مرزا صاحبان
مرزا صاحبان | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ترميم |
مرزا صاحبان پنجابي ادب جي خزاے مان محبت جي ھڪ سچي ۽ لازوال داستان آھي جنھن جو نظم جي شڪل ڏئي ڪري شاعر پيلو شھرت دوام حاصل ڪئي۔ مرزا صاحبہ پنجابي جي چار ڪلاسيڪي رومانوي ڪھاڻين مان ھڪ آھي۔ باقي ٽي ھير رانجھو، سسئي پنھون ۽ سوھني مھيوال آھن۔
داستان
[سنواريو]مرزا ۽ صاحبہ پاڻ ۾ مائٽ ھئا ۽ ننڍپڻ کان گڏ کيڏندا وڏا ٿيا ھئا، اڻ ڄاڻي ۾ کين خبر ئي نه پئي ته ڪڏھن ھڪٻئي جي پيار ۾ گم ٿي ويا. پر جڏھن ھن خوبصورتي کي زبردستي طاھر خان سان پرڻايو وڃڻ لڳو ته صاحبہ پنھنجي محبت مرزا کي ڪامو براھيم جي زباني پيغام موڪليو.
"توکي اچي ڪري صاحبہ جا ھٿ مينڌيءَ سان رڱڻ گھرجن"۔
وقت اچي ويو آھي تہ پنھنجي عزت نفس بچائڻ جي لاءِ، پنھنجي وعدن جي پاسداري جي لاءِ ۽ سچ جي ڪاميابيءَ جي لاءِ جان جي بازی لڳائي ڇڏ۔ مرزا جيڪو ھڪ گرم خون نوجوان ھو، پنھنجي گھوڙي جي پٺي تي ويھاري ڪري صاحبہ کي وٺي وڃي ٿو۔ پر رستي ۾ جڏھن ھو ھڪ وڻ جي ڇانو ۾ آرام ڪري رھيو ھئا، ته پيڇو ڪرڻ وارا پھچي ويا۔
صاحبہ ظاھری طور خوبصورت ھجڻ سان گڏ من جي به خوبصورت ھئي، جيڪا پنھنجي وجھ سان ڪو خون نہ وھائڻ پئي چاھي۔ ھو حنا جي بجءِ پنھنجي ھٿن کي خون سان نہ پئي رنڱڻ چاھي، ۽ مرڻ وارو به ان جو پنھنجو ئي ھو۔ ڇو ته ھڪ طرف ان جي محبت مرزا ھو ته ٻي طرف انجو ڀاءُ۔ ھو ڄاڻي پئي تہ مرزا جو نشانو خطا نه ويندو آھي ۽ جيڪڏھن مرزا نشانو لڳو ته نشانو بڻجڻ وارو انجو پنھنجو ڀاءُ ئي ھوندو۔ ڀاءُ تي اعتماد ھن کي ھڪ تمام وڏي غلطي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو۔ ھو سمجھي ٿي ته انجو ڀاءُ ان تي ترس کائيندو ۽ ھن کي معاف ڪري سيني لڳائيندو۔ ان خيال کان ھو مرزا کي جاڳائڻ کان پھرين ھن جا تير ڪمان ھٽائي ڇڏي ٿي۔ پر ڀاءُ انجي سوچ جي بر عڪس مرزا تي حملو ڪري ڇڏي ٿو ۽ مرزا کي ماري ڇڏي ٿو۔ صاحبہ اھو برداشت نٿي ڪري سگھي ۽ تلوار وٺي ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي ٿي۔
اخلاقي۽ تھذيبي اقدار
[سنواريو]پنجابي ادب جون چارئي ڪلاسيڪي رومانوي ڪھاڻيون محبت ڪرڻ وارن جي موت تي ختم ٿين ٿيون۔ پر پنجابي ھن اختتام کي محبت ڪرڻ وارن جي فتح قرار ڏين ٿا۔ لاتعداد لوڪ گيت انھن ڪردارن تي لکيا ويا آھن، جنکي وڏي محبت ۽ عقيدت سان ڳايو ۽ بڌو ويندو آھي ۔ ڇو تہ محبت مري نٿي سگھي، ۽ انھن محبت ڪرڻ وارن جي دنيا ترڪ ڪرڻ سان انھن جي محبت امر ٿي وئي آھي، جيڪا ھميشه زنده رھندي۔
اھڙي قسم جي خيالن جو اظھار وارث شاھ جي ڪلام ھير ۾ به ملي ٿو، جيڪو ھير جي محبت کي ان ئي انداز سان ڏسي ٿو جھن کي خدا سان حقيقي محبت۔ جڏھن ته ھو محبت جي مضمون جي شروع ڪر ٿو ته پھرين خدا کان مدد گھري ٿو۔ اھا ئي ريت آھي پنجاب جي ۽ پنجابين جي، جتي مرڻ وارن جي محبت کي زنده سمجھيو ويندو آھي، ۽ ان کي حقيقي محبت جي روح ڀانيو ويندو آھي۔
جيئن تہ ھر معاشري ۾ اخلاقيات جي جاچ جا ٻه معيار ھوندا آھن ايئن ئي پنجابي معاشري ۾ به آھي۔ ھر شيءِ کي ٻن زاوين سان ڏٺو وڃي ٿو، ھڪ انتھائي ويجھي کان ۽ ٻيو ٿورو فاصلہ کان۔ جتي ھڪ طرف ته اخلاقي قدر ھِير کي زھر کائڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ ٻي طرف ان جي مزار تي پڙ ۽ نياز نظر ڪيا وڃن ٿا ۽ دعائون گھريون وڃن ٿيون۔
سسئي، ھير، سھڻي، صاحبہ ۽ انھن جھڙا بيشمار ٻين ماڻھن اس ٻٽي معيار جي خلاف جنگ ڪئي۔ ۽ پنجابي ادب ۽ تھذيب انھن جي عظمت جا گيت ڳائيندا آھن۔
وڌيڪ پڙھو
[سنواريو]- ھير رانجھو
- ليلہ مجنون
- سسئي پنھون
- سھڻي مھيوال
- نوري ڄام تماچي