مواد ڏانھن هلو

امير خسرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
امير خسرو

امير خسرو پنھنجي شاگردن تربيت ڏيندي ڏيکاريل.
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو ابوالحسن يامين الدين خسرو
پيدائش 1253
پٽيالي،دھليءَ جي سلطنت
وفات آڪٽوبر 1325 (aged 71-72)
دھلي, دھلي جي سلطنت
صنف غزل،قوالي،رباعي، ترانو
پيشا صوفي، موسيقار، شاعر، ڪمپوزر، ليکڪ، عالم

ابوالحسن يامين الدين خسرو:(انگريزي: Amir Khusro) ننڍي کنڊ جو مشھور صوفي شاعر، موسيقار ۽ ليکڪ ھيو. جڏهن چنگيز خان جا خوني ڪٽڪَ وچ ايشيا تي اچي ڪڙڪيا، اتي جي ڪيترن ئي ترڪي، قبيلن ڀڄي وڃي ٻين ملڪن ۾ پناهه ورتي. انهن قبيلن ۾’لاچين‘ نالي هڪ معزز قبيلي اچي هندستان ۾ اَجهو ورتو. سلطان شمس الدين التمش سندن سٺي آجيان ڪئي. امير خسرو دهلوي انهيءَ خاندان جي نسل مان آهي. امير خسرو جو پيءُ، سيف الدين، قبيلي جي سردارن مان هڪ سردار هو، ۽ سندس نانو عمادالملڪ بلبن جو جنگي وزير هو. هو سن 652 هجريءَ ۾ پٽيالي شهر ۾ ڄائو. ستن سالن جو هو ته پڻس فوت ٿيو. گهر آسودو هو، تنهنڪري سندس تعليم تي پورو پورو ڌيان ڏنو ويو، ۽ ان وقت جي سائنس ۽ فلسفي جو عالم بنيو؛ پر طبع جو خاص لاڙو ۽ چاهه شعر ڏي هوس. ننڍي هوندي کان شعر چوڻ لڳو، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار کي پهچڻ تي شعر ڄڻ سندس پيشو بڻجي پيو. پر ائين نه سمجهڻ گهرجي ته امير خسرو رڳو شاعر هو، شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هو دنيا جي معاملن جو به خوب واقف هو. سندس پهريون سرپرست علاءُ الدين محمد خشيل خان هو، جو عام طرح مَلڪ ڇجو خان جي نالي سان معروف آهي، ۽ سلطان غياث الدين بلبن جو ڀائٽيو ۽ سندس حاجب هو. هيءُ امير علم ادب جو وڏو سرپرست هو. امير خسرو 1277ع ۾ سندس سرپرستيءَ هيٺ آيو، ۽ ٻين شاعرن وانگر سندس فياضيءَ مان بهره ور ٿيڻ لڳو، ۽ جلد ئي ممتاز درجي کي وڃي پهتو. پر هڪ خسيس ڳالهه تان ملڪ ڇجو خان، اميرخسرو سان انهيءَ حد تائين ڪاوڙجي پيو، جو لاچار کيس، ملڪ ڇجو خان جي سرپرستيءَ مان نڪرڻو پيو. هڪ ڀيري ناصر الدين بغدا خان اچي ملڪ خان جي مجلس ۾ شرڪت ڪئي. بغدا خان کي امير خسرو جو ڪلام اهڙو ته وڻيو جو چانديءَ جي مهرن جو هڪ پيالو ڀري کيس انعام ڏنائين. ڇجو خان کي اهو ڪين وڻيو، ۽ ڪاوڙجي پيو. امير خسرو کيس پرچائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر وريو ڪي ڪين. لاچار ٿي، خسرو پنهنجي خدمت بغدا خان جي حوالي ڪئي. جنهن وقت لکنو جي گورنر طغرل بغاوت ڪئي، تڏهن بغاوت بند ڪرڻ لاءِ بغدا خان کي اوڏانهن وڃڻو پيو. امير خسرو به ساڻس گڏ هو. ان بعد ستت ئي بغدا خان لکنو تي صوبو مقرر ٿيو. پر