نور اظهر جعفري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


سيد نور اظهر جعفري (انگريزي: Syed Noor Azhar Jaffry، جنم: 1945ع، وفات: 5 فيبروري 2020ع) ريڊيو پاڪستان جو مشهور پروڊيوسر ۽ ڪمپيئر هو.

سيد نور اظهر جعفريءَ جو جنم 1945ع ۾ ڀارت جي شهر اجمير شريف ۾ ٿيو. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي مائٽن سان گڏ حيدرآباد جا وڻ اچي وسايائين. هن ڇوٽڪي گهٽيءَ وٽ بولچند محل ۾ رهائش اختيار ڪئي[1].

نور اظهر جعفريءَ هڪ انائونسر جي حيثيت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي، جتان پوءِ پروڊيوسر مقرر ٿيو. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان علاوھ ڪراچي، خيرپور، خضدار ۽ ٻين اسٽيشنن تي پروڊيوسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 2005ع ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان رٽائر ٿيو.

هو پروڊيوسر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪمپيئر پڻ هو. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪئين يادگار پروگرام ڪيا. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا جي دور ۾ آغا سليم پاران اردوءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا سڀئي سُر تحت الفظ رڪارڊ ڪرايا.

سيد نوراظهر جعفريءَ 5 فيبروري 2020ع ۾ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. حيدرآباد ۾ سنڌ جو ناميارو براڊڪاسٽر سيد نور لاڏاڻو ڪري ويو[مئل ڳنڍڻو]، پنهنجي اخبار، 06 فيبروري 2020ع
  2. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اڳوڻو ڊپٽي ڪنٽرولر نور اظهر جعفري لاڏاڻو ڪري ويو، روزاني ڪاوش حيدرآباد، 06 فيبروري 2020ع