سعدي شيرازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شيخ سعدي کان چوريل)
مصلح الدين مشرف ابن عبدالله شيرازي

مغل مسودي گلستان (1645ع) ۾ گلابن جي باغ ۾ سعدي ساڄي پاسي تي ڏيکاريل
پيدائش 1210[1]
شيراز، خوارزمي ايمپائر
وفات 1291 يا 1292[1]
شيراز، الخانيٽ
مذھب اسلام
مڪتبه فڪر فارسي شاعري, فارسي ادب
شعبه عمل
شاعري, تصوف, اخلاقيات، منطق، صوفي ازم


ابو محمد مصلح الدين بن عبدالله شيرازي(انگريزي: Abū-Muhammad Muslih al-Dīn bin Abdallāh Shīrāzī) فارسي جو مشھور شاعر ھيو جنھن جو تخلص سعدي ھيو جيڪو شيخ سعدي ۽ سعدي شيرازي جي نالي سان مشهور ٿيو[2][3]. کيس استاد سخن پڻ سڏيندا هئا. ھن جو لکيل ڪتاب بوستان دنيا جي ھڪ سؤ مشھور نالي وارن ڪتابن مان ھڪ آھي [4] سندس جنم 1213ع کان 1219ع جي وچ ۾ موجوده ايران جي شھر شيراز ۾ ٿيو[5] شيخ سعديءَ جو استاد علامه ابن الجوزيؒ آهي شيخ سعدي ممتاز فارسي شاعر ۽ صوفي بزرگ هيو[6]. سندس تعلق ديني گھراڻي سان ھيو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو جنھن بعد سندس پرورش نانيءَ ڪئي [7] شيراز ۾ تعليم پوري ڪري بغداد جي ان دور جي يونيورسٽي نظاميه ۾ داخل ٿيو جتي ھن فقه، تاريخ ، اسلامي دينيات ۽ فارسي ادب جي تعليم حاصل ڪئي. خوارزم ۽ ايران تي منگولن جي حملن واري صورتحال ڪري ھن زندگي جا 30 سال ٻاھر گذاريا جن ۾ ھي اناطوليه ۾ ڪونيا، اڊانه جي بندرگاھ، شام ۾ دمشق حلب، مصر ۾ قاھرہ، عراق ۾ بصرا جا سفر ڪيا. کيس صليبين فلسطين ( موجوده اسرائيل) ۾ گرفتار ڪري غلام بڻائي ڇڏيو جتي عڪا نالي شھر ۾ ست سال عڪا جي قلعي جي چوڌاري خندق کوٽڻ ۾ گذاري جنھن بعد مملوڪن کيس ڀنگ عيوض ٻين قيدين سميت آزاد ڪرايو. ھن يروشلم جو چڪر لڳايو ۽ مڪي پڻ ويو جتي حج ادا ڪيائين ۽ مديني جي زيارت ڪيائين[8].

بخارہ ۾ ھڪ مجلس ۾ ڪشغر جو نوجوان سندس آڌرڀاءُ ڪندي

سعدي 1257ع (655ھ) کان اڳ شيراز موٽي آيو جتي ھن پنھنجو مشھور ڪتاب بوستان لکي مڪمل ڪيو. فيبروري 1258 ۾ ھلاڪو جي حملي ۾ بغداد جي زوال ۽ عباسي خلافت جي خاتمي جو ڏک ھن پنھنجي شاعري ۾ ظاهر ڪيو. شيراز ۾ واپسي وقت فارس جو اتابڪاني حاڪم ابوبڪر ابن سعد زنگي ھيو جنھن ھن جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس وڏي عزت بخشي.

تخلص جي چونڊ[سنواريو]

گھڻن عالمن جو خيال آهي تہ ھن پنھنجو تخلص سعدي ان ڪري اختيار ڪيو جو سعد ابوبڪر زنگي جي پٽ جو نالو ھو جنھن کي ھن پنھنجو ڪتاب گلستان پڻ ارپيو ھو. ڪن جو خيال آهي ته ابوبڪر زنگي جي پيءُ جو نالو پڻ سعد ھيو جتان ھن ان نالي کي پنھنجو تخلص بڻايو [9].

ڪتاب[سنواريو]

شيخ سعدي بلند پائي ڪمال جو شاعر هو. گلستان ۽ بوستان ڪتاب سعديءَ کي بلندين جو مقام ڏياريو.

مغل دؤر جي بوستان جي ھڪ مسودي جو پھريون صفحو
گلستان سعدي جي نستعليق لپي ۾ خطاطي

سعدي پنھنجا مشھور ڪتاب بوستان ۽ گلستان ھرھڪ 1257ع ۽ 1258ع ۾ لکي پورا ڪيا[10]ھن عربي ۽ فارسيءَ ۾ غزل، مدح، قصيدا پڻ لکيا.

وفات[سنواريو]

روايت مطابق سعدي 1291ع کان 1294ع جي وچ ۾ ڪنھن وقت وفات ڪئي ھئي. سندس آخري آرام گاهه شيراز شهر ۾ سندس پنھنجي خانقاہ ۾ آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://www.iranicaonline.org/articles/sadi-sirazi
  2. Encyclopedia Iranica "SAʿDI, Abu Moḥammad Mošarref-al-Din Moṣleḥ b. ʿAbd-Allāh b. Mošarref Širāzi, Persian poet and prose writer (b. Shiraz, ca. 1210; d. Shiraz, d. 1291 or 1292), widely recognized as one of the greatest masters of the classical literary tradition."
  3. Encyclopaedia Britannica "Saʿdī, also spelled Saadi, byname of Musharrif al-Dīn ibn Muṣlih al-Dīn, (born c. 1213, Shīrāz, Iran—died Dec. 9, 1291, Shīrāz), Persian poet, one of the greatest figures in classical Persian literature."
  4. https://www.theguardian.com/world/2002/may/08/books.booksnews
  5. J.A. Boyle (1977), "Review of: Morals Pointed and Tales Adorned: The Būstān of Sa'dī by Sa'dī, by G. M. Wickens". Bulletin of the School of Oriental and African Studies, University of London Vol. 40, No. 1. Boyle writes: "It is not clear on what authority Wickens states 'with reasonable confidence' that Sa'di was born c. 1200. In an article published as long ago as 1937, the late Abbas Eghbal demonstrated that the poet's birth must fall somewhere between 610/1213-14 and 615/1218-19. See the Sa'dī-nāma ed. Ḥabīb Yaghma'ī, Tehran 1316/1937-8, 627-45, (especially 640-10)."
  6. {عظيم ھستين جا قول}
  7. Muslih al-Dīn Saadi Shirazi rasekhoon.net
  8. "The Bustan of Sadi: Chapter III. Concerning Love". Sacred-texts.com. حاصل ڪيل 2012-08-13. 
  9. Katouzian Sa'di, p. 13.
  10. "Sa'di's "Gulistan"". World Digital Library. حاصل ڪيل 25 December 2013.