سور دمب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سور دمب (ڳاڙهو دڙو)، (3800 BC - 2300 BC)،[1]بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ نال شهر جي ڀرسان هڪ آثار قديمه وارو ماڳ آهي، جنهن جي تهذيب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان به پراڻي آهي، جو ٽوگاو، ڪلي گل محمد ۽ ڪيچي بيگ برتن سازی جي نمائندگي ڪن ٿا. [2] سفيد رنگ تي ناسي رنگ ۾ سينگاريل پيالو، نال مٽيءَ جی برتن سازی جو هڪ نمونو، جيڪو سور ڊمب دڙي (2300 ق. م - 3800 ق. م) مان مليو. هاڻي برطانوي عجائب گھر، لنڊن ۾۔

ان کي نال، بلوچستان به سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو نالو هڪ پراگاڻيڪ تھذیب آمری۔نال آهي.نال ان تهذيب جي نالي تي رکيو ويو آهي جيڪا آمري ۽ نال ٻنهي تهذيبن جي گڏيل جاء آهي.

هيءَ ماڳ اٽڪل 4.5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ دڙو، جيڪو جيولوجيڪل بناوت آهي، 13 ميٽر اوچو آهي. قديم تهذيب جا آثار ٻن ميٽرن جي اونهائي کان شروع ٿين ٿا ۽ کوٽائي دوران چئن مختلف دورن جا نشان مليا آهن، جن کي اڳتي هلي ذيلي دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. Görsdorf, Jochen, and Ute Franke-Vogt, (2007). "Implication of Radiocarbon Dates from Sohr Damb/Nal, Balochistan" آرڪائيو ڪيا ويا 2022-10-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., in Radiocarbon, Vol 49, Nr 2, 2007, pp. 703–712.
  2. Görsdorf, Jochen, and Ute Franke-Vogt, (2007). "Implication of Radiocarbon Dates from Sohr Damb/Nal, Balochistan" آرڪائيو ڪيا ويا 2022-10-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., in Radiocarbon, Vol 49, Nr 2, 2007, pp. 703–712.