پير پٿورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سنڌ

پير صاحب جي جنم بابت ڪا به پڪي تاريخ ملي نٿي سگهي، پر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌ تي سمن جو راڄ هو. هڪ هنڌ لکيک آهي ته پير صاحب جي جنم وقت عمرڪوٽ تي همير سومري جو راڄ هو جو سن ۱۴۰۰ع ۾ گادي تي ويٺو هو. ۽ ۳۹ ورهيه راڄ ڪيائين. هن کان عمرڪوٽ جي حڪومت راڻي همير سوڍي سن ۱۴۳۹ع ۾ کسي ورتي انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته پير صاحب جو جنم انهيءَ عرصي اندر ٿيو ۽ اڳتي ايندڙ احوال مان اهو وڌيڪ چٽائي سام معلوم ٿئي ٿو ته پير صاحب جو جنم عيسوي پندرهين صدي جي شروعات ۾ ٿيوسوڍن کان جڏهن سومرن حڪومت کسي ورتي تڏهن راڻي ڌارا برش جا پويان عمرڪوٽ ۽ ان جي آس پاس پکڙجي ويا، ڪي سوڍا عمرڪوٽ کان اتر الهندي ۽ کپري تعلقي جي ڏکڻ الهندي طرف جتي هينئر پٿورو يا اڪڙي اسٽيشن آهي، اتي رهندا هئا. راڻو ۽ همير جنهن هنڌ کپري تعلقي ۾ رهندو هو تنهن کي اڄ تائين ”هميراڻا پڊ“ (جن لفظ پوءِ بگڙجي ٿيو هميراڻا ڀٽ) چوندا آهن ۽ ٻيا عزيز خويش به اتيئي ويجهڙائي ۾ رهندا هئاهاڻي هنن وٽ حڪومت ڪان هئي، سندن روزگار جو وسيلو آبادي ۽ مال چارڻ هو، جتي هينئر پير صاحب جي ماڙي ٺهيل آهي انهي هنڌ پٿوري جو پيءُ ماڏڻ ۽ ٻيا ڪٽنب وارا رهندا هئا، وٽن چوپايو مال خاص ڪري مينهون جهجهيون هيون. ماڏڻ جي زال جو نالوسونل ٻائي جا ذات جي ڀٽياڻي يا دونسي راجپوتن مان هئي، جنهن ونس مان شري ڪِرشن ڄائو هوماڏڻ کي شدي ڪَئي ۱۲ سال ٿي ويا هئا پر کيس اولاد ڪو نه هو، هن گهڻئي سنت، فقير، اولياءِ ۽ پير پڇايا، جاپ ٽاپ ۽ ٻيا اپاءُ ڪيا ته من ڪا مٺي مراد حاصل ٿئي پر ڌڻي جي مرضي ڪا ٻي هئي. پرڀو جي ليلا وچتي آهي، منش جو دماغ انهن کي نٿو سمجهيانهيءَ هنڌ کان ۱۰کان ۱۲ ڪوهن تي کپري تعلقي ۾ ”لاکيا“ نالي هڪ ڪُن آهي، جتي چون ٿا ته سڀڪجهه چنڊ رات لک اولياءِ، فقير، ديوتا ۽ سنت وغيره اچي گڏ ٿيندا هئا، جنهن ڪري مٿس ”لاکا ڪن“ نالو پيو. انهي وقت انهي مشهور آستان تي سڀڪنهن چنڊ رات ڪيترائي درويش، فقير اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ رات جاڳي ڌڻي جي بندگي ۽ پاڻ ۾ روحاني گيان چرچا ڪري صبح جو هرڪو پنهنجي آستان ڏي آسماني رستي روانو ٿي ويندو آهيماڏڻ سوڍو جو مينهون چاريندو هو سو به چنڊ رات ڪهي فقيرن جي ڪچهري ۾ حاضر ٿيو، نيڪ پرشن جي صحبت ڪري هو به انهيءَ رنگ ۾ رچي پيو ۽ ايشوري محبت ۾ محو ٿي ويو، جنهنڪري سندس دل دنيا تان کڄي وئي ۽ انهن کان جدا ساعت کي به سال سمجهندو هو. ظاهري هو مينهون چاريندو هو مگر ويراڳ اهڙو اچي ورتس، جو جيسين وري اها چنڊ رات اچي ۽ درويش جو ديدار ڪري تيسين هن لاءِ ته ڄڻ مهينو ئي ورهين ٿي پوندو هو ۽ هميشه انهيءَ چنتا ۾ گذاريندو هوهڪ ڏينهن ماڏڻ جي ماءُ پنهنجي نونهن سونل ٻائي سان ڳالهيون ڪندي اهو ذڪر چوريو ته آئون مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتي آهيان، پر پٽ جي اولاد جي ڪا آس ڪانه ڏٺي اٿم تو کي ۱۳ سال شادي ڪَئي ٿيا آهن پر اڃا ته اويشور جي مهرباني نٿي ٿئي، انهي ڪري ڏاڍي چنتا ۾ آهيان ۽ سدائين ڌنيءَ کي اهائي آراڌنا پيئي ڪريان ته ديالو! تون منهنجي پٽڙي کي ڪو مٺي مراد (ٻچڙو) ڏي ته آئون آش ڏسي پوءِ مران. تنهن تي نونهن کيس چيو ته توهان پاڻ ڏٺو هوندو ته پاڻ هميشه ته ڄڻان ڪهڙي چنتا ۽ ڳڻتي ۾ گذاريندا