پير پٺو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

امام صاغاني ورهين جا ورهيه سنڌ ۽ هند جا شهر گهمندو رهيو. جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ويندو به هئو ته پوءِ وري ڪو نه ڪو وجهه ڳولي ٻيهر هن ڌرتي تي موٽي ايندو هئو. ستين صدي عيسوي جي شروعات ۾ خليفي ناصر الدين جو سفير ٿي، التمش جي درٻار ۾ پهتو.

هو هڪ ڪتاب العباب الزاخر واللباب الفاخر جو ليکڪ پڻ هئو، پر پنهنجو ڪتاب لکي پورو نه ڪري سگهيو، ڇو جو موت کيس ڪتاب لکي پورو ڪرڻ جو وقت ئي نه ڏنو.

مڪليءَ جي جبل جي تاريخي شروعات سما خاندان جي گاديءَ جي هنڌ ساموئي سان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي هڪ وڃايل بندرگاهه تي ٿئي ٿي، جنهن کي پير پٺو جي واديءَ جي نالي سان سڃاٿو وڃي ٿو.

مڪلي کان ڏکڻ جي پاسي نڪرون ته مڪلي جي جبلن مان هڪ رستو نڪري ٿو. اهو رستو اڳيان هلي ٻن ننڍن شهرن ور ۽ غلام الله تائين وڃي ٿو، جتان ٿورو اڳيان وڃو ته پير پٺي جي مزار اچي ٿي.

  • هن جي باري ۾ مشهور آهي ته، مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو، جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجهه نه ڏٺو.

پير پٺو، شاهه عالم جي لقب سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هن بزرگ جو نالو حسن بن راجپار بن لاکو بن سخير هو ۽ خانداني نالو ابوالخير هو.

هن جي باري ۾ غلام علي الانا لکي ٿو ته، ”سمٿ جي بيان مطابق اهو شيخ سعدي جي زماني جو هئو. پر جميل شاهه ڏاتار جي سجاده نشين وٽ جيڪو ڪتاب آهي، ان مان ڄاڻ ملي ٿي ته شيخ پير پٺو، لعل شهباز قلندر ۽ امير خسرو دهلوي جي زماني جو هو. ڪتاب جي مطابق پير پٺو جو لاڏاڻو 1248هه ۾ ٿيو هو، جڏهن ته شهباز قلندر جي وفات جو سن 1274هه آهي.

تحفته الڪرام مان روايت آهي ته، شيخ صاحب هن ئي غار ۾ رهندو هو، جتي هاڻي سندس مقبرو آهي. هڪ دفعو شيخ بھاوالدين ذڪريا ملتاني پنهنجي دوستن ۽ مريدن سان هتان گذريو. انهن ۾ لعل شهباز قلندر به شامل هئو. اهي جڏهن هتان گذريا ته کين ڄاڻ ملي ته هن جبل ۾ هڪ قيمتي لعل موجود آهي. ان ئي ڳولا ۾ اهي هن غار تائين آيا ۽ پير پٺي کي گمناميءَ مان ڪڍي کين پنهنجي مُريدن جي دائري ۾ شامل ڪيو.

پير پٺي جي نشاني اها دستار آهي، جيڪا اڄ به ميلي جي موقعي تي سجاده نشين پائي وڏي شان سان خانقاھ کان مزار تائين مريدن سان گڏ پند ڪري اچي ٿو. ميرن جي صاحبي (حڪومت) تائين هتي اناج ۽ گيهه جا گودام هئا، جيڪي زيارت تي اچڻ وارن کي لنگر کارائڻ لاءِ ٺهرايا ويا هئا.

[[محمد تغلق][ کان بغاوت ڪرڻ وارو طغي گجرات کان ڀڄي اچي ٺٽي ۾ پناهه وري هئي، جنهن جي ڪري محمد تغلق ٺٽي تي حملو ڪرڻ جي ارادي سان گجرات مان نڪري هن پاسي ڏانهن آيو پر ٺٽي کان 14 ڪوهه پري 725 هجري ۾ گذاري ويو.

پوءِ تخت تي جڏهن فيروز تغلق ويٺو ته اهو به ٺٽي تي حملو ڪرڻ جي ارادي سان آيو، پر ان زماني ۾ سنڌ جون سياسي حالتون تغلقن لاءِ ٺيڪ نه هيون، جنهن جي ڪري اهو ناڪام ٿي واپس گجرات ڏانهن واپسي موٽي هليو ويو، محمد تغلق جي موت ۽ فيروز تغلق جي ناڪامي جي حوالي سان هن علائقي ۾ هڪ چوڻي ڏاڍي مشهور آهي؛

  • بابرڪت پير پٺو، هڪ مُئو هڪ ڊٺو.

