مواد ڏانھن هلو

محمد خان مجيدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد خان مجيدي (انگريزي:Muhammad Khan Majeedi) سنڌ جو نرالو عوامي شاعر هو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

محمد خان مجيدي قيصر خان جتوئي جي گهر ۾ 5جنوري 1918ع تي جھوڪ شريف ويجهو ڳوٺ شادمان جتوئي، ٺٽو ضلعو جي ميرپور بٺورو تعلقو ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو. 1925ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو.[1][2][3]

تعليم ۽ ڪرت

[سنواريو]

محمد خان مجيدي 1932ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيو. هيءُ 1934ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 1976ع ۾ نوڪري تان سجاول شهر جي اسڪول مان رٽائر ٿيو. [1]

شاعري

[سنواريو]

محمد خان مجيدي، شاعريءَ جي شروعات 1937ع ۾ فائينل سنڌي جي پڙهڻ دوران ڪئي ۽ هن باقاعده شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو علم عروض سکيو. اول هن ايم جتوئي جي قلمي نالي سان شاعري ڪئي بعد ۾ مجيدي تخلص اختيار ڪيائين. سندس پهريون شعر 1938ع ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ شايع ٿيو. [1] کيس سندس وفات کان پوءِ 14 آگيٽ 2012ع تي حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي ڏنو ويو.[4]

ڪتاب

[سنواريو]

مجيدي جي شاعري تي مشتمل سندس پهريون ڪتاب سنڌڙي ۽ ان جون قومون 1962ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو شاعري جو ٻيو ڪتاب مٽي منهنجي مٽي آهي 2000ع ۾ شايع ٿيو.

وفات

[سنواريو]

محمد خان مجيدي 7اپريل 2003ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb. Retrieved 2020-01-01. آرڪائيو ڪيا ويا 2021-01-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Poetry)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-01-01 تي حاصل ڪيل.
  3. "محمد خان مجيدي : مٽي جي خوشبو مجيدي". SindhSalamat. 2020-01-01 تي حاصل ڪيل.
  4. "صدر کا 192 سول اعزازات کا اعلان فوجی اعزاز حاصل کرنے والے افسروں، جوانوں کی فہرست بھی جاری". Nawaiwaqt (اردو ۾). 2012-08-14. 2020-02-01 تي حاصل ڪيل.