عبدالحڪيم ارشد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌيءَ ٻوليءَ جو نامور شاعر عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير، 13 جون 1939ع تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (بينظير -آباد-) ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ اديب سنڌي ۽ اديب مولوي جا امتحان ڏئي، 1964ع ۾ -تعليم- کاتي ۾ -استاد- مقرر ٿيو، جتان 28 ڊسمبر 1998ع تي رٽائر ٿيو. عبدالحڪيم ارشد 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. -ان- کان سواءِ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ به ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد، پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر آهي. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جي هڪ گيت ’چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘ وحيد علي جي آواز ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاهه 1995ع شايع ڪيو. جڏهن ته سندس قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آجپي جي گيت جهڙي شاعري ڊسمبر 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس شاعريءَ تي محمد ابراهيم جويي، مير محمد پيرزادي، پروفيسر عبدالله مگسي، -تاج- جويي، عبدالرحمان منگي، راشد مورائيءَ تفصيلي طرح لکيو آهي کيس جديد دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]