نئيگ شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نيئنگ کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نئيگ شريف جي ماٿري

نئيگ شريف انگريزي ٻولي (Naig Sharif) سنڌ جي ڄامشوري ضلعي، جي سيوهڻ شريف تعلقي ۾ هڪ قديم ڳوٺ ۽ ماٿري آهي.[1] سنڌ ولين ۽ بزرگن جي سرزمين سان گڏ خوبصورت ماڳن ۽ ماٿرين جي ڌرتي آهي. اهڙن خوبصورت ماڳن ۽ ماٿرين منجهان نئيگ شريف به انتهائي خوبصورت ماڳ ۽ حسين ماٿري به آهي ته جيلاني خاندان جي رُوحاني تبليغ جو مرڪز به آهي. نئيگ کي جيلاني خاندان طرفان مسڪن بڻائڻ کان پوءِ ئي هن ماٿريءَ کي شرف حاصل ٿيو جو نئيگ شريف سڏجڻ لڳي. نئيگ شريف جي ماٿري چؤ طرف حسين ترين ۽ دلفريب نظارن ۾ گھيريل ماٿري آهي. نئيگ شريف جو ڳوٺ ۽ ماٿري ڊگھن کجيُن ۽ گھاٽن بڙن جي وڻن جي من موهينيدڙ منظرن جي دلڪشي جي ڪري ٻاهران ايندڙ تي سحر انگيز ڪيفيتُون طاري ڪري ڇڏي ٿي. وهندڙ چشمن ۽ وڻراهه جي سُونهن ڏسي ماڻهو خودبخود وَجُد ۾ اچي وڃي ٿو. منظرن جي خوبصورتي نظرن کان ٿيندي رُوح جي پاتال تائين پهچي هر ماڻهو کي مسحُور بڻائي ڇڏي ٿي. ماڻهو محسُوس ڪندو آهي ته ڄڻ جنت جي ٽِڪري تي پُهچي ويو هجي. نئيگ شريف جو ڳوٺ ۽ ماٿري اول دادو ضلعي ۾ هُئي پر هاڻ هيءُ حُسناڪيءَ جو مظهر ماڳ موجوده ڄامشورو ضلعي جي سرحدن ۾ اچي وڃي ٿو. اولهه ۾ بلوچستان جو ضلعو خضدار ڊويزن قلات ۽ ضلعو لسٻيلو ڊويزن مڪران سرحدي اٿس.

نئيگ نالي جو پسمنظر[سنواريو]