آهن ۽ سڀڪنهن چنڊ رات الاجي ڪيڏانهن ويندا آهن. جو وري صبح جو موٽي ايندا آهن موٽڻ بعد وري سارو مهينو هميشه چنتا ۽ فڪر ۾ رهندا آهن جيسيتائين چنڊ رات موٽي اچيسندس ماءُ ان وقت کان وٺي پٽس جي جاچ ڪندي رهي ته هي چنڊ رات ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ سدائين فڪر ۾ اداس ڇو ٿو ره. ٿو وقت گذرڻ کان پوءِ کيس معلوم ٿيو ته چنڊ رات ماڏڻ لاکيا ڪن مڪان تي الله لوڪ درويشن جي صحبت ۾ وڃي ٿو. جتان اها لنئو لڳي اٿس. ماڻس به هاڻي پڪو ارادو ڪيو ته ڇو نه آئون به وڃي سائي لوڪن کي پنهنجو دک سڻايان ته مَن پنهنجي منو ڪامنا پوري ٿئيهاڻي جڏهن چنڊ جو ڏينهن آيو ۽ ماڏڻ گهران مينهون ڪاهي روانو ٿيو تڏهن سندس ماءُ ۽ زال ان جي پُٺ ورتي. اڳيان ماڏڻ ۽ پٺيان اهي ٻئي سس ۽ نونهن پيون وڃن. ماڏڻ مينهون جهنگ ۾ڇڏي سڌو لاکا ڪن ڏي روانو ٿيو. ۽ وڃي ڪچهري ۾ پهتو. جتي ڪيترائي الله لوڪ اچي گڏ ٿيا هئا. هي ٻئي سس ۽ نونهن ٿورو پرڀرو هڪ وڻ جي اوٽ ۾ لڪي ويهي رهيون جڏهن اسر جي مهل ٿي تڏهن درويشن دستور موجب پرشاد ورهائڻ شروع ڪيو. اڳي هميشه پرشاد سنگت ۾ پورو ٿي ويندو هو پر اڄ جو ڪجهه پرشاد بچيو آهي سو ڀرسان ضرور ڪو ماڻهو آهي. اٿي ڳولا ڪيائون. ڏسن ته ڀرسان هڪ وڻ جي پاسي ۾ ٻه زالون ويٺيون آهن، جن کي وٺي ڪچهري ۾ آيا ۽ کانئن هتي اچڻ جو سبب پڇيو، جنهن تي ماڏڻ جي عرض ڪيو ته ”اي سائين لوڪ! منهنجو پٽ ماڏڻ هميشه فقيري ۾ محو آهي، کيس شادي ڪَئي ۱۳ سال ٿي ويا آهن، هي سندس زال آهي اڄ تائين کيس ڪو به اولاد ڪونهي. (ماڏڻ ڏي اشارو ڪري) هو منهنجو پٽ به هتي موجود آهي، هن کا ڪا آسيس (دعا) ڪريو ته ڀٺ ڀرجيس ۽ ڪو ‌ڦل مٺو پراپت ٿئي ۽ آئون به پنهنجي پوٽي جو منهن ڏساندرويشن فرمايو ته هن زال مان کيس ڪو اولاد لکيل ڪو نه آهي، مگر اسين ڌڻي در وينتي ڪريون ٿا خدا ڪندو ته کيس مٺي مراد حاصل ٿيندي. ديوتا پنڊت هڪ برهمڻ درويش جو ان وقت ڪچهري ۾ حاضر هو تنهن کي حڪم ڪيائون ته توهين وڃي سونل ٻائي جي پيٽان جنم وٺو. پوءِ سڀني درويشن پنهنجي مليل ورڇ (پرشاد) مان پتي (ٿورو ٿورو ڪري) ڪڍي اهو گڏ ٿيل پرشاد سونل ٻائي کي ڏنو ۽ ڏيائون ته اهو کائي ڇڏ. ڀڳوان جي ڪرپا سان تو کي نون مهينن بعد پٽ ڄمندو جو وڏي پهچ جو سائين مگر پتي پتي مان ڏنل آهي تنهن ڪري سندس نالو پٿو رکجو. ديوتا پنڊت حڪم ملنديئي ڌرتي ۾ الوپ ٿي ويو. ٻيا فقير به آسمان جي رستي سير ڪندا پنهنجي آستانن ڏي هليا ويا، ۽ ماڏڻ پنهنجي ماءُ ۽ زال سميت گهر ڏي موٽيو. درويشن ماڏڻ کي چيو هو ته اڳتي تون اسان جي ڪچهري ۾ نه اچج ٻي هڪ شادي ڪج ته ان مان به تو کي اولاد ٿيندو. انهيءَ حڪم موجب ماڏڻ وري ڪچهري ۾ وڃڻ بند ڪيو ۽ ٻي شادي اُڊيچي ذات جي جي هڪ ڇوڪريءَ نالي راڻو ٻائي سان ڪئيسونل ٻائي کي درويشن جي دعا جي ڪري هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو ”پٿو“ رکيائين، جو وڏو ٿي ”پير پٿورو” جي نالي سان مشهور ٿيو. ۽ راڻون ٻائي کي به هڪ پٽ ڄائو، ان جو نالو ڀونئرو يا ڀونرو رکيائون، جنهن جو اولاد اڄ تائين هليو اچي جي پاڻ کي پٿوري پوٽا چوائيندا آهن جو پير پٿورو وڏو شڪتي وارو ٿي گزريو آهيهڪڙي ڀاڻي ۾ ائين ڏيکاريل آهي ته پير صاحب جن اصل پهتل شخص هئا، هو پهرئين جنم ۾ راج ڀوڄ ٻئي ۾ ڀوتري، ٽئين ۾ وڪرم، چوٿين ۾ اندر، پنجين ۾ ديوتا پنڊت ۽ ڇهين ۾ پير پٿورو

لنڪ


پير پٿورو

موڪليندڙ


لجپت راءِ