ڪوٽيشن مارڪ
“ ” " " ‘ ’ ' ' | |
---|---|
ڪوٽيشن مارڪ | |
Related | |
In other scripts | |
واڪ جون نشانيون : Quotation Marks:
واڪ جون نشانيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون ساديون واڪ جون نشانيون (Single quotation)، ٻيون مرڪب واڪ جون نشانيون (Double quotation).
سادي واڪ جي نشاني
[سنواريو][’ ‘] Single Quotation
هي نشاني جملي ۾ تڏهن ڪم ايندي آهي، جڏهن ڪنهن لفظ کي اهميت واري يا ڪو خاص لفظ ظاهر ڪيو ويندو آهي.
’ڪاڄ‘ کان ٽي راتيون اڳ سرور جي ڍولڪ هڻائبي آهي.
انهيءَ کان سواءِ جملي ۾ خاص فقرن کي به سادي واڪ جي نشاني ۾ رکيو ويندو آهي.<>
مثال:
لائن کان پوءِ ٻيا هي ساٺ ڪيا ويندا آهن:<>
’منڊيءَ جو ساٺ‘، ’سونگي جو ساٺ‘، ’وڃڻيءَ جو ساٺ‘، ’کير جو ساٺ‘، ’مٺ کولائڻ‘، ’ڦل چونڊڻ‘ ۽ تر مئڻ، وغيره.
ننڍا فقرا ۽ اهڙا لفظ جن جي جملن ۾ اهميت جدا گانه هوندي آهي، اهڙن لفظن کي به واڪ جي نشانين ۾ رکيو ويندو آهي.
[1]
مرڪب يا ٻٽيون واڪ جون نشانيون
[سنواريو][" "] Double Quotation
جيڪڏهن ڪي لفظ اڳي چيل يا ورجايل آهن يا حوالي طور ڪم آيل آهن يا اڳي چيل جملا ورجايل آهن يا يابجنسي چوڻا آهن، تڏهن مرڪب يا ٻٽين واڪ جي نشانين ۾ رکيا ويندا.
مثال:
احمد چيو ته ”هو اڄ راند نه ڪندو.“
هي لفظ ڪيترا نه تنهنجي دوست سان ٺهڪي اچن ٿا، ”چور جو ڀاءُ ڪنڍي ڇوڙ،“
[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html. Missing or empty
|title=
(مدد)} - ↑ {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}