نِنگھ يا نِهِنگ وانگر نئيگ شريف جي حَسِين ماٿري

نئيگ شريف جي ماٿري سيوهڻ شريف کان اٽڪل 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڀِت جبل جي اوڀر۽ بڊو جبل جي اولهه ۾ واقع آهي. نئيگ شريف جي خوبصورت ماٿري تي نئيگ نالو ڪيئن پيو؟ اهو سوال اڻ جوابيل آهي پر ڪجهه حقيقتن جي روشنيءَ ۾ غور ڪري سگهجي ٿو. انگريزن جي دؤر ۾ ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان جي ماهر آڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوجنائن جي سلسلي ۾ نئيگ شريف منجهان به گذريو هو. پنهنجي ڪتاب “ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ” ۾ نئيگ شريف کي نهنگ لکندي ان جي نالي بابت لکي ٿو ته “نئيگ ڳوٺ تي نالو نئيگ نئي پويان پيل آهي”. [2] سندس ڳالهه وزنائتي آهي پر سوال اهو به اُڀري ٿو ته نئي نئيگ تي نئيگ نالو ڪيئن پيو؟ انهيءَ لاءِ راءِ آهي ته ڳوٺ نئيگ شريف يا ماٿري تي نالو ڳوٺ يا ماٿريءَ جي جاگرافيائي بيهڪ سبب پيل ڀانئجي ٿو. ڪنهن ٽڪريءَ تي بيهي نئيگ شريف تي نگاهه وجهبي ۽ غور ڪبو ته اُها هيٺ يا هيٺاهينءَ ۾ نِنگهه يا نِهِنگ نموني نظر ايندي. سنڌيءَ ۾ زمين ۾ ٺاهيل وڏِي اُکريءَ کي نِنگهه چئبو آهي. پرمانَند ميوا رام پنهنجي انگريزي-سنڌي لُغت صفحي 599 تي نِنگهه جي معنى A hole in ground ڏني آهي جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي هڪ جلدي سنڌي لُغت ۾ صفحي 686 تي نِنگهه جي معنى “اَنُ ڇَڙڻُ لاءِ زمين ۾ ٺاهيل اُکرِي ” درج ڪئي آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن مشينري متعارف نه ٿي هُئي ته ماڻهو اَنُ خاص طور سارِيُون ڇڙڻ لاءِ زمين ۾ وڏي اُکري جوڙيندا هُئا جنهن ۾ اَنُ يا ساريون وجهي ڇڙيندا هُئا. اَنُ ڇهه يا ست عورتون گڏجي مُهريُن سان ڇڙينديون هُيون. نِنگهه لفظ اصطلاحي طور گهڻي هجڻ باوجُود نه ڀرجڻ واري معنى ۾ به ڪم ايندو آهي ڇاڪاڻ ته اُها اُکري تمام وڏي ٿيندي هُئي. سنڌ جي ڪن علائقن ۾ نِنگهه جو اُچار نِهِنگ به مُروِج آهي. تاج صحرائي ۽ اين. جي. مجمدار پنهنجن ڪتابن ۾ نئيگ کي نهنگ درج ڪيو آهي. ان پسمنظر ۾ راءِ جُڙي ٿي ته ڳوٺ نئيگ شريف يا ماٿري مٿاهينءَ کان نِنگهه يا نِهِنگ وانگر نظر اچي ٿي جنهن ڪري ڳوٺ يا ماٿريءَ کي نِنگهه يا نِهنگ ڪوٺيو ويو . وقت گذرڻ سان نِهِنگ بدلجي نئيگ ٿي وِيَل ڀانئجي ٿو. نئي نئيگ جو وهڪرو به هن ڳوٺ ۽ ماٿري وٽان آهي جنهن سبب وهندڙ نئي جو نالو پڻ نئيگ سڏجڻ ۾ آيو.

تاريخي ماڳ[سنواريو]

