ڊيش
— | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
ڊيش | |||||||
| |||||||
Related | |||||||
In other scripts | |||||||
ڊيش : ليڪ: (-) : Dash:
ڪنهن مڪمل جملي کان اڳي جيڪڏهن، معنيٰ طور، يا سمجهاڻي طور ڪجهه لکيو وڃي ۽ پوءِ جملو شروع ڪيو وڃي ته اهڙي حالت ۾ سمجهاڻي ۽ جملي جي وچ ۾ ليڪ ڏني وڃي پر جيڪڏهن پهريائين جملو ۽ پوءِ سمجهاڻي ته اهڙي حالت ۾ دم (Colon) جي نشاني ڏني ويندي آهي. يا ائين ته جيڪڏهن ڪنهن جملي جو پورو مطلب نه نڪري ۽ جملي جي سمجهاڻي لاءِ ڪي خاص لفظ ڏيڻا هجن ته وڇوٽي يا ليڪ ڏني وڃي.
مثال:
1- هن کي مار ڏني، برو ڀلو چيو، ۽ هن جو سامان در کان ٻاهر اڇلايو - احمد تمام خراب رويو اختيار ڪيو.
2- جنگ، امن، سياست ۽ محبت - اسان ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهيون ڪيون.
3- هوڏانهن مير به انگريزن سان ناتي ڳنڍڻ ۾ ناراض هئا، جيتري قدر انگريز پاڻ - خاص ڪري اهڙي طاقت سان، جنهن مان کين ڊپ هو.
4- انگريزن کي هاڻي ميرن سان گهاٽي رستي رکڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانه هئي - خاص ڪري جڏهن هنن ميرن کي جاهل قوم ڪري ٿي لکيو.
افسانوي ادب ۾ ليڪ جملي ۾ خيال جي وضاحت، اهميت ۽ سمجهاڻي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري دم لاءِ به ليڪ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن جو مطلب لفظن کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ هوندو آهي. يا انهي لاءِ ليڪ ڏني ويندي آهي ته جذبي جي جهڙي شدت لکندڙ ۾ هجي اهڙي پڙهندڙن ۾ به پئدا ڪئي وڃي. اهڙي طرح ٽوڪ ۽ طنز طور استعمال ٿيل فقرن جي اڳيان به ليڪ ڏني ويندي آهي. جيئن تحقيقي لکيتن ۾ ڪنهن لفظ يا ڳالهه جي سمجهاڻي لاءِ ڏنگيون ڏنيون وينديون آهن تيئن افسانوي ادب ۾ وري ڏنگين جي بدلي ۾ اڳيان پٺيان ليڪون ڏنيون وينديون آهن. انهي کان سواءِ ليڪ جي پٺيان آيل فقري ۾ نئين خيال جي نشاندهي به ڪئي ويندي آهي.
مثال:
مير فتح علي خان ملڪي حڪومت ۾ پنهنجي ٽن ڀائرن - غلام علي، ڪرم علي، مراد علي، کي به ڀائيوار ڪيو.