خسرو کي اهو ننڍڙو صوبائي شهر ڪون وڻيو، تنهنڪري دهليءَ موٽي آيو. هتي اتفاق سان سندس ملاقات سلطان محمد سان ٿي، جنهن کي تاريخ ۾ ’خان شهيد‘ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سلطان محمد هڪ لائقن ڀريو حاڪم هو. سندس گادي ملتان ۾ هئي، ۽ پارسي ادب جي دنيا ۾ سندس درٻارجي نيڪي ڳائي ويندي هئي. پنجن سالن تائين امير خسرو ۽ امير حسن انهيءَ درٻار ۾ رهيا. ٻنهي جي خوب قدرداني ٿي. کين ججها انعام اڪرام ڏنا ويا، ۽ اُچيون خلعتون ڍڪايون ويون، پر حالتن ۾ اوچتو انقلاب آيو: منگولن جي هڪ اوچتي حملي جو مقابلو ڪندي، سلطان محمد قتل ٿي ويو، ۽ امير خسرو، جو لشڪر جي مهندارن مان هڪ هو، قيد ٿي پيو. ڪجهه وقت بعد، ڪنهن تجويز سان، منگولن کان جند ڇڏائي موٽي آيو. موٽڻ بعد پنهنجي سخي سرپرست جي موت تي هڪ مرثيو اچي لکيائين، جنهن گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سندس نالو وجھائي ڇڏيو، اهو مرثيو سندس بهترين مرثين مان هڪ آهي. ان بعد امير خسرو پنهنجيون خدمتون حاتم جي حوالي ڪيون، جڏهن حاتم ائوڌ جو والي مقرر ٿيو، تڏهن خسرو به ساڻس گڏ اوڏانهين روانو ٿيو. ٻن سالن بعد دهليءَ جي سڪ اچي کنيس. ماڻس به لاڪس اُداس هئي. حاتم خوشيءَ سان کيس موڪل ڏني، ۽ سفر خرچ لاءِ سون جون ٻه ٿالهيون ڀري ڏنائينس. دهليءَ ۾ اڃا ٻه ڏينهن ئي ڪين رهيو هو ته سلطان معز الدين ڪيقباد کيس شاهي درٻار ۾ ڪوٺايو، ۽ هڪ سونو ڪمر پٽو ۽ ٻيو ججهو سون کيس عطا ڪيو، کيس حڪم ٿيو ته سلطان معز الدين ۽ سندس والد بغرا خان جي ملاقات جوبيان شعر ۾ قلمبند ڪري، هن ارشاد موجب خسرو پنهنجي پهرين مثنوي”قِران السعدين“ شروع ڪئي، جا ڇهن مهينن جي لاڳيتي محنت دماغ سوزيءَ بعد ختم ٿي. پر مثونيءَ پوري ٿيڻ کان اڳ، سلطان معز الدين ٻاويهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سلطان جي وفات سان ترڪي اميرن جو زور به ٽُٽي ويو. اهي ترڪ سردار سلطان شهاب الدين غوريءَ جي وقت کان برسر اقتدار رهندا پئي آيا، ۽ منجهانئن ڪيترا خسرو جا دوست هئا. پر خسرو سندن خاتمي جو نظارو ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ته سندس ڪي ڪين ٿي ويو. حقيقت ۾، جيڏانهن هو وهڪري جو رخ، تيڏانهن هو سندس رخ. ان بعد سلطان جلال الدين جو دور آيو، جو خسرو جو هڪ جهونو ممدوح هو. سلطان کيس وڏو عهدو عطا ڪري، پهريون نمبر درٻاري بڻايو. سلطان متعلق ڪيترا غزل ۽ قصيدا چيا اٿس، ۽ سلطان جي سوڀن جو شڪر نظم جي صورت ۾ قلمبند ڪيو اٿس، جو ”مفتاح الفتوح“ جي نالي سان موسوم آهي. سن 695ھ ۾ ملڪ علاؤ الدين خلجيءَ هن ٻڍڙي سلطان کي گنگانديءَ جي ڪناري تي ڪارا نالي هڪ جاءِ تي قتل ڪرائي ڇڏيو . علاءُ الدين به کيس درٻار جو پهريون