پنجابي قصا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

واحد پنجابي قصو (شاھ مکي: پنجابی قصه,پنجابی: ਕਿੱਸਾ,پنجابی: ਕਿੱਸਾ جمع: قصا) پنجابي ٻولي ۾ زباني قصا گوئي جو فن آھي جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ جزيري نماءِ عرب ۽ معاصر ایران ۽ افغانستان کان ھتي پھتو ۔[1]

جتي ھڪ طرف قصا مسلمان ۽/يا قديم ايراني ورثي جي عڪاسي ڪندا آھن جنھن جي تحت زبان زد عام محبت، بھادري، عزت نفس ۽ اخلاقي برتري بيان ٿي آھي، انھن ۾ ايتري قدر سنجيدگي پاتي وئي آھي ته ھو مذھبي حدون عبور ڪري ھڪ غير مذھبي شڪل اختيار ڪري ويا ھئا جڏھن ھو ھندستان ۾ داخل ٿيا۔ انھن قصن ۾ ماقبل اسلام پنجابي تھذيب ۽ لوڪ ڪھاڻيون شامل ٿي ۔ [1]

لفظيات[سنواريو]

لفظ قصو (اچار سانچہ:IPA-pa) ھڪ عربي ٻولي جو لفظ آھي جنھن جو مطلب داستانِ رزم يا لوڪ ڪھاڻي آھي۔ ھي تقريبًا سڀني ڏکڻ ايشيائي زبان تي اثر انداز ٿيو آھي، بالخصوص سنڌي، پنجابي، اردو ۽ ھندي۔ غير رسمي استعمال جي صورت ۾ قصي مان مراد دلچسپ ڪھاڻي يا افسانو آھي۔

قصا ۽ پنجابي تھذيب[سنواريو]

پنجابی ٻولي ۽ ادب قصي جي لاءِ شھرت رکن ٿا۔ انھن مان گھڻن تڻن جو موضوع محبت، وارفتگي، غداري، قرباني، سماجي قدر ۽ وسيع نظام جي خلاف عام ماڻھوءَ جي بغاوت آھي۔ پنجابي روايتن ۾ دوستي، وفاداري، محبت ۽ قول کي ڪافي اھميت حاصل آھي۔ ۽ اھي ئي شيون قصن ۾ اھم حيثيت رکن ٿيون۔

قصا لوڪ موسيقي تي اثر انداز ٿيا آھن ۽ انھن جي گھرائي ۽ ساخت ۾ معاون رھيا آھن۔ ھي روايتون نسلاً بعد نسلٍ زباني ۽ لکيل شڪلين ۾ منتقل ٿينديون رھيون آھن ۽ ھي اڪثر ٻارن کي ٻڌايون ويندڙ ڪھاڻين يا موسيقي ريز عوام نغمن جو حصو بڻجنديون رھيون آھن۔

ھر قصو، جيڪڏھن انکي عوام جي آڏو پيش ڪرڻو ھجي تہ اھو پاڻ ۾ ڪجھ منفرد ميٺاڻ ضرور رکي۔ جيڪو شخص ڳائي ڪري يا بياني چئي سگھندو ھجي، ضروري ناھي ته قصي کي ٻين تائين پھچائي سگھندو ھجي۔ سرود جي ندائي پھچ ۽ صحيح موقف، جيڪڏھن ادائگي ۾ بي اعتدالی کا جو شڪار ھجن ته پيش ڪرڻ واري کي بيدم ڪري اڳتي جاري رکڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيندو آھي۔ گھڻو ڪري جديد پنجابي موسيقي جا مقرر ڪيل گشت (جن کي گمراھ ڪندڙ انداز ۾ ڀنگڙو چيو ويندو آھي، قصي جي روايتن ۽ قديم بيانين کان اور قدیم اُپج ڪري آيا آھن۔ قصي جي باري ۾ ھڪ دعوٰي ھي بہ آھي تہ پنجابي ۾ لکيل بھترين شاعري آھي۔ اڄ تائين پشاور، پاڪستان جي ْقصہ خواني بازار ۾ عوام جي روبرو پيش ٿيڻ وارن کي ٻڌڻ وارن جا ميڙ لڳا پيا ھوندا آھن۔

قصن تي مبني شاعري[سنواريو]