نئيگ ماٿري ۾ قديم ماڳ لکمير جي ماڙي
نئيگ شريف ۾ ٻُڌمت جو قديم ٺُلھ

سنڌ نهايت قديم آهي. سنڌ جا ڪي ماڳ اهڙا آهن جيڪي قديم آثارن جي ماهرن جي تحقيق کان اوجهل رهيا آهن جن ۾ نئيگ شريف به شامل آهي. اين جِي مَجُمدار نئيگ شريف تي مُفصل کوجنا نه ڪري سگهيو جيڪو هن پنهنجي ڪتاب “ايڪپلوريشنس اِن سنڌ” ۾ ذڪر ڪيو آهي پر سندس کوجنيڪ نظر ۽ ڄاڻ منجهان نئيگ شريف جي ماٿري ضرور گذري. ۽ لکمير جي ماڙي واري ماڳ جي نسبت سان راءِ ڏنائين ته هيءُ ماٿري آثار قديمه جي ڪئلڪوليٿڪ دور جي قديم ماٿري آهي. قديم آثارن جي ماهرن جي کوجنائن موجب نئيگ شريف جي ماٿري جي آس پاس ۽ اُتر ۾ فريدآباد تائين کوڙ اهڙا ماڳ آهن جن جي قدامت به نئيگ شريف جي قدامت جي پٺڀرائي ڪري ٿي. نئيگ شريف جي قريب تر ڪجهه ماڳن جي ذڪر سان به پتو پوندو ته نئيگ شريف جي ماٿري قديم آهي. نئيگ شريف جي اُتر ۾ لڳ گُرانڊيءَ جا ٻه دڙا ۽ ميسارجي ويل ٺُلهه (Stupa)، اوڀر ۾ ڪائي جي قديم ترين ماٿري، جتي پٿر جي دوؤر جي نشاندهي ڪندڙ ست گھرِيُون يا غارُون آهن. مَنڇَر ڪناري قديم ماڳ به نئيگ شريف جي ماٿريءَ کان پري نه آهن. اڪثر ڪري دنيا جي قديم ترين تهذيبن، تمدن ۽ تاريخن جي آثارن سمنڊن، دريائن، ڍنڍن يا پاڻي جي چشمن ڀرسان جنم ورتو. نئيگ شريف جي ماٿريءَ ۾ پاڻي جا اڻ کُٽ چشما به آهن ته زرخيز زمين پڻ آهي. هن ماٿري ۾ ٻه ماڳ ئي ماٿريءَ جي قدامت تي روشني وجهن ٿا. نئيگ شريف جي ماٿريءَ ۾ ڳوٺ کان ڏکڻ طرف لڳو لڳ لکمير جي ماڙي وارو قديم ترين دڙو نئيگ شريف جي قدامت جي ساک ڀري ٿو. کوجنا وسيلي ماڙيکڙ دڙي (غازي شاهه جو دڙو)، ڪلوئي دڙو (علي مراد / بهليل شاهه)، ڪوٽيرو دڙو (واهي پانڌي) ۽ گُرانڊي جي دڙن جي هم عصر تهذيب جا نمايان آثار ظاهر ٿي سگهن ٿا.نئيگ شريف جي ڳوٺ کان اولهه ۾ ٽڪريءَ تي ٻُڌمت جو ٺُلهه (Stupa) موجود آهي جيڪو هن ڳوٺ ۽ ماٿريءَ جي قدامت کي نمايان ڪري ٿو. سنڌ ۾ ٻُڌمت موريا گهراڻي ۾ ڦهليو ۽ عروج کي رَسيو. آسُوڪا ( اشوڪا) 337 ق.م ۾ سنڌ ۾ ٻُڌمت پکيڙيو جنهن جو اثر نئيگ جي ماٿري تائين رسيو. راءِ گهراڻو به ٻُڌمت جو قائل هو. برهمڻ گھراڻي ۾ مَنڇَر کان سِبِي تائين وارو ميداني ۽ دريائي علائقو ٻُڌيا پرڳڻي جي نالي سان چچنامي ۾ درج ٿيل آهي. برهمڻ گهراڻي جي دؤر ۾ ٻُڌمت هندوازم ۽ برهمڻ ازم جي عتاب جو شڪار رهيو. 712ع ۾ عربن جي فتح کان 1000ع تائين سنڌ ۾ ٻُڌمت جو اثر رهيو. ان کان علاوه نئيگ شريف جي اولهندين ٽڪرين تي قبرُن جي اڏاوت ۽ طرز سمن ۽ سومرن جي دؤر جي نشاندهي ڪن ٿيون. نئيگ شريف جي اُتر ۾ قديم ڪوٽ جا آثار ۽ ٽڪرين تي اڏاوت کان رهجي ويل قديم ڪوٽ به نئيگ شريف جي قدامت جو ضامن آهي. رني ڪوٽ، ڪائي، نئيگ-گاجي شاهه رستي ڀرسان، هليلي ۽ واهي پانڌي جي ڏکڻ ۾ رحيم شاه جي قبرستان ڀرسان نئي ڪُڪڙاني جي ڪناري تي موجُود ڊگھين قبرن جهڙيون قبرون نئيگ شريف ۾ به آهن. مقامي روايتن موجب اهي ڊگھيُون قبرُون اصحابين جون قبرون سڏجن ٿيون،[3][4][5]

سيد قمبر علي شاھ جي مزار[سنواريو]

پير سيد قمبر علي شاھ جي مزار

نئيگ شريف جي جيلاني خاندان جي صدري روايتن موجب پيرسيد قمبر علي شاهه جيلاني اول پنهنجي والد پير سيد ڇتن شاهه جيلاني سان گڏجي لال شهباز قلندر واري زماني ۾ ايران کان عراق ۽ اتان کان بلوچستان ۾ آيا . پوءِ بلوچستان منجهان سنڌ جي ڳوٺ نئيگ شريف ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون. نئيگ شريف ۾ پير سيد قمبر علي شاهه جي مزار تي هر سال ٻين، ٽين ۽ چؤٿين ذوالحج تي ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ دڪانن لاءِ مفت پلاٽ مهيا ڪيا ويندا آهن. پهرين ڌمال جي موقعي تي موجوده گادي نشين غلام شاهه جيلاني مزار تي چادر چاڙهي تقريبات جو باقاعدي افتتاح ڪندو آهي. ڌمال به ٿيندي آهي جنهن ۾ميندي پڻ کڄندي آهي. هن تقريب ۾ خليفن سان گڏ گادي نشين به هوندو آهي. پهرين ڌمال تي رات جو اسلامي خطاب ۽ واعظ ٿيندو آهي. هن تقريب ۾ ملڪ جا اهم نعت خوان ۽ عالِم شريڪ ٿيندا آهن. وِچين ڌمال کان پوءِ پير سيد قمبر علي شاهه جي مزار جي احاطي ۾ ڌمال پيش ڪئي ويندي آهي. ميلي ۾ ملاکڙو به لڳندو آهي.

