ھير رانجھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھير رانجھي جي مزار
رانجھي جي قبر

ھير رانجھو ھڪ مشھور پنجابي لوڪ ڪھاڻي آھي۔ ڪيترن ئي مصنفن ۽ شاعرن ھي ڪھاڻي لکي آھي, پر انھن مان سڀ کان مشھور وارث شاھ جي لکيل ھير وارث شاھ آھي۔ جيڪا 1776ع ۾ پنجاب لکي وئي۔ اھڙي طرح جون وڌيڪ ڪھاڻين ۾ سسئي پنھون، سھڻي ميھار وغيره شامل آھن۔

داستان[سنواريو]

ھير ضلعي جھنگ ۾ آباد سيال قبيلي سان تعلق رکندڙ ھڪ جٽ ڇوڪري آھي۔ ھو انتھائي خوبصورت آھي ۽ سڄي علائقي ۾ ان جھڙي حسين ڇوڪري ناھي۔ رانجھو به جٽ ۽ چناب درياھ جي ڪناري آباد ھڪ ڳوٺ تخت ھزاره جو ئي رھواسي آھي۔ ھن جا ٽي ڀائر ٻني ٻارو ڪندا ھئا پر رانجھو پيءُ جو مچلو ھجڻ جي ناتي جھنگن ۾ ڦرندو ۽ ونجلي(بانسري)وڄائيندو رھندو ھو۔ ھن پنھنجي زندگي ۾ گھٽ ئي ڏک ڏٺا ھيا۔ جڏھن رانجھي جو پيء۽ مري ويو، تہ اس ھن جو مشڪلاتن جو شروع ٿيو۔ پھرين زمين جي معاملن تي ان جي ڀائرن سان جھيڙو ٿيو بعد ۾ ڀائرن ان کي کاڌو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔ نتيجتاً رانجھي پنھنجي پنڊ(ڳوٺ)ڇڏيو ۽ آواره گردي ڪرڻ لڳو۔ ڦرندي ڦرندي ھو ھير جي ڳوٺ وڃي پھتو ۽ ان کي ڏسندي ئي پنھنجي دل ڏئي ويٺو۔ ھير جڏھن ھن کي بيروزگار ڏٺو،توڍه رانجھي کي پنھنجي پيءُ جو چوپايو مال چارڻ جو ڪم سونپي ڇڏيو۔ آھستي آھستي رانجھي جي ونجلي ھير جي دل موھي ورتي ۽ ھن اجنبي سان محبت ڪرڻ لڳي۔ آھستي آھستي ھنن جي لاءِ ھڪ ٻئي جي بغير وقت ڪاٽڻ مشڪل ٿي ويو ھو راتن جو لڪي ڪري ملڻ لڳا۔ ھي سلسلو طويل عرصو جاري رھيو۔ ھڪ ڏينھن ھير جي چاچي ڪيدو ھنن کي پڪڙي ورتو۔ ھاڻي ھير جا ماءُ پيءُ(چوچڪ ۽ مالڪي) زبردستي ھن جي شادي سيدي کيڙي سان ڪري ڇڏي۔

محبت جي ناڪامي سان رانجھي جي دل ٽٽي پئي ۽ ھو ٻيھر آواره گردي ڪرڻ لڳو۔ ھڪ ڏينھن ھن جي ملاقات بابا گورک ناٿ سان ٿي جيڪو جوڳين جي ھڪ فرقي، ڪن ڦٽيا جو باني ھو۔ ان کان بعد رانجھو بہ جوڳي بڻجي ويو۔ ھن پنھنجان ڪن ٽوپايا ۽ دنيا کي خير باد چئي ڇڏيو۔ ھو ڳوٺ ڳوٺ ،نگر نگر ڦرندو آخرڪار ان ديھ ۾ پھچي ويو جتي ھير پرڻجي وئي ھئي۔ ھاڻي رانجھو ۽ ھير واپس پنھنجي ڳوٺ پھچي ويا۔ بحث مباحثي کان بعد آخر ھير کے والدين ٻنھي جي شادي تي رضا مند ٿي ويا پر حاسد ڪيدو عين شادي جي ڏينھن زھريلا لڏو کارائي ھير جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو۔ جڏھن رانجھي کي ھي ڳالھ معلوم ٿي، تہ ھو روئندو پٽيندو پنھنجي محبوبہ وٽ ڀڄندو آيو۔ جڏھن ھير کي مريل ڏٺائين ته زھريلو لڏو کائي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيائين۔

ثقافت[سنواريو]

ھير رانجھي جر ڪھاڻي تي ٺھيل ڀارت ۽ پاڪستان۾ ڪيترائي ڀيرا “ھير رانجھا“ نالي جون فلمون ٺھي چڪيون آھن۔[1] پنجاب ۾ ٽن صدين تائين ان کي شادي وھانءَ، ميلن، ۽ ٻين موقعن تي ڳايو ۽ ٻڌو ويندو آھي۔ ھن کي پاڪستان ۽ ھنفستان جي متعدد گلوڪاررن ڳايو آھي۔ اڄ به پنجاب جي ٻھراڙين ۾ بزرگ شخصيتون ھن مان لطف اندوز ٿينديون آھن۔

ھيرر رانجھو ڳائڻ وارا گلوڪار[سنواريو]

ھن کي پاڪستان ۽ ھندستان جي متعدد گلوڪارن ڳايو آھي. جن مان چند اھم نالا ھي آھن۔

  • عالم لوھار
  • طفيل نيازي
  • لياقت عنايت
  • عنايت حسين ڀٽي
  • اقبال باھو
  • مستري عبدالله
  • عابده پروين
  • برڪت سڌو
  • شوکت علي
  • ھما صفدر
  • سنيل سنگھ ڊوگرا
  • مدن گوپال سنگھ
  • گرداس مان
  • غلام علي
  • نور جھان
  • ھنس راج ھنس
  • تيمور افغاني
  • موھني حميد
  • حنا نصرالله
  • چوھدري افضال[2]

پڻ ڏسو[سنواريو]