شاعر بنايو. خسروءَ جي نظر ۾ علاءُ الدين هڪ سچوپچو سياسي مدبر هو، ۽ جن قصيدن ۾ سندس مدح ڪئي اٿس سي واقعي لطف سان ڀريل آهن. سلطان علاءُ الدين جو راڄ ويهه سال هليو، ۽ شعر گوئي جي لحاظ کان اهو دور خسروءَ جو بهترين دور آهي. سڀ لاڳاپا لاهي، شعر کي لڳي ويو. 693ھ کان 700ھ وارن ٽن سالن ۾ پنهنجو نامور شاهڪار”پنج گنج“ نظم ڪري سلطان کي پيش ڪيائين. ’پنج گنج‘ جي تنسيب محبوب الاهي حضرت نظام الدين اوليا دهلويءَ ڏانهن ڪيل آهي. ٽيون حصو نظم ڪري رهيو هو ته سندس والده ۽ سندس ننڍو ڀاءُ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. نثر جي ميدان ۾ پير رکندي، ٻه تصنيفون ڪيائين:هڪ ”اعجاز خسروي، “۽ ٻي”خزائن الفتوح. “ علاءُ الدين جي راڄ جي پڇاڙيءَ ڌاري ٻي تاريخي مثنوي لکيائين، جا بهترين مثنوي اٿس. شيخ نظام الدين اوليا سان جا حب هيس، سا سندس حياتيءَ جي اهم واقعن ۾ شمار ٿيندڙ آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اٺن ورهين جو هو ته شيخ جو مريد بنيو، ۽ شيخ کيس شعر چوڻ ۾ همٿائيندو رهيو. پر اوائلي وقت ۾ خسرو گهڻو ڪري دهليءَ کان ٻاهر گذاريندو هو، ۽”قِران السعدين“ ۾ شيخ جو ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيو اٿس، تنهن ڪري ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته سلطان جلال الدين جي ڏينهن ۾ شيخ سان دوستي شروع ٿيس، ۽ جيئن پوءِ تيئن سندن ناتا گهاٽا ٿيندا ويا. جيتوڻيڪ خسرو هڪ درباري هو، پر باطني طور هڪ صوفي هو، ۽ شيخ نظام الدين سندس ترڪي انداز تي مفتون هو. شيخ نظام الدين سياست جي ميدان کان الڳ رهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. سلطان علاءُ الدين جو پٽ، خضر خان، شيخ جو مريد بنيو. سلطان جي وفات تيسلطان قطب الدين مبارڪ گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي شيخ نظام الدين ڪين وڻندو هو، ان ڪري کليو کلايو ساڻس وير رکيائين. پر خسروءَ ڏاهپ سان ٻنهي ڌرين سان سٺا ناتا قائم رکيا، ۽ سلطان قطب الدين جي خوشنوديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ”نُہ سپهر“ مثنوي نظم ڪيائين. ان کان پوءِ سلطان غياث الدين تغلق جو دور آيو، جنهن جي اعزاز ۾ خسرو پنهنجي آخري مثنوي”تغلق نامه“ نظم ڪئي. جڏهن سلطان بنگال تي ڪاهيو، تڏهن خسرو ساڻس گڏ اوڏانهن ويو. دهليءَ کان انهيءَ غير حاضريءَ جي عرصي ۾، پويان شيخ نظام الدين وفات ڪئي. موٽي اچڻ تي خسرو پنهنجي پياري مرشد جي موت تي ماتم ڪيو، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ خود به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين.