ميقات
ڏيک
ميقات (انگريزي ٻولي: Meeqath) مان مراد اھا خاص ۽ مقرر ٿيل جڳھ آھي جتي احرام ٻڌڻ کانسواءِ مڪي ۾ وڃڻ جائز ناھي[1]. ڪنھن بہ ڪم سان مڪي ۾ ڪوبه جڏهن ويندو آهي تہ ان لاءِ لازم آهي تہ ميقات پھچي احرام ٻڌي[1]. احرام کانسواءِ ميقات کان اڳتي وڌڻ مڪروه تحريمي آھي[1]. اها جڳهه آهي، جتان حج يا عمري تي ويندڙن کي احرام ٻڌڻ ضروري هوندو آهي. حضرت محمد ميقات لاءِ پنج جڳهون مقرر ڪيون هيون، پر بعد ۾ هندوستان توڙي اوڀر ايشيا مان حج تي ايندڙن لاءِ ڇهون ميقات مقرر ڪيو ويو. مڪي جي رهاڪن لاءِ سندن گھر يا مسجد الحرام ميقات هوندو آهي.
ميقات جون ڇهه جڳهون:
- ذوالحليفه، مديني مان ايندڙ حاجين لاءِ مقرر ميقات
- رابغ، شام مان ايندڙن لاءِ مقيات
- قرن المنازل، نجد مان ايندڙ لاءِ مقرر ڪيل مقيات
- يلملم، يمن مان ايندڙ لاءِ ميقات
- ذات عرق، عراق مان ايندڙ لاءِ ميقات
- براهيم مرسيا، هندوستان، پاڪستان ۽ اوڀر ايشيا جي لاءِ مقرر ميقات
حوالا
[سنواريو]هوگز, ٿامس پيٽرڪ (1994). اسلام جي ڊڪشنري. شڪاگو: قاضي پبليڪشن آمريڪا. ISBN 0-935782-70-2.