وارث شاھ (1722ع–1798ع) جو قصو ھير رانجھو (جنھن جو رسمي نالو ھير آھي)، پنھنجي وقت جو بھترين قصو سمجھيو ويندو آھي۔ پنجابي تھذيب تي قصن جو اثر ايتري قدر اونھو آھي جو مذھبي اڳواڻ ۽ انقلابي جھڙوڪ گرو گوبند سنگھ ۽ بابا فريد پنھنجي پيامن ۾ قصن جو حوالو ڏئي چڪا آھن۔ پنجاب ۾ ڪيترائي نسل روحاني رھنمائن ۽ سماجي ڪارڪنن جون ڪيتريون ئي پيڙھيون خدا جي پيام کي نوعمرن جي محبت سان ڀريل داستانن سان جوڙيندا آيا آھن۔ ان ئي سان پنجاب ۾ء تصوف جي تحریک کي تقويت ملي۔

سڀ کان مقبول مصنف/شاعر جنھن پنجابي صوفي قصا لکيا آھن بلھي شاھ (1680ع-1758ع) ھو۔ ھن جو ڪلام ايتري قدر مقبول آھي جو ھو نوجوانن ۽ پوڙھن ۾ ھڪ جيترو مقبول ٿيو آھي۔ ھلندڙ وقت ۾ ڏکڻ ايشيا جي گلوڪارن لوڪ گيتن کي پنھنجي ڳايل نغمن ۾ ڪثرت سان استعمال ڪيو آھي۔ مثلاً ڪلديپ منڪ ۽ ديو ٿريڪَي والا تقريبًا ھر قصي کي ڳايو۔ ھلندڙ عرصي ۾ ھڪ موسيقي البم ربي جنھن کي ربي شيرگل ڳايو ھو، ھڪ نغمو رکندو ھو بلا ڪي جاڻان مين ڪون جنھن کي بلھي شاھ لکيو ھو۔ ڪجھ سال پھرين ھڪ ٻي گلوڪار، ھرڀجن مان، ھڪ ڪئناڊا ۾ رھندڙ پنجابي گلوڪار مرزا صاحبان جي ڪھاڻيءَ کي نئين سر سان پيش ڪيو ھو، جيڪو پيلو جي تخلیق ھئي۔ ضلعي منڊي بھاءُ الدين، پاڪستان جي دائم اقبال دائم بہ ڪيترن ئي قصن کي پنجابي زبان ۾ لکيو جن ۾ مرزا صاحبہ، ليلٰي مجنون، سھڻي ميھار، بلال ڀٽي جا قصا لکيا ھا دائم جي شھرت جوبسبب "شاھنامہ"، "ڪربلا"۽ "ڪمبل پوش" جھڙيون تحريرون شامل آھن۔

مشھور قصا[سنواريو]

گھڻو ڪري پنجابي قصا مسلمان شاعرن جي طرفان لکيا ويا آھن ھن زمين تي خانہ بدوش ھا۔ انھن مان سڀ کان قديم اردو ۾ لکيا ويا آھن۔ سڀ کان مشھور قصن مان چند قصا ھيٺ ڏنل آھن:

  • مرزا صاحبان پيلو جو لکيل
  • ھير رانجھو وارث شاھ جو لکيل
  • سھڻي ميھار فضل شاھ سيد جو لکيل
  • سسئي پنھون ھاشم شاھ جو لکيل
  • ’‘‘سوچا سنگھ سورمہ’‘‘
  • جيو نہ موڙ ڀگوان سنگھ جو لکيل
  • شيرين فرھاد
  • پورن ڀڳت قادريار جو لکيل
  • ڪيھر سنگھ رام ڪور
  • شام ڪور، شام سنگھ، شام لال
  • ڍول سمي
  • يوسف ۽ زليخاحافظ برخوردار جو لکيل
  • ليليٰ مجنون
  • ڪولان
  • دلا ڀٽي
  • منو گگو
  • استاد ھرمن
  • جٽ پرمز

حوالا[سنواريو]

  • Mir, Farina (May 2006). "Genre and Devotion in Punjabi Popular Narratives: Rethinking Cultural and Religious Syncretism". Comparative Studies in Society and History (Cambridge University Press) 48 (3): 727–758. doi:10.1017/S0010417506000284. 

خارجی ڳنڍڻا[سنواريو]