سيمي ڪولون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيمي ڪولون
؛
سنڌي سيمي ڪولون
اِضافت   '
ڏنگيون [ ]  ( )  { }  ⟨ ⟩
دم :
ڪاما (اڌ ساهي) ,  ،  
ڊيش يا ليڪ ‒  –  —  ―
ڊاٽس يا ٻڙيون   ...      
عجب جي نشاني  !
فل اسٽاپ, پورو دم .
guillemets ‹ ›  « »
ڳنڍيندڙ ليڪ يا هائيفن
hyphen-minus -
سوال جي نشاني ؟
ڪوٽيشن مارڪ ‘ ’  “ ”  ' '  " "
سيمي ڪولون ;
slash, stroke, solidus /    
interpunct ·
space     
ampersand &
ايسٽيرسڪس *
at sign @
backslash \
basis point
bullet
caret ^
dagger † ‡ ⹋
degree °
ditto mark
برابر جي نشاني =
inverted exclamation mark ¡
inverted question mark ¿
komejirushi, kome, reference mark
multiplication sign ×
number sign, pound, hash #
numero sign
obelus ÷
ordinal indicator º ª
percent, per mil  % ‰
plus, minus + −
plus-minus, minus-plus ± ∓
pilcrow
prime     
section sign §
tilde ~
underscore, understrike _
vertical bar, pipe, broken bar |    ¦
copyright ©
copyleft 🄯
sound-recording copyright
registered trademark ®
service mark
trademark
currency sign ¤

؋฿¢$֏ƒ£元 圆 圓 ¥ 円

asterism
fleuron, hedera
index, fist
interrobang
irony punctuation
lozenge
tie
Related
In other scripts
* Category Category

اڌ دم __ (؛)__ (Semi Colon):


هيءَ بيهڪ جي نشاني مرڪب ۽ پيچيده جملن جي مختلف حصن کي ڌار ڪرڻ مھل ڪم ايندي اھي، مثال: ھن جو مدو پورو ٿيو، ھو چارج ڏئي ھليو ويو. مٿئين جملي جون ٻھ ٻيون صورتون ھي ٿي سگھن ٿيون: 1: ھن جو مدو پورو ٿيو؛ ھو چارج ڏئي ھليو ويو. 2: ھن جومدو پورو ٿيو ۽ ھو چارج ڏئي ھليو ويو. [1]اهڙو جملو جنهن ۾، هڪ کان وڌيڪ جملا شامل هجن، ۽ جن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي ۽ حيثيت جي لحاظ کان هر هڪ جدا ننڍو جملو هجي، جيڪو خود زور ڀريو ۽ الڳ خيال رکندڙ جملي جي حيثيت جهڙو هجي ۽ جن کي جيڪڏهن جدا ڪري لکجي ته خود هڪ جملو ٿي پوي ته اهڙن جملن جي حيثيت ۽ خيال کي الڳ ڪري ڏيکارڻ لاءِ اڌ دم ڏنو ويندو آهي. اهڙا جملا مداري جملا نه هوندا آهن پر اهي جملا مکي جملي جي خيال سان واسطو ضرور رکندا آهن ۽ جملي ۾ اهڙن جملن جي ثانوي حيثيت هوندي آهي.
موجوده وقت لکيتن ۾ اڌ دم تمام گهٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ۽ اڌ دم جي بدلي ٿورو دم ڏنو وڃي ٿو يا مرڳو ننڍا ننڍا جملا ڪري لکيا وڃن ٿا.
هن نشاني جو خاص مقصد هوندو آهي ته هر ننڍي لاڳاپيل جملي کان پوءِ ٿورو دم کان وڌيڪ بيهجي، ته جيئن انهيءَ لاڳاپيل خيال وارو جدا حيثيت رکندڙ آساني سان سمجهي سگهي ۽ جملو به اثرائتو معلوم ٿي.
مثال: 1- هي ڇوڪرو تمام ذهين آهي؛ تنهنڪري امتحان ۾ پهريون نمبر اچي ٿو؛ پر سست آهي؛ تنهنڪري ڪوبه ڪم جلدي نٿو ڪري.
2- اڄ ڪلهه، اسانجي سماج جي تباهي جا بنيادي مسئلا آهن: بي روزگاري جو وڌڻ؛ شين جي قيمتن ۾ واڌارو؛ ۽ اخلاقي خرابين جو پئدا ٿين”
3- انساني ويس ۾، تون اشرف المخلوقات آهين؛ دنيا جي ويس ۾، تون شيطان جو پوئلڳ آهين؛ خواهشن جي دائري ۾، تون بيحد لالچي آهين؛ عقل جي لحاظ کان، تون انصاف پسند، رحم دل، داناءُ، ظالم ۽ بي عقل آهين.
4- احمد اسڪول ويو آهي؛ محمد اندر ڪمري ۾ آهي.

اڌ دم ۽ ليڪ[سنواريو]

[- ؛] Semicolon & Dash هي نشاني پوءِ ايندڙ جملي کي اهميت وارو ۽ زوردار بنائڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي. انهيءَءَءَ کان سواءِ ايندڙ جملي کي جدا ڪري ڏيکارڻ لاءِ به ڏني ويندي آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}