نال تعلقو
نال Naal نال | |
---|---|
قصبو/تعلقو | |
نال، بلوچستان ۾ کجور جي وڻن جو سانجهي جو منظر | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ضلعو | خضدار |
بلديا | نال ٽائون |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 130,897[1] |
نال (Naal) بلوچستان، پاڪستان جي ضلعي خضدار جو سڀ کان وڏو تعلقو آهي، جنهن جي اندازي مطابق ايراضي 4,413 چورس ڪلوميٽر آهي.[2] نال بلوچستان جي ضلعي خضدار، قلات ڊويزن ۾ واقع آهي. هڪ قديم آثار قديمه جو ماڳ نال تعلقي جي نال شهر ۾ واقع آهي. [3][4][5][6]
آثار قديمه
[سنواريو]هڪ اهم قديم آثار وارو ماڳ سور ڊمب (Sohr Damb) ڀرسان واقع آهي. هي ماڳ 3800 کان 2000 ق.م. کان اڳ واري تاريخي ماڳ آهي. علائقي ۾ کوٽائي جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن. کوٽائي مختلف دورن ۾ ٿيندي رهي آهي، مثال طور هيرالڊ هارگريوز 1924ع ۾ هڪ کوٽائي پارٽي جي اڳواڻي ڪئي.
سياسي منظرنامو
[سنواريو]نال جي اهم شخصيتن ۾ مير غوث بخش بزنجو، مير حاصل خان بزنجو ۽ سردار محمد اسلم بزنجو شامل آهن.
معيشت
[سنواريو]وادي ۾ آمدني جو مکيه ذريعو چوپائي مال (رڙيون) (Livestock)، زراعت ۽ کاڻن (Mining) ذريعي آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]نال تعلقو | |
---|---|
تعلقو | |
Nal Tahsil | |
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′11″N 66°06′15″E / 27.56972°N 66.10417°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ضلعو | خضدار ضلعو |
صدر مقام | نال شھر |
آبادي (2017) | |
• ڪل | [7] |
نال تعلقو (Nal Sub district) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي خضدار جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام نال شھر آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Naal (Sub Tehsil, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de.
- ↑ "Nal (Sub Tehsil, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de.
- ↑ "High Commission for Pakistan, London". www.phclondon.org. حاصل ڪيل 2019-07-26.
- ↑ "History | Pakistan Embassy Tunis". pakistanembassytunis (ٻولي ۾ French). حاصل ڪيل 2019-07-26.
- ↑ "Proto-Historic Objects from Balochistan". www.harappa.com. حاصل ڪيل 2019-07-26.
- ↑ "BALUCHISTAN i. Geography, History Ethnography – Encyclopaedia Iranica". www.iranicaonline.org. حاصل ڪيل 2019-07-26.
- ↑ - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82405