هن چوڻي مان ان زماني ۾ هن خانقاهه جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ تصوف جي روايت گهڻي پراڻي آهي، سمن جي زماني ۾ اسماعيلي مبلغَ پڻ پنهنجي تبليغ ڪندي نظر اچن ٿا. چشتي طريقو هتي ڪجهه خاض هلي نه سگهيو. جڏهن ته نقشبندي طريقو هتي گهڻو پوءِ پهتو.

توڻي جو قادري ۽ سهروري سلسلو هتي سومرن جي صاحبي (حڪمراني) کان هلندو اچي ٿو. نوح بکري، قلندر لعل شهباز، پير پٺو، سيد علي ۽ پير پٿورو کي سنڌ ۾ تصوف جي حوالي سان شروعاتي اهميت حاصل آهي. هنن بزرگن جون درگاهون هتي خانقاهي صوفيت آڻڻ ۾ ڏاڍو اهم رُتبو رکڻ ٿيون.

پير پٺي جي درگاهه ۽ قديم مسجد پنهنجي وقت جو اڏاوتي نمونو آهن. خاص طور تي 8 پلرن تي ڄمائي بيهاريل ڇت ۽ ڪاٺ جا دروازا جن مان ماضيءَ جي عقيدي پرستي ۽ محنت نظر اچي ٿي. هي درگاھ سنڌو ندي جي وهڪري جي پاسي ۾ جبل تي آهي. هن درگاهه کان جيڪڏهن ڪير ڏکڻ اولهه ۾ جميل شاھ گرناري جي مزار تائين وڃڻ چاهي ته قبرن، مزارن، خانقاهن ۽ پراڻين مسيتن جي هڪ دنيا ڏسڻ لاءِ ملي ٿي. [1]جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ لکيو آھي تہ، " پير پٺي جو نالو سلطان شاهه عالم هو، جو بخارا طرف جو ويٺل هو. بادشاهي ترڪ ڪري فقيري اختيار ڪئي هئائين، ڇهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين. ساڻس سندس ٻه خليفا گڏجي آيل هئا: شيخ ساجن ۽ شيخ صابو. شيخ ساجن اولياء صاحب جي حياتيءَ ۾ لاولد ٿي، وفات ڪئي ۽ اولياءُ صاحب به لاولد هو. ان ڪري سندس پهريون سجاده نشين شيخ صابو ٿيو. ليڪن تاريخ ”تحفة الڪرام“ ان کي ٻيءَ طرح ظاهر ڪيو آهي. ان جي لکئي پٽاندر، پير پٺي جو نالو حسين بن راجپار بن لاکو بن سکيرو هو. سندس والده جو نالو سلطاني بنت مراد ۽ شرفو بيبي هو. هو قبيلي جو اپلاڻ هو. علامہ آء.آء. قاضي جي تحقيق مطابق، هي قديم ولين مان هڪ هو. هن 12 ربيع الاول 546هه مطابق 29 جون 1151ع تي وفات ڪئي هئي. اهو زمانو سومرن جي حڪومت جو هو، جو سنڌي عشقيه داستانن جو دؤر هو. مومل راڻو، ليلا چنيسر ۽ عمر مارئيءَ جا قصا انهيءَ زماني جا آهن. هر سال پير پٺي جي درگاهه تي 12 ربيع الاول تي ميلو لڳندو آهي."[2]پير پٺو هيءَ وڏي زيارتگاهه هڪڙي ٽڪريءَ تي آهي. جا مڪليءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان ڌار ٿيل آهي ۽ ٺٽي کان ڇهن ڪوهن تي آهي. اتي هڪڙي جهوني عيدگاهه ۽ منارو هو، جن جا ڦٽل نشان اڃا پيا ڏسجن. اتي هڪڙو وڏو شهر هوندو هو، جو ڦٽي ويو آهي. انهيءَ پير کي مسلمان پير پٺو ٿا چون. پر هندو راجا گوپي چند ٿا سڏين. چون ٿا ته هو شيخ سعدي شيرازيءَ جو همعصر هو ۽ سنه 560 هه ۾ ڄائو هو، پر راجا گوپي چند ته انهيءَ کان گهڻا سئو ورهيه اڳي رهندو هو. اتي ربيع الاول مهيني جي 11 تاريخ ميلو لڳندو آهي. جو ٽي چار ڏينهن هلندو آهي. ڪڇي ماڻهو گهڻا ايندا آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. پیر پٹھو کی وادی: موجوں سے مَیلوں تک - Opinions - Dawn News
  2. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو