بيھڪ جون نشانيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
.
بيھڪ جون نشانيون
اِضافت   '
ڏنگيون [ ]  ( )  { }  ⟨ ⟩
دم :
ڪاما (اڌ ساهي) ,  ،  
ڊيش يا ليڪ ‒  –  —  ―
ڊاٽس يا ٻڙيون   ...      
عجب جي نشاني  !
فل اسٽاپ, پورو دم .
guillemets ‹ ›  « »
ڳنڍيندڙ ليڪ يا هائيفن
hyphen-minus -
سوال جي نشاني ؟
ڪوٽيشن مارڪ ‘ ’  “ ”  ' '  " "
سيمي ڪولون ;
slash, stroke, solidus /    
interpunct ·
space     
ampersand &
ايسٽيرسڪس *
at sign @
backslash \
basis point
bullet
caret ^
dagger † ‡ ⹋
degree °
ditto mark
برابر جي نشاني =
inverted exclamation mark ¡
inverted question mark ¿
komejirushi, kome, reference mark
multiplication sign ×
number sign, pound, hash #
numero sign
obelus ÷
ordinal indicator º ª
percent, per mil  % ‰
plus, minus + −
plus-minus, minus-plus ± ∓
pilcrow
prime     
section sign §
tilde ~
underscore, understrike _
vertical bar, pipe, broken bar |    ¦
copyright ©
copyleft 🄯
sound-recording copyright
registered trademark ®
service mark
trademark
currency sign ¤

؋฿¢$֏ƒ£元 圆 圓 ¥ 円

asterism
fleuron, hedera
index, fist
interrobang
irony punctuation
lozenge
tie
Related
In other scripts

بيهڪ جون نشانيون __(Punctuation Marks):


اسان جي ڳالھائڻ مھل اکرن، سادن، مرڪب ۽ پيچيده لفظن، لفظن جي جوڙن، جملن وغيره جي وچ ۾ جيڪي وٿيون، وقفا ۽ ساھيون، زورائتا يا ھلڪا تاثر، لاھيون چاڙھيون ۽ سواليه، يا عجب جا جذبا ظاھر ٿيندا اھن، تن کي تحرير يا لکت ۾ ڪيئن ظاھر ڪجي، جو اظھار بنا فرق جي پڙھندڙ تائين مڪمل طور منتقل ٿي سگھي؟ معنيٰ ۽ مفھوم، چٽائيءَ ۽ وضاحت سان پڙھندڙ تائين پھچائڻ لاءِ جيئن ڪنڌ جي ڌوڻ، ڀرونءَ جو کڄڻ، نڪ کي موڙو ڏيڻ، ھٿن جا اشارا ۽ ٻيون اھڙيون شيون مددگار ٿينديون اھن. تيئن تحرير ۾ به ڪي نشانيون ھونديون اھن، جيڪي کالھھ جي تاثر کي پڙھندڙ جي ذھن تي جيئن جو تيئن پھچائڻ جو ڪم ڪنديون اھن. انھن کي بيھڪ جي نشانيون سڏيو ويندو اھي. اهي آهن دم (فل اسٽاپ)، ٿورو دم (ڪاما)، سوال جي يا عجب جي نشاني وغيره.[1]بيهڪ جون نشانيون ٻولي جي مقصد ۽ معنيٰ سمجھڻ جو وسيلو آهن. ٻولي يا زبان جي ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ ڍار هر ڪنهن زبان وارن جو الڳ الڳ آهي ۽ انهيءَ ڍنگ ۽ ڍار يا لاهن چاڙهن جي مدد سان ٻولي جي بيهڪ جو اندازو يا انهيءَ جي معنيٰ ۽ مقصد کي مقرر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ٻڌندڙ، انهيءَ آواز کي سمجھي سگھن، اهڙيءَ طرح هڪ ماڻهو جي وات مان آواز ڪڍڻ ۽ ٻئي جو ڪنن جي رستي انهيءَ آواز کي صحيح سمجھڻ، ڪنهن زبان يا ٻولي جي اهميت کي به ظاهر ڪندو آهي.[2] ڪنهن زبان جي سمجھڻ جي اهميت هيٺ ڏنل ٻولي جي وصفن مان ظاهر ٿئي ٿي. نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته: ”ٻولي انسان جي دل ۽ اندر جي اظهار جو ٻيو نالو آهي“[3] زبان جي عالمن وري زبان ۽ ٻولي جي وصف هن طرح ڪئي آهي: ”زبان خود بخود اختيار ڪيل آوازن ۽ علامتن جو هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان واهپو رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي متاثر ڪن ٿا“ [4]نهيءَ کان سواءِ بيهڪ جي نشانين کي گرامر ۽ مطلب جي لحاظ کان صوتيتي اهميت به آهي. صوتيات ۾ ”جتي جملا مختلف ڍار سان ٿين ٿا يا جنهن هنڌ تي هڪ جملو ختم ٿئي ٿو، ۽ وري ٻيو جملو شروع ٿئي ٿو، تنهن هنڌ کي پڄاڻي وارو ميلاپي هنڌ (Terminal Juncture) سڏبو آهي.اهڙي طرح گفتگو ۽ ڳالهائڻ ۾ آواز جي ميلاپي هنڌ کي صوتيتي اهميت هوندي آهي[5] . اها صوتيتي اهميت قرآن ڪريم جي قرات ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن کي ”وقف““ چيو وڃي ٿو. معنيٰ جي لحاظ کان به صوتيات ۾ بيهڪ جي نشانين جي اهميت آهي جنهن کي معنيات (Semantics) چيو وڃي ٿو. معنيات جي لحاظ کان ”ٻوليءَ کي ٻه پاسا آهن، ان جو ظاهري پاسو آوازن سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جو باطني پاسو معنيٰ ۽ مطلب سان واسطو رکي ٿو. انساني گفتگو جڏهن بامعنيٰ ٿئي ٿي تڏهن ان کي علامت (symbole) سڏجي ٿو“[5] . انهيءَ کان سواءِ نه رڳو هر لفظ هڪ کان وڌيڪ معنائون ظاهر ڪري ٿو پر ڪن حالتن ۾ساڳيو ئي لفظ ٻه مخالف معنائون به ظاهر ڪري ٿو.”بيهڪ جون نشانيون جملن ۾ فاصلي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن جيڪي رسمي نشانيون آهن ۽ ڪنهن خاص رٿا موجب مقرر ٿيل آهن، جن جي مدد سان ڪنهن لکيت کي دل ۾ يا ڏاڍي سمجهي يا صحيح پڙهي سگهجي ٿو ".[6]”بيهڪ جي نشانين جو مقصد آهي ته لفظ مطلب جي لحاظ کان صحيح اچاريا وڃن ۽ اهڙي طرح لفظن جي معنيٰ ۽ مقصد جو مدار بيهڪ جي نشانين تي هوندو آهي، جيڪي لفظن جي وچ ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. بيهڪ جي نشانين کي نظرانداز ڪرڻ سان لکيت جي مطلب کي بگاڙيو وڃي ٿو. جيڪڏهن غلط نشانيون ڏنيون ويون ته پڙهندڙ صحيح خيال کي سمجهي نه سگهندو ۽ پڙهندڙ جو ذهن منجهي پوندو. انهيءَ لاءِ ڪنهن صحيح خيال کي سمجهائڻ لاءِ بيهڪ جون نشانيون ضروري آهن. ڇو ته بيهڪ جي نشانين جو مطلب هوندو آهي ته لکندڙ جو مطلب ظاهرڪرڻ ۽ انهيءَ جي سمجهاڻي ڏيڻ ۾ پڙهڻ ۾ جيڪو مونجهارو هجي انهيءَ کي دور ڪرڻ"[7]”بيهڪ جي نشانين جو مقصد آهي، جيڪي ڪجهه ڳالهايو يا لکيو وڃي، انهيءَ جو مقصد پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي صاف ۽ صحيح سمجهه ۾ اچي ته لکندڙ يا ڳالهائيندڙ جي لفظن جو صحيح مقصد ڇا آهي“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”بيهڪ جي نشانين جو مقصد هوندو آهي، لفظن جي معنيٰ جو صحيح مفهوم پڙهندڙن تائين پهچائين.“[8]

بيھڪ جي نشانين جا قسم[سنواريو]

  1. فل اسٽاپ يا پيريڊ يا پورو دم (.)
  2. ڊيش يا ليڪ (-)
  3. ڪاما يا ٿورو دم (,)
  4. ڳنڍيندڙ ليڪ(_)
  5. سيمي ڪولون يا اڌ دم (؛)
  6. ڪوٽيشن مارڪ ("" يا ' ' )
  7. ڪولون(نشاني) يا دم (:)
  8. سوال جي نشاني(؟)
  9. عجب جي نشاني (!)
  10. ڊاٽس(...)
  11. ايسٽيرسڪس(*)
  12. نمبر جي نشاني(#)

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {جتوئي علي نواز حاجي خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان. حيدرآباد، احمد نبي بخش شيخ: 1968ع ص - 9}
  4. { Edgar H. Sturtevent. An Introduction to Linguistic Science. New Haven! Yale University Press, 1947- P-2.}
  5. 5.0 5.1 {جتوئي علي نواز حاجي خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان. حيدرآباد، احمد نبي بخش شيخ: 1968ع ص - 9}
  6. {The New Encyclopeadia Britinica, Macropaedia, William Benton 73-1974, Vol 15- P. 274}
  7. {Eric Partidge & John W. Clerk. You have a point there . London: The English Language Book Society- 1963. P.1}
  8. {Robert Brittain. Punctuation. New York: Barne’s & Noble, Inc. 1957- PP 123, 124}