[1] هندستان جي شهر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي ( دهلي ) ۾ وفات ڪيائين . سندس سڄو نالو ابوالحسن يمن الدين خسرو آهي ، -امير خسرو- قواليءَ جو باني آهي ۽ موسيقيءَ ۾ خيال ۽ ” تراني “ جي انداز جو پايو وجهندڙ هو . چون ٿا ته طبلو به هن ئي ايجاد ڪيو . هي -ترڪ- نزاد هو ۽ وليء هند نظام الدين اولياءَ رحه جو محبوب مريد هو . -امير خسرو- ئي اهڙو هندستاني فارسي گو شاعر ۽ اديب آهي ، جنهن کي ايراني به اهلِ زبان تسليم ڪن ٿا . هن غزل جي ميدان ۾ سعدي شيرازيءَ جي پيروي ڪئي . هن جي غزلن ۾ -تصوف- جو رنگ نمايان آهي . غزلن جي پنجن ديوانن کان سواءِ نظامي گنجويءَ جي خمسي جي جواب ۾ پنج مثنويون ( مطلع الانوار ، شيرين و خسرو ، مجنون و ليليٰ ، -آئينه سڪندري- ۽ هشت -بهشت- ) پڻ ” خمسهء -امير خسرو- “ جي نالي سان تمام گهڻو مشهور آهن . -ان- کان سواءِ -امير خسرو- جون ٻيون به ناياب تصنيفون آهن . ڪجهه محققن جو خيال آهي ته -اردو- غزل جي ابتدا -امير خسرو- ڪئي ۽ نموني طور اڪثر تذڪرن ۾ هن سان منسوب اهو فارسي هندي غزل ملي ٿو ، جنهن جي هڪ مصرع فارسيءَ ۾ ۽ ٻي مصرع ڀاشا ( کڙي -ٻولي- ) ۾ آهي . -ان- کان سواءِ ٻيو به گهڻو هندي ڪلام هن سان منسوب آهي . -امير خسرو- کي موسيقيءَ جي فن تي به عبور حاصل هو . -امير خسرو- اها پهرين عظيم هستي آهي ، جنهن ايراني ۽ هندي موسيقيءَ کي ملائي هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو . هن جو نانو عماد الملڪ موسيقيءَ جو عاشق هو جنهن وٽ اڪثر اربابِ نشاط جون محفلون برپا ٿينديون هيون . -امير خسرو- موسيقيءَ جي ابتدائي -تعليم- انهن ئي محفلن مان حاصل ڪئي . درٻاري گوين جي صحبت ۾ ايراني ۽ هندي ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي ڪامل عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن هندي ڪلاسيڪي موسيقي کي ايراني سانچن ۾ ٺهڪايو ۽ اهڙي طرح موسيقيءَ جي صنفن ۾ تراني ، قول ، قلبانه ، بسيط ، قوالي وغيره جو موجد ( باني ) ٿيو . ڌرپد جي جڳهه خيال جي گائڪي جي ابتدا پڻ ساڻس منسوب آهي . ايراني نغمن ۽ هندي راڳن جي امتزاج جي مدد سان هن گهڻائي نوان راڳ اختراع ڪيا . ڪجهه سازن بالخصوص ستار ۽ طبلي جو موجد به -امير خسرو- کي ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو . -امير خسرو- جي پنجن ديوانن مان پهرين ديوان ۾ هن ٺٽي شهر جي سونهن ۽ خوبصورتيءَ جو ذڪر غزل جي مطلع ( پهرين شعر ) ۾ ڪيو آهي . هن غزل ، مثنوي ، قطعو ، رباعي ، دوبيتي لکيا . هو وڏو موسيقار ۽ دانشور شاعر هو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. پروفيسر واءِ- ايس- طاهر علي-امير خسرو، دهلوي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D9%8A%D8%B1%20%D8%AE%D8%B3%D8%B1%D9%88