ثقافت کاتو پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ثقافت کاتو پاڪستان، ثقافت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي پهرئين اقتدار دوران ثقافت جي وزارت قائم ڪئي هئي. ثقافت، قديم آثار ۽ راندين جا کاتا 1977ع تائين مرڪزي وزارتِ تعليم سان شامل هئا. اپريل 1977ع ۾ تعليم، قديم آثارن، راندين ۽ سياحت جي الڳ وزارت ٺاهي، تعليم واري کاتي کي الڳ ڪيو ويو. ان نئين کاتي سيپٽمبر 1993ع ۾ ٻيهر جوڙ جڪ ڪري ان مان آرڪيالاجي کي الڳ ڪري، ثقافت، راندين ۽ سياحت جي الڳ وزارت جوڙي وئي. اپريل 1995ع ۾ انهي وزارت کي ٻيهر جوڙيو ويو، جنهن تحت ثقافت کي الڳ وزارت جي حيثيت ڏني وئي، جڏهن ته راندين ۽ سياحت جو کاتو الڳ ڪري، ان جي الڳ وزارت ٺاهي وئي. ثقافت واري کاتي ۾ هميشه تبديليون پئي ٿينديون رهيون آهن. 2004ع ۾ وري انهي کاتي کي ٽن ڊويزنن ۾ ورهايو ويو: (1) ثقافت، رانديون ۽ نوجوانن جا مسئلا، (2) سياحت ۽ (3) اقليت جا مسئلا، 2005ع ۾ وري ثقافت کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو[1]: (1)ثقافت ۽ راندين جي ڊويزن ۽ (2) نوجوانن جا مسئلا

حوالا[سنواريو]