وقت ۾ ڪم پورو ڪرڻ گهرجي.
(7) جيڪڏهن جملي ۾ حرف جر جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ فقرن ۾ اچن ۽ انهن کي جدا ڪري استعمال ڪرڻو هجي ته حرف جر کان پوءِ ٿورو دم ڏئي انهن کي جدا ڪيو وڃي.
مثال:
(الف) هن لاءِ، توڙي هن لاءِ، اها رسم ضروري آهي.
(ب) هي ڪپڙو، نه رڳو ٻين کان ڳرو آهي، پر سٺو به آهي.
(8) لفظن جي ميڙ جي پٺيان يا نسبتي لفظن جي پٺيان ٿورو دم ڏنو ويندو آهي.
مثال
: ٻڪرين جي واڙ، ڳئن جو ڌڻ، ماڻهن جو ٽولو اهڙين نسبتي لفظن کي به جملي ۾ ڌار ڪري بيهارڻ لاءِ ٿورو دم ڏنو ويندو آهي.
(9) جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ جملا حرف جملي جي مدد سان ڳنڍيا ويا هجن، تڏهن به هر جملي جي ميلاپي هنڌ تي حرف جملي کان اڳي ٿورو دم ڏنو وڃي. اهڙي ٿوري دم جو مطلب هر جملي جي خيال کي الڳ الڳ ظاهر ڪرڻ هوندو آهي. سائين شفي محمد کي سلام ڏيندا.
هن مان ٻه مطلب نڪرن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالمجيد کي نياپو ضرور ڏيندا.
مثال:
(الف) هن چيو جيتوڻيڪ، اهو جيڪڏهن ڏکيو آهي، پر تڏهن به هن کي گهرجي ته، گهر ڏسي ڇڏي.
(ب) هن جي سوچ، ۽ منهنجي خيال ۾، وڏو فرق آهي.
(ت) مون سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڙي واري جي ريڊيو مون کي سمهڻ ڪونه ڏنو.
(ث) هو جيڪي سوچي ٿو، جيڪي ڪري ٿو، تنهن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
(10) ندا جي فاعل، اسم ۽ فعل جي پٺيان به ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
ڇوڪر، روئي ٿو.
استاد پنهنجي لٺ سان، شاگرد کي ماري ٿو.<> هن جملي ۾ ٿورو دم نه رڳو هر ڪنهن فقري جي اهميت ظاهر ڪري ٿو، پر ٻنهي فقرن کي ٿوري دم جي مدد سان الڳ ڪري بيهاريو ويو آهي، ۽ معنيٰ کي صاف ڪري اثرائتو ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ وضاحت ڪئي ويئي آهي.
(11) ٿورو دم هر فقري يا مددي يا مدار رکندڙ جملي کان پوءِ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن فقري ۽ جملي جي مقصد ۽ اهميت کي اڀاري ظاهر ڪري. مثال:
(الف) هر وقت، هر انسان، خدا جي مخلوق جي دک درد کي غور سان ڏسي، انهن تي سوچي، ويچاري ۽ نتيجا ڳولي، ته جيڪر جاندار، پکين، انسانن جي ڀلائي، همدردي ۽ سک جا سڀ رستا، سبب هن جي اڳيان اچي وڃن.
(ب) ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، جيڪي به لفظ وات مان نڪرن ٿا، سي ڳالهائڻ جي اٺن لفظن مان، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا ضرور هوندا آهن.
(ت) امتحان لاءِ جيڪي ڇوڪرا تيار ٿيا، سي پاس ٿيا.
(ث) اڄ صبح جو، اسين جهيڙي ۾ ڦٽلين وٽ وياسين، پر هنن جي خراب حالت ڏسي، دل جهلي نه سگهياسين، تنهنڪري سگهو ئي موٽياسين.
(12) تعداد يا تاريخ لکڻ کان پوءِ جڏهن ٻيا لفظ لکيا وڃن، تڏهن به ٿورو دم ڏنو وڃي.
مثال:
(الف) ماڻهو 3789 ۽ گهوڙا 683، هن شهر ۾، اڄ موجود آهن.
(ب) جنوري 1980ع، کان امتحان شروع ٿيندو.
(13) ڪنهن جاءِ، ايڊريس جي حصن کي ٿورو دم ڏئي جدا ڪيو وڃي.
مثال:
هي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو هو.
(14) انگن جي تعداد کي جدا جدا ڪري لکڻ به ٿورو دم آندو وڃي ٿو.
745، 22، 150، 290.
(15) ڪنهن به حوالي ڏيڻ وقت ورجايل لفظن ۾ چيل لفظن کي به ٿوري دم جي مدد سان جدا ڪيو ويندو آهي.
مثال:
هن چيو، ”توکي پورو حق آهي.“
(13) واسطو رکندڙ فقرن کي ٿوري دم جي مدد سان جدا ڪيو وڃي.
مثال:
جي تون هي ڪتاب پسند ڪرين ٿو، ته کڻي وڃ. مٿين حالتن کان سواءِ هيٺين حالتن ۾ به ٿورو دم ڏنو وڃي ٿو:
1- جملن ۽ فقرن کي گڏ لکڻ وقت، هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ وقت.
2- جملن ۽ فقرن جي معنيٰ صاف ڪري، اثرائتي ثابت ڪرڻ لاءِ.
3 جملن جي جدا جدا حصن ۽ فقرن جي اهميت ظاهر ڪرڻ لاءِ.
4- جملن ۾ جتي ٿورو ساهه کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي پر معنيٰ.
5- جملن ۽ فقرن جي مقصد ۽ خيال کي مختلف ظاهر ڪرڻ لاءِ.
6- جملي جي پهرئين خيال کان پوءِ ٻئي خيال کي واضح ۽ نرالو ثابت ڪرڻ لاءِ.
7 ٻن جدا جدا خيالن وارن جملن کي جدا ڪري ظاهر ڪرڻ لاءِ.
8- جملي ۾ ٿورو دم اتي ڏيڻ گهرجي جتي ٻي ڪابه نشاني نه اچي سگهي.
مثال:
1. مرد ۽ زالون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون برابر اهميت جي لائق آهن.
2 .هن باغ ۾ انب، صوف،، ڪيلا، ڄمون ۽ ٻيا ميوا ٿيندا آهن.
3 ايماندار، محنتي، سياڻو ۽ ڪارائتو ماڻهو هر هنڌ عزت حاصل ڪري ٿو.
4- هي ڇوڪري رڌڻ، پچائڻ، سبڻ ۽ ٻين گهر جي ڪمن ۾ هوشيار آهي.
5. احمد، نيرن ڪري، اسڪول مان ٿي، راند ڪري، شام جو گهر موٽيو.
6.گهوڙو، جو مون توکي ڏنو، سو سٺي نسل جو هو.
7.ڇا ڏينهن هجي، ڇا رات هجي، صبح هجي يا شام هجي، گرمي هجي يا سردي هجي، غريب پيٽ لاءِ، محنت ڪندو رهي ٿو
8. فاعل ۽ فعل يا هڪ خيال جي رخ وارن فقرن يا جملن جي وچ ۾ ٿورو دم نه ڏنو وڃي، نه ڪي ٿورو دم هر هنڌ بنا ضرورت جي ڏنو وڃي.[2]

ٿورو دم ۽ ليڪ

[سنواريو]
[، ۽-]              Comma & Dash

هيءَ نشاني ڪنهن ڳالهه کي وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ يا احتياط خاطر استعمال ڪئي وڃي ٿي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}