احرام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
1893م احرام جي لباس ۾ مرد ۽ عورت

لفظي معنيٰ ’حرام ڪري ڇڏڻ‘[1]. حج جي نيت ڪري حج جو لباس پائڻ ۽ تلبيه پڙھڻ کي احرام چوندا آهن[2]. حج يا عمري جي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ ميقات (منزل) کان اڳ ٻه اڻ سبيل ڪپڙا اوڍڻ، ۽ ڪن مباح ڪمن کان حج يا عمري ادا ڪرڻ کان اڳ پرهيز ڪرڻ[1]. هڪڙي چادر سان گوڏ ٻڌڻ ۽ ٻي چادر سان پُٺا ڍڪڻ، پر مٿو اُگهاڙو رهندو آهي. ’-احرام- ٻڌڻ‘ يعني عام لباس لاهي، وهنجي سهنجي، ٻه اڻ سبيل ڪپڙا اوڍڻ. اُن کان پوءِ حج يا عمري جي نيت ڪرڻ[1]. جھڙي طرح نماز ۾ تڪبير تحريمه چوڻ کان پوء کائڻ پيئڻ، گھمڻ ڦرڻ سڀ حرام ٿي ويندو آهي اھڙي طرح احرام ٻڌڻ سان ڪيترن ئي ڪمن ڪرڻ کان منع ٿي ويندي آهي جيڪي اڳ ۾ مباح ھوندا آھن جنھن ڪري ان کي احرام چوندا آهن[2]. جيڪو ماڻھو فقط حج جو احرام ٻڌي ان کي مفرد چوندا آهن ۽ اھڙي حج کي حج افراد چوندا آهن[2]. احرام ان فقيراڻي لباس کي چوندا آهن جيڪو ڪعبي جي زيارت لاء پھريو ويندو آهي[3]. ڪعبي جي چوڌاري ڪيترين ئي منزلن تي حدون مقرر ڪيون ويون آهن جتان ان لباس کان سواءِ ڪعبي طرف اچڻ جي اجازت ناھي[3]. ان لباس م ھڪ تھمت ۽ ھڪ چادر ھوندي آھي. ان کي احرام ان ڪري چوندا آهن جو ان لباس پائڻ سان اھي شيون حرام ٿي وينديون آهن جيڪي حلال آھن مثلاً حجامت، خوشبو جو استعمال، ھر قسم جي زينت ۽ سينگار، شھوت وغيره ان کان سواءِ شڪار ڪرڻ منع ھوندو آھي[3].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 - احرام : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 299، 306
  3. 3.0 3.1 3.2 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 437,438