سوال جي نشاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
؟
سوال جي نشاني
اِضافت   '
ڏنگيون [ ]  ( )  { }  ⟨ ⟩
دم :
ڪاما (اڌ ساهي) ,  ،  
ڊيش يا ليڪ ‒  –  —  ―
ڊاٽس يا ٻڙيون   ...      
عجب جي نشاني  !
فل اسٽاپ, پورو دم .
guillemets ‹ ›  « »
ڳنڍيندڙ ليڪ يا هائيفن
hyphen-minus -
سوال جي نشاني ؟
ڪوٽيشن مارڪ ‘ ’  “ ”  ' '  " "
سيمي ڪولون ;
slash, stroke, solidus /    
interpunct ·
space     
ampersand &
ايسٽيرسڪس *
at sign @
backslash \
basis point
bullet
caret ^
dagger † ‡ ⹋
degree °
ditto mark
برابر جي نشاني =
inverted exclamation mark ¡
inverted question mark ¿
komejirushi, kome, reference mark
multiplication sign ×
number sign, pound, hash #
numero sign
obelus ÷
ordinal indicator º ª
percent, per mil  % ‰
plus, minus + −
plus-minus, minus-plus ± ∓
pilcrow
prime     
section sign §
tilde ~
underscore, understrike _
vertical bar, pipe, broken bar |    ¦
copyright ©
copyleft 🄯
sound-recording copyright
registered trademark ®
service mark
trademark
currency sign ¤

؋฿¢$֏ƒ£元 圆 圓 ¥ 円

asterism
fleuron, hedera
index, fist
interrobang
irony punctuation
lozenge
tie
Related
In other scripts
* Category Category

سوال جي نشاني __(؟) __(Question Mark):

ھيءَ نشاني سواليھ جملي جي اخر ۾ لکندي اھي، پر اھو سوال سڌو يا direct ھئڻ گھرجي. Indirect speech ۾ اھا نشاني ڪا نھ لکندي. مثال: احمد پڇيو، ”ارشد ڪيڏانھن ويو اھي؟“ اھڙا سوال جيڪي جملي ۾ فاعل جي جاءِ وٺن. انھن ۾ سواليھ نشان بابت سڀ ڪو سمجھي ٿو.اھڙا سواليھ جملا جيڪي ڏسڻ ۾ تھ سوال اچن. پر ھجن درخواست واري مفھوم جا، انھن ۾ بھ سوال جي نشاني ڪانھ لکندي بلڪھ اتي عجب جي نشاني لکندي. مثال: ڇا توھان مھرباني ڪري منھنجو ڪتاب جلدي واپس ڪندا! اخبارن ۾ اھڙي ڪا خبر، ۽ ڪتابن ۾ اھڙا ڪي تفصيل ۽ انگ اکر ڏيڻا ھجن، جن جي باري ۾ پڪ نھ ھجي، تھ پوءِ انھن جي سامھون ڏنگين ۾ سوال جي نشاني ڏبي اھي.مثال: حڪومت ڪوٽا سسٽم اڳيان ويھھ سال وڌيڪ جاري رکڻ جو ڳيصلو ڪري ڇڏيو (؟) امريڪا جي ريڊ انڊين کي 1921ع (؟) ۾ حق مليا. [1] جڏهن ڪنهن کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته انهيءَ سوال ظاهر ڪرڻ لاءِ لکت ۾ سوال جي نشاني ۽ ڳالهائڻ وقت جملي ۾ آخرين لفظن تي زور ڏنو وڃي ٿو.
هي منهنجو ڪتاب آهي؟
ڇوڪر جو نالو ڇا آهي؟
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟
جملي ۾ سوال جي نشاني نه ڏني ويئي ته جملو بياني ٿي پوندو ۽ جملي جو مطلب غلط ٿي پوندو.
هي منهنجو ڪتاب آهي.
هن جملي مان يقيني حالت جو به اظهار ٿي سگهي ٿو ته حقيقت ۾ هي ڪتاب منهنجو آهي. پر سوال جي نشاني ڏيڻ سان اهو ظاهر ٿيندو ته هي ڪتاب منهنجو آهي يا نه.[2]

سوال جي نشاني ۽ ليڪ[سنواريو]

Question Mark & Dash

جملي کي هي نشاني وڌيڪ زوردار ثابت ڪرڻ لاءِ يا احتياط طور ڪم آندي ويندي آهي.[3]


هڪ کان وڌيڪ سوال جون نشانيون[سنواريو]

[؟ ؟ ؟] Plural Queries


ڪنهن سوال کي وڌيڪ معلوماتي يا سوال ۾ وڌيڪ شدت ظاهر ڪرڻ لاءِ، هڪ کان وڌيڪ سوال جون نشانيون ڏنيون وينديون آهن. هي نشانيون عام طور افسانوي ادب ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. پر ادبي تحقيق ۾ ڪم نه اينديون آهن.[4]

ڏنگين ۾ سوال جي نشاني[سنواريو]

[ (؟) ] Bracked Question Mark هي نشاني افسانوي توڙي ادبي لکيت ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ هن جو مقصد هوندو آهي، ڪنهن ڳالهه کي سوالي بنائڻ يا ڪنهن سوال کي ڳجهو ڏيکارڻ، يعني ظاهر ۾ اهو سوال نه هجي، پر باطني طور اهو سوال ظاهر ڪيو وڃي، يا ڪنهن ڳالهه ۾ شڪ هجي ۽ انهيءَ جي مڪمل معلومات نه هجي ۽ ڪڏهن هي نشاني ٽوڪ طور به ڪم آندي وڃي ٿي.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}