هو جمالو: سنڌي لوڪ گيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

او منهنجو کٽي آيو خير سان... هو جمالو
او منهنجو لڙي آيو لاڙ ڏانهن... هو جمالو
اومنهنجو جمالو جتن سان.... هو جمالو
او جيڪو کٽي ايندو خير سان... هو جمالو
او منهنجو لڙي آيو لاڙ ڏانهن... هو جمالو
او جيڪو سکر واريءَ پل تي... هو جمالو
او جيڪو موري واريءَ پل تي... هو جمالو
او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو
او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو
او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو
او جنهن جا وار گهنڊي دار الا... هو جمالو
او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سون آ... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سونهن آ... هو جمالو
او هيءَ سنڌ ڀٽائيءَ گهوٽ جي... هو جمالو
او جنهن ۾ روضو لال لطيف جو... هو جمالو
او هيءَ سنڌڙي سهڻي لال جي... هو جمالو
او جنهن ۾ روضو لال لطيف جو... هو جمالو
اسان جو جمالو جتن سان... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سونهن آ... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سچ آ... هو جمالو
او منهنجو جمالو جتن سان... هو جمالو
اسان کي سنڌ تي ڏاڍو ناز آ... هو جمالو
سنڌين جو پٽڪو سورنهن وال آ... هو جمالو
او منهنجو جمالو جتن سان... هو جمالو
او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو
او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سون آ.... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سونهن آ... هو جمالو
او هيءَ سنڌ ڀٽائيءَ گهوٽ جي... هو جمالو
او جنهن جون اکيون رب رکيون الا... هو جمالو
او هيءَ سنڌڙي سنهڙي لال جي... هو جمالو
او جنهن ۾ روضو لال لطيف جو... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري سچ آ... هو جمالو
او هيءَ سنڌ سموري شاھ جي... هو جمالو
او هيءَ سنڌڙي سهڻي لال جي... هو جمالو
او جيڪو سکر واريءَ پل تي... هو جمالو
او جيڪو موري واريءَ پل تي... هو جمالو
او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو
او جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو
او جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾... هو جمالو
او جنهن کي سونو ڪنگڻ هٿ ۾... هو جمالو
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾... هو جمالو
هو جمالو هو هو جمالو... واهه واهه جمالو

ڪيٽيگري: لوڪ گيت ڪيٽيگري:ثقافت