شاهه لطيف جو تڪيو[سنواريو]

نئيگ شريف ۾ شاھ لطيف جو تڪيو

نئيگ شريف ۾ حضرت علي رضه سان منسوب کوهه ڀرسان سنڌ جي عظيم شاعر ۽ صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تڪيو آهي. سندن تڪيئي بابت روايت آهي ته شاهه لطيف نئيگ شريف ۾ آيا ۽ کوهه جي ڪناري چله ڪشي ڪيائون ۽ نماز ادا ڪيائون. انهي جڳهه تي تڪيو جوڙيل آهي جيڪو نئيگ شريف ۾ عام خاص جي زيارت جو مرڪز آهي.

حضرت علي سان منسوب کوھ[سنواريو]

حضرت علي رضه سان منسوب کوھ

نئيگ شريف ۾ اونهي چشمي نما کوهه آهي جيڪو صدين کان حضرت علي ڪرم الله وجه سان منسوب آهي.هونئن به نئيگ شريف جي سڄي ماٿري حضرت علي ڪرم الله وجه سان منسوب ٿيل آهي ۽ مريدن وٽ صدين کان اِهو ئي تذڪرو رهندو آيو آهي. کوهه جو پاڻي نهايت شفاياب، مٺو ۽ گرم پڻ آهي. معتقدن چواڻي ته کُوهه جي ڪناري جڏهن علي علي ۽ حيدر حيدر جا نعرا گونجندا آهن ته پاڻي ۾ لرزش ۽ لهرون پيدا ٿينديون آهن ۽ اهو جوش ۾ اچي چڙهڻ لڳندو آهي. اڪثر مريد ۽ زائرين اچي زيارت ڪندا آهن ۽ نعرا هڻندا آهن. هن کُوهه جي ڪناري شاهه لطيف جو تڪيو ۽ نماز گاهه پڻ آهي. هت چشمن جي پاڻي تي زمين پڻ آباد ٿيندي آهي. آبادي ڪندڙن کان ڪو به آبياڻو ورتو نه ويندو آهي. چشمن جي پاڻي تي چڪي پڻ هلندي آهي جنهن تي اَنُ پِيٺو ويندو آهي. صدين کان حضرت علي رضه سان منسوب کوهه نئيگ شريف جي ماٿري ۾ اهم ترين زيارت گاهه آهي.

مائي روهي[سنواريو]

نئيگ شريف ۾ مائي روهيءَ جي مزار

نئيگ شريف ۾ هڪ روهي آهي جنهن لاءِ رويت آهي ته هڪ عورت هئي جنهن کي حضرت علي پنڊ پهڻ بنايو هو. نئيگ شريف ۾ هن وقت مائي شاهه روهي جي نالي سان زيارت گاهه آهي. سندس مزار پڻ موجود آهي. لاهُوت ويندڙ قافلا مائي شاهه روهي جي حاضري ڀري ۽ خيراتون ڪري پوءِ لاهوت لامڪان ويندا آهن. مائي شاهه روهي جي مزار تي روٽ پڻ ڪنندا آهن. جيڪي ماڻهن ۾ ورهايا ويندا آهن روايتن مطابق جيڪو لاهوتي مائي شاهه روهي جا روٽ نه ورهائيندو آهي اهو مڪمل لاهوتي نه ٿي سگهندو آهي.

زراعت، باغ ۽ جانڊھ[سنواريو]

چشمي جي پاڻي تي هلندڙجانڊھ

نئيگ جي ماٿري ۾ قدرتي چشمن جو پاڻي جام آهي. جنهن تي نه صرف باغ آهن پر مختلف فصل به ٿيندا آهن. چشمن جي پاڻي تي جانڊھ يا چڪي به هلندي آهي جنهن تي انُ پيٺو وندو آهي. تاريخ مظر شاهجهاني جو مصنف نئيگ کي نار لکيو آهي جتان مغل حڪمرانن ڪي گدرا ۽ ڇانهيون سوکڙي طور موڪليون وينديون هيون. هن وقت به نئيگ شريف جي ماٿري ۾ گدرا، ڇانهيون، جِيرو، مڱ، موٺ تر، جوئر ۽ ڪڻڪ جا فصل ٿين ٿا.

حوالا[سنواريو]